ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ في تولي سون جي اگهه ۾ 7800 رپين جي وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 7800 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 4 لک 96 هزار 762 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن جو جو چوڻ آهي ته 10 گرام سون جو اگهه به 6 هزار 687 رپيا واڌ سان 4 لک 25 هزار 893 رپيا ٿي ويو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 78 ڊالر اضافي سان 4744 ڊالر في اونس ٿي وئي آهي.