ڪراچي(رپورٽر) شيما ڪرماني ۽ عورت انساني حقن جي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ بدسلوڪي جي الزام ۾ پوليس آفيسرن کي معطل ڪيو ويو.سنڌ جي گهرو وزير واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته عورتن جي عزت ۽ حقن جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو.شيما ڪرماني ۽ عورت انساني حقن جي ڪارڪنن جي گرفتاري ۽ بدسلوڪي جي الزام ۾ پوليس آفيسرن کي معطل ڪيو ويو آهي. ڊي ايس پي صدر ناصر آفريدي، ايس ايڇ او وومين حنا مغل ۽ ايس ايڇ او آرٽلري ميدان پوليس اسٽيشن نديم حيدر کي معطل ڪيو ويو آهي.سنڌ جي گهرو وزير واقعي جي جاچ جو حڪم ڏنو. سنڌ جي گهرو وزير ضيا لنجار چيو ته اختيارن جي غلط استعمال لاءِ زيرو ٽالرنس پاليسي آهي. هن واضح ڪيو ته عورتن جي عزت ۽ حقن جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو ويندو.