ڪڻڪ خريداري ۾ ڪرپشن يا بدعنواني برداشت نه ڪئي ويندي:محبوب الزمان

ڪراچي (رپورٽر) خوراڪ واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي صدارت هيٺ خوراڪ کاتي جو اعليٰ سطحي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ڪڻڪ خريداري مهم کي شفاف، موثر ۽ آبادگار دوست بڻائڻ لاءِ اهم پاليسي فيصلن ۽ عملي قدمن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو، جڏهن ته  پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير سنڌ جي هدايتن جي روشني ۾ جاري سڌارن ۽ شفافيت جي عمل تي به غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ سيڪريٽري خوراڪ سنڌ، سمورن ڊويزنل ڪمشنرن ۽ خوراڪ کاتي جي سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي، جڏهن ته مختلف ضلعن ۾ جاري خريداري عمل جي ڪارڪردگي بابت جامع بريفنگ ڏني وئي، سيڪريٽري خوراڪ اجلاس کي آگاهه ڪيو ته صوبي ۾ ڪڻڪ خريداري مهم جاري آهي، پر ڊجيٽل پيمنٽ سسٽم ۾ ويڙيفڪيشن جي عمل سبب خريداري جي رفتار عارضي طور سست رهي، هن وقت تائين لڳ ڀڳ پنج لک ڪڻڪ جون ٻوريون خريد ڪيون ويون آهن ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ هن عمل کي وڌيڪ تيز ڪيو ويندو، صوبائي وزير پنهنجي خطاب ۾ واضح ڪيو ته ڪڻڪ خريداري ۾ ڪنهن به قسم جي ڪرپشن، بدعنواني يا غير شفاف عمل کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو، هن زور ڀريو ته خريداري جو عمل سست ٿي سگهي ٿو پر شفافيت تي ڪو به سمجھوتو نه ڪيو ويندو ۽ اها ئي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن هدايت ڪئي ته سمورن ڪڻڪ خريداري مرڪزن تي ضلعي انتظاميا جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شفافيت برقرار رهي ۽ آبادگارن جو اعتماد بحال ٿئي، حڪومت سنڌ پاران هاري ڪارڊ هولڊرز کي سبسڊي ۽ خاص سهولتون فراهم ڪيون ويون آهن ته جيئن آبادگارن کي سڌو فائدو ملي سگهي، جڏهن ته جيڪي آبادگار حڪومت کي ڪڻڪ فراهم نه ڪندا، انهن کي مستقبل ۾ سبسڊي نه ڏني ويندي، مخدوم ڪڻڪ جي ذخيره اندوزي ۾ ملوث عنصرن خلاف فوري ۽ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، سڀئي ڪمشنر پنهنجي پنهنجي ڊويزنن ۾ زيرو ٽالرنس پاليسي تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين، جڏهن ته اينٽي ڪرپشن ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ذريعي به گڏيل ڪارروايون ڪيون وينديون، هن انڪشاف ڪيو ته ڪرپٽ آفيسرن خلاف اينٽي ڪرپشن ڏانهن ريفرنس موڪليا ويا آهن، جڏهن ته بدعنواني ۾ ملوث ڪيترن ئي آفيسرن کي نوڪري مان برطرف ڪيو ويو آهي ۽ وڌيڪ سخت قدمن تي به غور جاري آهي، صوبائي وزير خوراڪ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته ڪڻڪ خريداري مهم کي مڪمل طور شفاف، منظم ۽ آبادگار دوست بڻائڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا پيا وڃن ۽ ڪنهن به سطح تي بدانتظامي يا بي ضابطگين کي برداشت نه ڪيو ويندو، هن لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته خريداري مرڪزن جي سخت نگراني جاري رکي وڃي ۽ عوامي شڪايتن جي فوري ازالي لاءِ موثر نظام قائم ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.