حڪم مليو ته سڄو پاڪستان به بند ڪري ڇڏينداسين:سهيل آفريدي

مانسهره (م ڊ) ڪي پي جي وزيراعليٰ سهيل آفريدي چيو آهي ته جيڪڏهن عمران خان حڪم ڏيئي ته هو ۽ قوم سڄو پاڪستان بند ڪرڻ لاءِ تيار آهن، دهشت گردي خلاف آواز اٿارڻ تي کين ڪوڙو چيو وڃي ٿو، جڏهن ته معصوم ماڻهو شهيد ٿي رهيا آهن، سهيل آفريدي ڊويزن لاءِ 200 ارب رپين جي جامع ترقياتي پيڪيج جو اعلان ڪيو، جنهن ۾ 50 ارب رپيا صرف سياحتي منصوبن لاءِ رکيا ويا آهن، ان کان سواءِ مانسهره ۾ ميڊيڪل ڪاليج،  نرسنگ ڪاليج ۽ ٽراما سينٽر قائم ڪرڻ جو به اعلان ڪيو ويو، سهيل آفريدي چيو ته خيبر پختونخوا کي ليبارٽري بڻائي تجربا ڪيا پيا وڃن جنهن جو نقصان غريب عوام ڀوڳي رهيو آهي، هن دعويٰ ڪئي ته 180 سيٽون کٽيندڙ شخص کي قيد ڪيو ويو ۽ 17 سيٽون وارن کي عوام مٿان مڙهيو ويو آهي، جيستائين حقن لاءِ گڏ نه ٿينداسين تيستائين ظلم جاري رهندو، هن چيو ته هُن عمران خان جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي سندس پيغام پارٽي وڪيل ذريعي موڪليو آهي ته هو ۽ قوم تيار آهن، حڪم مليو ته سڄو پاڪستان به بند ڪيو ويندو، عمران خان جي ڪنهن به حڪم کان سواءِ نه ڪا ڳالهه ٻڌندس ۽ نه مڃيندس، سهيل آفريدي موجب سڀ آئيني ۽ قانوني رستا استعمال ڪيا ويا آهن پر عمران خان ۽ سندس گهرڀاتين کي ذاتي طبيب ۽ فيملي جي نگراني ۾ علاج ۽ ملاقات جون سهولتون نه پيون ڏنيون وڃن، تنهن ڪري هاڻي صرف احتجاج جو رستو بچيو آهي، هن چيو ته ايليٽ مافيا ڪڏهن به مڊل ڪلاس کي اڳتي نٿو ڏسڻ چاهي، پر عمران خان پهريون ڀيرو هڪ مڊل ڪلاس نوجوان کي وزيراعليٰ بڻايو آهي، آخر ۾ هن عوام ۽ ڪارڪنن کي خاطري ڪرائي ته هو عمران خان ۽ عوام جي اعتماد تي پورو لهندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.