جکراڻي خاندان ۾ هلندڙ تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ راضي نامي جون ڪوششون تيز

جيڪب آباد (ڊ ر) جکراڻي ڪٽنب ۾ هلندڙ تڪرار ختم ڪرائڻ لاءِ راضي نامي جون ڪوششون تيز ٿي ويون،  خالد جکراڻي جي پنهنجي وڏي ويڳي ڀاءُ ايم اي اي  اعجاز حسين جکراڻي سان ملاقات، معاملن کي نبيرڻ جون ڪوششون جاري، ڪا به حتمي اڳڀرائي سامهون نه آئي، جيڪب آباد ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم اين اي اعجاز حسين خان جکراڻي ۽ سندس ننڍي ويڳي ڀاءُ  آزاد خان جکراڻي وچ ۾ هلندڙ تڪرار کي گهٽائڻ ۽ ختم ڪرائڻ لاءِ جکراڻي برادري جا بااثر ۽ معزز ماڻهو سرگرم ٿي ويا آهن. ذريعن موجب ڀائرن وچ ۾ اختلاف ختم ڪرائڻ لاءِ خالد خان جکراڻي،  اعجاز حسين جکراڻي سان ملاقات ڪري اپيل ڪئي ته معاملن کي ڳالهين سان حل ڪيو وڃي ملاقات دوران ان ڳالهه تي  زور ڏنو ويو ته خانداني تڪرارن کي وڌيڪ وڌائڻ بدران راضي نامي جو رستو اختيار ڪيو وڃي، ذريعن موجب اڃا تائين ڪنهن حتمي اڳڀرائي جي تصديق سامهون ناهي آئي، علائقي ۾ صورتحال اڃا تائين ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته برادري جي ماڻهن اميد ظاهر ڪئي آهي ته جلد ئي هي تڪرار خير و خيريت سان حل ٿي ويندو. واضح رهي ته اعجاز حسين جکراڻي ۽  آزاد خان جکراڻي وچ ۾ اختلافن کان پوءِ ضلعي انتظاميا گذريل ڏينهن  آزاد خان جکراڻي جو بنگلو، پيٽرول پمپ ۽ ڪيترائي دڪان ڊاهي ڇڏيا هئا، جيڪڏهن معاملا حل نه ٿيا ته وڌيڪ ڪارروائين جو به امڪان آهي.

ذاتي معاملن کي سوشل ميڊيا جي زينت نه بڻايو وڃي:خالد جکراڻي

 

جيڪب آباد (عوامي آواز نيوز)  آزاد جکراڻي جون ملڪيتون حد دخليون ڄاڻائي ڊاهڻ واري معاملي تي آزاد جکراڻي جي وڏي ڀاءُ جو وڊيو بيان سامهون اچي ويو، خالد جکراڻي وڊيو بيان ۾ چيو ته اعجاز خان جکراڻي منھنجو ۽ آزاد خان جکراڻي سميت اسان جي خاندان جو وڏو آهي، اسان جي ذاتي معاملن کي سوشل ميڊيا جي زينت نه بڻايو وڃي، منهنجي وڊيو بيان جاري ڪرڻ جو مقصد اهو آهي ته سوشل ميڊيا تي جيڪو طوفان برپا ٿيل آهي  مير اعجاز خان ۽ آزاد خان جي باري ۾ ، مون ڪالهه هڪڙي لوڪل انتظاميا اسان جي جيڪب آباد جي، هڪ جنرل پاليسي تحت ڪا ڪارروائي ڪئي ۽ ان شئي کي خدا نه ڪري اعجاز خان جي انتقامي ڪارروائي يا ان ٽائپ جي شئي سان ان کي جوڙيو پيو وڃي، هرو ڀرو هڪ افواهه ۽ غلط فهميون هلايون پيون وڃن ته شايد هي مير اعجاز خان آزاد خان جي سان گڏ ڪا انتقامي ڪارروائي ڪري ٿو، جڏهن ته اها هڪ جنرل پاليسي هئي ان بابت لوڪل انتظاميا کان پڇي سگهجي ٿو، ان ۾ اسان جي خاندان جو يا مير اعجاز خان جو ان سان ڪو به تعلق ناهي، مان سوشل ميڊيا هلائيندڙن کي ۽ جيڪي به سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙ آهن انهن کي رڪيسٽ ڪرڻ چاهيان ٿو ته مهرباني ڪري اسان جي فيملي جي ذاتي ميٽر کي يا ڪو ايڏو ميٽر آهي يا ناهي، ان کي ايترو اڇلايو نه وڃي، ان تي  سياست نه ڪئي وڃي، يا وري اسان جي والد صاحب جا پراڻا ڪلپس هلائي يا ڪي سياسي ڪلپس هلائي انهن کي اسان جي خاندان جي مسئلن سان، فيملي جي ذاتي معاملن سان نه جوڙيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.