ڪراچي (رپورٽر ) سنڌ اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي سڄي سنڌ ۾ ملاوٽ ٿيل غير معياري ڀاڻ ۽ زرعي دوائون وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري انهن جا دڪان سيل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي۔ پي اي سي زراعت کاتي کي ڀاڻ ۽ جراثيم ڪُش دوائن جي ٽيسٽنگ لاءِ سنڌ جي هر ضلعي ۾ ليبارٽريون قائم ڪرڻ لاءِ سنڌ اسيمبلي مان قانونسازي لاءِ ڊرافٽ بل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي۔ جڏھن ته پي اي سي سنڌ جي 23 ضلعن ۾ ملاوٽ ٿيل غير معياري ڀاڻ ۽ جراثيم ڪُش دوائون وڪرو ڪندڙ 22 ڊيلرن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ جي انڪشاف تي انهن ڊيلرن جا نالا ۽ تفصيل طلب ڪري کين عام ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي۔پي اي سي جو اجلاس اربع تي چيئرمين نثار احمد کهڙو جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي ميمبرن سعديه جاويد، قاسم سومرو، طاحه احمد، سيڪريٽري پي اي سي محمد حسن شاهه، سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو سميت ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي۔اجلاس ۾ زراعت ،سپلاءِ اينڊ پرائسز کاتي سان لاڳاپيل 2024 ۽ 2025ع جي آڊٽ پيرائن جو جائزو ورتو ويو۔ اجلاس دوران آڊٽ پاران زراعت کاتي جي ڊائريڪٽوريٽ تي ڀاڻ ۽ جراثيم ڪُش دوائن کي ملاوٽ ۽ غير معياري هجڻ کان بچائڻ ۾ ناقص ڪارڪردگي ھجڻ تي اعتراض ڪيو ويو جنهن تي زراعت کاتي ٻڌايو ته جاچ دوران ڀاڻ جا 563 ۽ جراثيم ڪُش دوائن جا 581 سيمپل ورتا ويا جن مان 252 سيمپل ليبارٽري ٽيسٽ کان پوءِ ملاوٽ ٿيل ۽ غير معياري ثابت ٿيا ۽ سنڌ جي 23 ضلعن ۾ اهڙين شين جي وڪري ۾ ملوث 22 ڊيلرن خلاف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن۔ان تي چيئرمين پي اي سي نثار کهڙو کاتي کي چيو ته انهن 22 ڊيلرن جا نالا ۽ تفصيل پيش ڪيا وڃن ۽ اهو به ٻڌايو وڃي ته ڪيترن ڊيلرن جا دڪان سيل ڪيا ويا آهن؟ جنهن تي سيڪريٽري زراعت ٻڌايو ته کاتي وٽ دڪان سيل ڪرڻ جو اختيار موجود ناهي۔نثار کهڙو چيو ته جڏهن کاتو ايف آءِ آر داخل ڪرائي سگهي ٿو ۽ لائسنس معطل ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو ته پوءِ دڪان سيل ڇو نٿا ڪيا وڃن؟ نقلي ڀاڻ زراعت لاءِ تمام نقصانڪار آهي ڪميٽي ميمبر قاسم سومرو پڇاڻو ڪيو ته زراعت کاتي وٽ ڪوالٽي ڪنٽرول ليبارٽريون ڪيتريون آهن؟ جنهن تي ٻڌايو ويو ته لاڙڪاڻو، روهڙي ۽ حيدرآباد سميت رڳو 4 ضلعن ۾ 4 ٽيسٽنگ ليبارٽريون آهن چيئرمين پي اي سي چيو ته سنڌ جي هر ضلعي ۾ ٽيسٽنگ ليبارٽريون هجڻ گهرجن ته جيئن غير معياري ۽ ملاوٽ ٿيل ڀاڻ ۽ جراثيم ڪُش دوائن جي وڪري کي روڪي سگهجي۔ ڪميٽي سڄي سنڌ ۾ اهڙن ڊيلرن خلاف ڪريڪ ڊائون ڪري دڪان سيل ڪرڻ ۽ هر ضلعي ۾ ليبارٽريون قائم ڪرڻ لاءِ قانونسازي جو ڊرافٽ بل تيار ڪرڻ جي هدايت ڪندي، ملوث ڊيلرن جا نالا عام ڪرڻ جو به حڪم ڏنو۔اجلاس ۾ اهو به انڪشاف ٿيو ته زراعت، سپلاءِ اينڊ پرائسز کاتي وٽ شين جي قيمتن تي ڪنٽرول جو اختيار موجود ناهي۔ آڊٽ پاران اعتراض ڪيو ويو ته 2022 ۽ 2023ع دوران دادو ضلعي ۾ ربيع سيزن ۾ يوريا، ڊي اي پي ۽ ٻين ڀاڻن جي کوٽ ۽ بليڪ تي وڪرو ڪندڙ ڊيلرن خلاف زراعت کاتي ڪا ڪارروائي نه ڪئي۔زراعت کاتي وضاحت ڪئي ته خوراڪ جي شين سميت ڀاڻ ۽ جراثيم ڪُش دوائن جي قيمتن تي ڪنٽرول جو اختيار روينيو کاتي وٽ آهي ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر دادو ڇاپا هڻي بليڪ ۾ ڀاڻ وڪرو ڪندڙ 5 ڊيلرن تي 16 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو۔چيئرمين پي اي سي پڇيو ته شين جي قيمتن تي ڪنٽرول جي ذميواري زراعت ۽ سپلاءِ اينڊ پرائسز کاتي جي آهي يا نه؟ جنهن تي ٻڌايو ويو ته ميجسٽريٽ جا اختيار اسسٽنٽ ڪمشنرن کي ڏنل آهن، جيڪي قيمتن تي ڪنٽرول ڪن ٿا۔