ڪراچي (رپورٽر) دهشت گردي ٽوڙ جي خصوصي عدالت ارشاد رانجهاڻي قتل ڪيس ۾ ٻن اڳوڻن پوليس اهلڪارن جي عبوري ضمانت رد ڪندي کين گرفتار ڪري جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ڪراچي سينٽرل جيل ۾ قائم دهشت گردي ٽوڙ عدالت ۾ ٻڌڻي دوران عدالت قرار ڏنو ته ثبوتن مان جوابدارن جو واقعي سان لاڳاپو ثابت ٿئي ٿو ۽ ضمانت برقرار رکڻ لاءِ ڪا مناسب وجهه موجود ناهي، جوابدارن ۾ اڳوڻو سب انسپيڪٽر علي گوهر ۽ اڳوڻو ڪانسٽيبل الطاف علي شامل آهن، فريادي ڌر جي وڪيل موجب 2023 ۾ هڪ جوابدار کي سزا ملي چڪي آهي جڏهن ته ٻه جوابدار بري ٿيا هئا، جڏهن ته اهي جوابدار واقعي کان فيصلي تائين فرار رهيا ۽ پوءِ پيش ٿي عبوري ضمانت حاصل ڪئي هئي، پوليس موجب واقعي دوران مقتول کي پنج گوليون هنيون ويون هيون ۽ هاڻي وڌيڪ جاچ جاري آهي.