ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت 30 ارب رپين کان وڌيڪ جي ترقياتي، فلاحي ۽ اصلاحي ايجنڊا جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ، جنهن ۾ انفراسٽرڪچر، صحت، طرزِ حڪمراني، تعليم ۽ عوامي رليف لاءِ فنڊز، گرانٽس ۽ ادارياتي قدم شامل آهن۔اها منظوري ڪالهه اڱاري ڏينهن تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪابينا اجلاس جي صدارت هيٺ ڏني وئي، وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ترقياتي سرگرمين کي تيز ڪرڻ سان گڏ مهانگائي ۽ معاشي دٻاءَ کان متاثر ڌرين کي سڌو رليف فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي، صوبائي حڪومت هڪ ئي وقت انفراسٽرڪچر جي ترقي، سماجي تحفظ، صحت جي شعبي ۾ سڌارا، ڊجيٽل گورننس ۽ ادارياتي مضبوطي تي ڌيان ڏئي رهي آهي ته جيئن سڄي سنڌ ۾ عوامي خدمتن جي فراهمي کي بهتر بڻائي سگهجي۔وڏي وزير، ڪابينا جي منظوري سان، ڪراچي، ٺٽو، سجاول ۽ بدين ۾ صوبي جي مهاڻن کي فوري مالي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ 515 ملين رپين جي تيل جي رعائتي پيڪيج جي منظوري ڏني۔ وڏي وزير چيو ته هي قدم هڪ ڀيري ادائيگي جي صورت ۾ هوندو جيڪو ٻه مهينا تيل جي خرچن کي برداشت ڪندو ، ڇاڪاڻ ته ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن سبب مڇيءَ جي شڪار ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي ۽ هزارين ماڻهن جي روزگار کي خطرو پيدا ٿيو آهي۔هن اسڪيم تحت، 9,634 رجسٽرڊ ٻيڙين کي ٽارگيٽيڊ مدد فراهم ڪئي ويندي، مڪاني کاتي واري وزير ناصر شاهه ناڻي کاتي جي ڪابينا ڪميٽي جون سفارشون پيش ڪيون، وڏي وزير مالي ڪميٽي جي سفارش تي حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي جي وچ ۾ سنڌودرياءَ تي 1.12 ڪلوميٽر ڊگهي هاءِ وي پل جي انجنيئرنگ ڊيزائن لاءِ 147.2 ملين رپين جي ڪنسلٽنٽ سروسز لاءِ گرانٽ جي منظوري ڏني۔وڏي وزير چيو ته هي پل ملڪ جي ٻين علائقن ڏانهن اچ وڃ جي هلڪي ۽ ڳري ٽرئفڪ لاءِ وڏي سهولت ثابت ٿيندي۔ڪابينا حيدرآباد ۾ قبرستان جي تعمير لاءِ 252.206 ملين رپيا، قاسم آباد ۾ ڪيترين نون پاڻي جي فراهمي وارين پائيپ لائينون وڇائڻ لاءِ 800 ملين رپيا منظور ڪيا،ڪابينا قاسم آباد چوڪ تي انڊر پاس ۽ لنڪ روڊ جي تعمير لاءِ 800 ملين رپيا منظور ڪيا، جڏهن ته لطيف آباد ۾ اسپورٽس ڪمپليڪس جي تعمير لاءِ 500 ملين رپيا منظور ڪيا۔ڪابينا شيخ اياز روڊ کي سنڌ ميوزيم کان علي پيلس پمپنگ اسٽيشن تائين ويڪرو ڪرڻ ۽ ان سان گڏ ڊرينيج سسٽم تعمير ڪرڻ لاءِ 1.2 ارب رپيا منظور ڪيا،هڪ اهم 6.5 ارب رپين جي رقم ڪراچي ميٽروپوليٽن ڪارپوريشن (ڪي ايم سي) کي گرانٽ اِن ايڊ طور منظور ڪئي وئي ته جيئن 24 ٽائون ميونسپل ڪارپوريشنز (ٽي ايم سيز) ۾ روڊ انفراسٽرڪچر جي بحالي ڪئي وڃي۔وڏي وزير چيو ته سندس حڪومت شهر جي روڊ انفراسٽرڪچر کي بهتر بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي ۽ هن ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته فوري طور فنڊ جاري ڪيا وڃن ته جيئن روڊن جي بحالي جو ڪم شروع ٿي سگهي۔ڪابينا ايس ٿري منصوبي جي تحت هارون آباد ۾ ايس ٽي پي ون جي پهرين مرحلي جي مڪمل ڪرڻ لاءِ 2 ارب رپيا منظور ڪيا۔سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ لاڙڪاڻي شهر ۾ ڊرينيج سسٽم جي اپ گريڊ ڪرڻ لاءِ 4 ارب رپيا منظور ڪيا۔وڏي وزير ضلعي عدالتن ۾ ڪيسن جي ڊجيٽلائيزيشن ۽ اليڪٽرانڪ سرٽيفائيڊ صحيح نقول جاري ڪرڻ لاءِ 48.9 ملين رپيا منظور ڪيا۔ عمرڪوٽ ۾ يتيم خاني جي قيام لاءِ 80 ملين رپين جي منظوري پڻ ڏني وئي،ڪابينا پيپلز فيول سبسڊي پروگرام کي وڌائڻ جو فيصلو ڪيو ته جيئن موٽر سائيڪل مالڪن کي مسلسل رليف فراهم ڪري سگهجي۔ پروگرام کي 31 مئي 2026 تائين وڌايو ويو آهي ته جيئن رهيل درخواستن تي عمل مڪمل ٿي سگهي۔ وڏي وزير ناڻي کاتي کي هدايت ڪئي ته مئي مهيني لاءِ 2 ارب رپيا جاري ڪيا وڃن ته جيئن ادائيگيون بنا وقفي جاري رهن۔ صحت کاتي سنڌ ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل ايڪٽ 2025 متعارف ڪرايو، ڪابينا ايڪٽ جي منظوري ڏئي ۽ ان کي اسيمبلي حوالي ڪيو۔ صحت واري وزير ڊاڪٽر عذرا فضل جي پيش ڪيل تجويز منظور ڪئي وئي، جنهن تحت ضلعي ٺٽو ۾ 40 بسترن تي ٻڌل ٽي ايڇ ڪيو اسپتال گهوڙاٻاري جي آپريشنل مينجمينٽ پنجن سالن لاءِ پاڪستان نيشنل فورم آن وومينز هيلٿ (پي اين ايف ڊبليو ايڇ) حوالي ڪئي ويندي۔ ڪابينا "بينظير انسٽيٽيوٽ آف يورولوجي اينڊ ٽرانسپلانٽ، نوابشاهه ايڪٽ 2025” جي قيام جي پڻ منظوري ڏني،