لکي غلام شاهه ويجهو پوليس اهلڪارن جي فائرنگ، ايس ايڇ او شهيد

لکي غلام شاهه/شڪارپور (رپورٽ: نديم جان مهر+زاهد سنجراڻي) لکي غلام شاهه لڳ ڦاٽڪ نمبر 2 وٽ پوليس جي مبينا فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ايس ايڇ او غلام شاهه (گولو دڙو) علي حسن بڊاڻي جتوئي  سکر جي ضياءُ الدين اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو. واقعي کانپوءِ شهيد جو مڙهه لکي غلام شاهه اسپتال مان پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد پوليس هيڊ ڪوارٽر شڪارپور آندو ويو، جتي سندس جنازي نماز ادا ڪئي وئي. جنازي نماز ۾ ڊپٽي ڪمشنر شڪارپور شڪيل احمد ابڙو، ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ، رينجرز جي ونگ ڪمانڊر اعليٰ سياسي و سماجي اڳواڻن ۽ شهيد جي وارثن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي شهيد جي پٽ علي رضا جتوئي پنهنجي پيءُ جي بيگناهه قتل تي سخت احتجاج ڪندي اعليٰ اختيارين کان انصاف جي اپيل ڪئي آهي.​جنازي نماز بعد شهيد جو مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، جيڪو جڏهن خانپور ويجهو سندس اباڻي ڳوٺ سومر بڊاڻي پهتو ته گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ هر اک اشڪبار ٿي وئي. ٻئي طرف آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ۽ ايس ايس پي شڪارپور پاران واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي اي ايس پي سٽي محمد آصف جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ اعليٰ سطحي جاچ ٽيم مقرر ڪئي وئي آهي. پوليس ڪارروائي ڪندي جهان خان چيڪ پوسٽ جي انچارج جاويد احمد بلالي سميت ٽن اهلڪارن کي حراست ۾ ورتو آهي. ياد رهي ته هي واقعو گذريل رات ان وقت پيش آيو جڏهن علي حسن جتوئي سول ڊريس ۾ پنهنجي خانگي گاڏيءَ ۾ سکر کان گولو دڙو وڃي رهيو هو ته ڦاٽڪ نمبر 2 وٽ پوليس کيس شڪي سمجهي مٿس فائرنگ ڪري ڏني. ​ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ جو چوڻ آهي ته واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، جنهن جي هر پهلوءَ کان شفاف جاچ ڪئي پئي وڃي ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته هي هڪ حادثو هو يا ڄاڻي واڻي ڪيل ڪارروائي. هن وڌيڪ چيو ته شهيد جي وارثن سان انصاف ڪيو ويندو ۽ پوليس ڪوڊ موجب شهيد جي خاندان کي سمورا حق ۽ مراعتون ڏيارڻ لاءِ سفارش ڪئي وئي آهي.

ايس ايس پي صحافين سان ڳالهه ٻول کان لنوائي هليو ويو

شڪارپور:شهيد ايس ايڇ او جي نماز جنازه بعد ايس ايس پي ڪليم ملڪ صحافين کي واقعي بابت آگاھي ڏيڻ کان لنوائيندي گاڏي ۾ چڙھي ھائوس طرف روانو ٿي ويو صحافين سان ڪا ڳالھ ٻولھ نه ڪئي آهي آخري اطلاعن تائين پنھنجي پوليس ھٿان شھيد ٿيل ايس ايچ او جو ڪيس لکي ٿاڻي  داخل نه ٿي سگهيو ھو

پوليس اهلڪارن بابا کي شهيد ڪيو:علي رضا بڊاڻي جتوئي

شڪارپور: ايس ايس پي آفس ۾  شھيد جي پٽ علي رضا بڊاڻي جتوئي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بابا ڊيوٽي تي وڃي رھيو ھو  تہ جاويد بلالي ۽ ساٿي پوليس  اھلڪارن گاڏي جو پيڇو ڪندي مٿس فائرنگ ڪئي جنھن ۾ منھنجو والد گوليون لڳڻ ڪري زخمي ٿيو جنھن کي اسپتال نيو ويو جتي ھو فوت ٿي ويو ھن چيو ته پوليس آفيسرن يقين ڏياريو آھي ته اسان سان انصاف ڪيو ويندو

اهم ٿاڻا سپاهين حوالي،ون فائيو جو انچارج به بااثر جي چوڻ تي هٽايو ويو

شڪارپور ايس ايس پي. ڪليم ملڪ آءِ جي سنڌ جو حڪم ھوا۾ اڏائي ڇڏيو مقرري بعد ٿاڻن تي ٽي سي پي سي مقرر ڪيا  ويا جڏھن ته پوليس ترجمان انسپيڪٽرمسلم مورياڻي کي ھٽائي سندس جاءِ تي پي سي حمزه سومرو کي مقرر ڪيو پوليس ترجمان بابت پوليس ذريعن جو چوڻ ھو ته علاقي جي با اثر شخصيت جي آشيرواد سبب کيس ڪيترا ڀيرا ھٽايو ويو پر ھو سالن کان ترجمان واري سيٽ تي قابض بڻيل آهي سفارشي اھلڪار ھڪ ڏينھن به پڪٽ ڊيوٽي نه ڪئي آهي جڏھن ون فائيو تان پڻ انسپيڪٽر ھٽائي صوبائي وزير جي پرسنل سيڪريٽري جي فون تي پي سي امجد جلباڻي کي ون فائيو انچارج لڳايو ويو آهي جڏھن ته لکيدر ٿاڻي سميت اھم ٿاڻا پڻ سپاھين حوالي ڪيا ويا آهن سينئر پوليس آفيسر پوليس لائين ۾ آرامي آھن

ايس ايڇ او جي قتل ۾ ملوث ڄاڻايل چار پوليس اهلڪار گرفتار

شڪارپور: ايس ايڇ او جي شھادت واري واقعي ۾ ملوث ڄاڻايل  جھان خان چوڪي جو انچارج  پوليس اھلڪار جاويد  بلالي سميت  چار پوليس اھلڪارن کي گرفتار ڪري اي ايس پي سٽي جي سربراهي ۾ جاچ ڪاميٽي قائم ڪئي وئي آهي واقعي ۾ مبينه طور ملوث ڄاڻايل اھلڪارن کي پوليس لائين ۾ ڪواٽر گھاٽ ڪرڻ بعد نامعلوم ھنڌ تي رکي ڪري واقعي بابت جاچ ڪئي پئي وڃي جڏھن ته پوليس ذريعن جو چوڻ آهي ته شڪ  جي بنياد تي جھان خان چوڪي انچارج جاويد بلالي ساٿي اھلڪارن سان گاڏي  جو پيڇو ڪندي فائرنگ ڪئي جنھن ۾ ايس ايچ او زخمي ٿيڻ بعد شھيد ٿي ويو پوليس وڌيڪ واقعي بابت جاچ ڪري رھي آھي ھوڏانھن شھيد ايس ايڇ او  کي فائرنگ دوران سيني ۾ ٻه گوليون لڳل ھيون  وڌيڪ حتمي پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ بعد پتو پوندو ته موت ڪيئن واقع ٿيو آھي

علي حسن بڊاڻي پوليس ۾ پيري طور ڀرتي ٿيو هو

شڪارپور: پنھنجي پوليس ھٿان مارجي ويل ايس ايچ او علي حسن بڊاڻي جتوئي  پوليس کاتي ۾  ڪجھ عرصو اڳ پيري ڀرتي ٿيو. علائقي جي چڱي ڄاڻ ۽ علاقي جي ڏوھارين تائين خاصو اثر ھجڻ ڪري ايس ايس پيز جي تمام ويجھو رھيو  ان ڪري ھو  ٽي سي  جي رينڪ تي ھجڻ باوجود   ايس ايس پيز کيس ٿاڻن تي ايس ايچ او مقرر ڪندا ھئا ھاڻي بہ هو ڪچي جي ٻن ٿاڻن پوليس اسٽيشن غلام شاھ پوليس اسٽيشن گولو دڙو تي ايس ايڇ او لڳل ھو لکي غلام شاھ ٿاڻي جي اضافي چارج پڻ مليل ھئي

شهر بچايو تحريڪ پاران ايس ايس پي هٽائڻ جو مطالبو

شڪارپور: شھر بچايو تحريڪ شھر ۾ وڌندڙ   بد امني  تي  ايس ايس پي ڪليم ملڪ کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪنري ڇڏيو آھي بچايو تحريڪ ڏھ ھزار کان وڌيڪ پمفليٽ  ڇپرائي شھرين ۾ تقسيم ڪرڻ سان گڏ احتجاج جي لاعمل جو اعلان ڪيو ويو آهي انھي حوالي سان شھر بچايو تحريڪ جي اڳواڻ زاھد ڀنڀرو چيو ته شھر ۾ ڌاڙ ڦرون عام ٿي ويون آهن ايس ايس پي ڪليم  ملڪ امن امان قائم رکڻ ۾ ناڪام ٿي ويو آهي ھن چيو ته صوبيدار ٿاڻن جا پي سي رکيا يا آھن ون فاء تان آفيسر ھٽائي پي سي مقرر ڪري ھڪ سپاھي کي چارج ڏني وئي آهي ھن چيو ته اسان شھر جي صورتحال تي اعلا اختيارين کي  آگاھي پڻ ڏني آھي آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو نوٽيس پڻ ورتو آهي ڏسجي ته ان تي موجوده پوليس انتظاميه ڪيترو ٿي عمل ڪري ھن چيو ته شھر ۾ امن امان جي صورتحال خراب آھي ان ڪري شھر بچايو تحريڪ پاران احتجاج جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.