ملي يڪجھتي ڪائونسل سنڌ طرفان مولانا محمد ادريس جي قتل جي مذمت

ڪراچي (رپورٽر) ملي يڪجھتي ڪائونسل سنڌ جي صدر ۽ اڳوڻي ايم اين اي مولانا اسدالله ڀٽو چارسده جي مشهور مذهبي شخصيت، صوبائي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر ۽ شيخ الحديث حضرت مولانا محمد ادريس جي قاتلاڻي حملي ۾ شهادت تي پنهنجي دلي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مطالبو ڪيو ته کليل دهشتگردي ۽ قاتلاڻي حملي ۾ ملوث دهشتگردن  کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي. هن اڄ هڪ بيان ۾ چيو ته ڏينهن ڏٺي هڪ مشهور مذهبي عالم جي ٽارگيٽ ڪلنگ جو دل ڏاريندڙ واقعو حڪومت جي نااهلي ۽ خيبر پختونخواهه ۾ امن امان جي بدترين صورتحال کي ظاهر ڪري ٿو. صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي ته هو شهرين جي جان ۽ مال جي حفاظت کي يقيني بڻائي. هن چيو ته شيخ الحديث محمد ادريس جي شهادت ملڪ ۾ انتشار پيدا ڪرڻ ۽ امت جي اتحاد کي ٽوڙڻ جي سازش به ٿي سگهي ٿي. تنهن ڪري، سڀني مذهبي جماعتن کي اتحاد ۽ يڪجهتي جي فضا کي برقرار رکندي امت کي ورهائڻ ۽ ملڪ ۾ انتشار پکيڙڻ وارين سازشن کي ناڪام بڻائي ڇڏين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.