ڪراچي(ذوالفقار راڄپر) سنڌ جي ثقافت واري وزير سيد ذوالفقار علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ۾ 12ميوزيم موجود آهن جتي سياحن ۽ ٻين ماڻهن لاءِ ڪيتريون ئي سهولتون آهن. تازو ئي ورلڊ بينڪ جي صدر موهن جو دڙو جو دورو به ڪيو. هن اهو اظهار اڱاري ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ سياحت ۽ ثقافت کاتي جي سوالن جي وقت ميمبرن جي مختلف تحريري ۽ ضمني سوالن جا جواب ڏيندي ڪيو. ايم ڪيو ايم جي فوزيه حميد جي سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته توهان ماڻهو وفاقي حڪومت ۾ ويٺا آهيو. جيڪڏهن توهان موهن جو دڙو ايئرپورٽ کوليو ته ان سان سياحت کي وڌيڪ فروغ ملندو. جماعت اسلامي جي ميمبر محمد فاروق جماعت چيو ته ڪراچي ۾ ڪو به ميوزيم ناهي، تنهن ڪري سڄي ڪراچي کي ميوزيم قرار ڏيڻ مناسب هوندو. ذوالفقار شاهه چيو ته وفاقي حڪومت اسان کان سنڌ ميوزيم کسي ورتو آهي. ايم ڪيو ايم ميمبر مهيش ڪمار هاسيجا چيو ته مان تعليم واري وزير سردار شاهه کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو ته هندو شاگردن لاءِ ڪتاب نصاب ۾ شامل ڪيا ويا آهن. هن تجويز ڏني ته عيسائي برادري لاءِ ڪجهه ڪتاب پڻ شامل ڪيا وڃن. تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته جڏهن قومي نصاب جي ڳالهه آئي ته اسان مطالبو ڪيو هو ته صوبن کي نصاب جي اجازت ڏني وڃي. اسان اهو به نقطو پيش ڪيو هو ته غير مسلم شاگردن لاءِ نصاب ۾ ڪجهه شامل ڪيو وڃي. اسان جو مطالبو ٻين صوبن ۾ به پورو ڪيو ويو آهي. ايم ڪيو ايم ميمبر ناصر احمد هڪ پوائنٽ آف آرڊر تي چيو ته پريت آباد اسپتال ۾ ڪا به سهولت ناهي. هن طنزيه انداز ۾ چيو ته پيرس کان پوءِ جاپان، يعني حيدرآباد، به خراب حالت ۾ آهي. اسان جيڪي مسئلا اٿاريون ٿا انهن جو جواب نه ٿو ڏنو وڃي. صوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو جواب ڏنو ته شهيد بينظير ڀٽو فلائي اوور تي ڪم جاري آهي، ايم ڪيو ايم ميمبر عبدالوسيم نشاندهي ڪئي ته ضلعي سينٽرل ۾ پاڻي جي لائن ڦاٽڻ سبب ڏهه ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي رهي آهي. لوڊشيڊنگ جو وقت ناهي. گئس جو مسئلو اڳ ئي هو. ضلعي سينٽرل ۾ روڊ ٽٽل آهن.