بختاور ڀٽو زرداري پاران امارات تي حملن جي مذمت

دبئي(عوامي آواز نيوز)صدر آصف علي زرداري جي نياڻي بختاور ڀٽو زرداري گڏيل عرب امارات تي ايران جي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بلڪل. ايران طرفان گڏيل عرب امارات تي حملو ڪرڻ لاءِ ڪو به جواز ناهي خاص طور تي امن ڳالهين دوران،هن لکيو ته  اهي(ايران) ڳالهه ٻولهه کي اختيار ڪري سگهن پيا پر هنن ٻيهر تشدد کي چونڊيو. انتهائي جارحاڻو تشدد  12 بيلسٽڪ ميزائل، 3 ڪروز ميزائل، 4 ڊرون – سڀ شهري انفراسٽرڪچر کي  نشانو بڻائيندڙهئا،هڪ ٻي ٽوئيٽ ۾ هن لکيو ته الله تعاليٰ گڏيل عرب امارات جي ماڻهن، ان جي زمين تي رهندڙن ۽ ان سان محبت ڪندڙن کي هر قسم جي برائي ۽ نقصان کان محفوظ رکي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.