لاهور(بيورو)پنجاب حڪومت ”صاف پنجاب” پروگرام تحت 40 هزار گاڏين ۽ 1 لک 76 هزار ورڪرن جي مصنوعي ذهانت (AI) ذريعي نگراني ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته عيدالاضحيٰ جي موقعي تي سڄي صوبي ۾ اسمارٽ صفائي مهم شروع ڪئي ويندي۔ ان دوران صفائي ۾ غفلت ڪندڙ عملي تي موقع تي ئي جرمانو لاڳو ڪيو ويندو۔اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته اي آءِ ڪيمرائن سان ليس موٽرسائيڪلون ميدان ۾ موڪليون وينديون، جيڪي ڪچري جي نشاندهي ڪنديون، لائيو تصويرون وٺنديون ۽ صفائي جي صورتحال کي حقيقي وقت ۾ مانيٽر ڪنديون۔ساڳي وقت گھوسٽ ملازمن ۽ غير حاضر اهلڪارن جي نشاندهي ڪري انهن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ انهن کي نوڪري مان ڪڍڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي۔ سٿرا پنجاب پروگرام تحت سڄي صوبي ۾ ڪچرو گڏ ڪرڻ لاءِ بيگز فراهم ڪيا ويندا، مريم نواز چيو ته پنجاب جي هر شهر ۽ ڳوٺ ۾ هڪجهڙو صفائي معيار قائم ڪيو ويندو، جيئن ترقي يافته ملڪن ۾ هوندو آهي۔ڪنهن به قسم جي ڪرپشن، سياسي مداخلت يا سفارش برداشت نه ڪئي ويندي،هن چيو ته مان جاپان ۽ سنگارپور ويس اتي سسٽم 24 ڪلاڪ ڪم ڪري ٿو،مون کي پنهنجي سسٽم تي شرم اچي ٿو،ٻن سالن ۾ سٿرا پنجاب جي اها ڪارڪردگي ناهي جيڪا هئڻ گهرجي ها،