غيريقيني صورتحال باوجود باوجود پاڪستان جي ٽيڪسٽائل برآمد ۾ واڌ

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان جي ٽيڪسٽائل برآمد ۾ خطي جي غيريقيني صورتحال باوجود واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي۔واپار  واري وزارت جي ذريعن موجب اپريل 2026 دوران سالياني بنياد تي ٽيڪسٽائل برآمدن ۾ 22.81 سيڪڙو اضافو ٿيو، جڏهن ته ماهوار بنياد تي اپريل ۾ پاڪستاني ٽيڪسٽائل برآمد 11 سيڪڙو وڌي۔واپار واري وزارت موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 10 مهينن دوران ٽيڪسٽائل برآمد ۾ 1.48 سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو۔ جولاءِ 2025 کان اپريل 2026 تائين ٽيڪسٽائل برآمد 15 ارب 7 ڪروڙ ڊالر رهي جڏهن ته گذريل سال ساڳئي عرصي دوران اهي 14 ارب 85 ڪروڙ ڊالر هيون۔واپار واري وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته اپريل ۾ پاڪستان جي ٽيڪسٽائل برآمد هڪ ارب 49 ڪروڙ 80 لک ڊالر رهي، جڏهن ته اپريل 2025 ۾ اهي هڪ ارب 22 ڪروڙ ڊالر هيون۔ذريعن موجب مارچ 2026 دوران پاڪستان جي ٽيڪسٽائل برآمد هڪ ارب 35 ڪروڙ ڊالر رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.