چارسده ۾ ديني عالم شيخ محمد ادريس شهيد

پشاور(عوامي آواز نيوز)چارسده ۾ فتنه الخوارج جي حملي ۾ جَي يو آءِ سان لاڳاپيل جَيّد عالمِ دين ۽ اڳوڻو اسيمبلي ميمبرشيخ محمد ادريس شهيد ٿي ويو۔شيخ محمد ادريس تي حملو اڄ صبح ان وقت ڪيو ويو جڏهن هو پنهنجي گهر مان مدرسي ڏانهن وڃي رهيو هو۔ مولانا ادريس جي قتل جي ايف آءِ آر سي ٽي ڊي جي ٿاڻي ۾ داخل ڪيو ويو آهي،ايف آءِ آر موجب گاڏي ۾ مولانا  ادريس، ٻه پوليس اهلڪار ۽ ڊرائيور موجود هئا۔ جوابدارن گاڏي تي پٺيان کان فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ مولانا ادريس شهيد ٿي ويو، جڏهن ته ٻه پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا۔ٻئي طرف شروعاتي جاچ ذريعن موجب حملي جون ڪڙيون پرڏيهي نيٽ ورڪن سان ملن ٿيون ۽ مبينا طور افغان عنصرن ۽ ٻاهرين ايجنسين جي سهڪار سان اها ڪارروائي ڪئي وئي۔ذريعن مطابق حملي آورن جو تعلق هڪ پابندي مڙهيل تنظيم سان ٻڌايو پيو وڃي، جڏهن ته مولانا ادريس کي شايد سندس تازن بيانن جي تناظر ۾ نشانو بڻايو ويو۔ ٻئي پاسي وزيراعظم شهبازشريف  جَي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان سان رابطو ڪيو۔وزيراعظم مولانا فضل الرحمان سان شيخ ادريس جي شهادت تي تعزيت ڪئي ۽ مرحوم جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي۔ وزيراعظم شيخ ادريس جي قاتلن جي جلد گرفتاري جي به خاطري ڪرائي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.