ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ تڪرار سبب عالمي سطح تي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ غير معمولي واڌ ٿي آهي، جنهن جا اثر پاڪستان سميت سنڌ جي عوام تي به پيا آهن۔ هن صورتحال ۾ سنڌ حڪومت عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ ڪيترائي اهم قدم کنيا آهن۔ سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ لڳ ڀڳ 65 لک موٽر سائيڪلون ايڪسائيز ڊپارٽمينٽ ۾ رجسٽرڊ آهن موٽر سائيڪل مالڪن کي ٻه هزار رپيا سبسڊي ڏني ويندي هن چيو ته سنڌ حڪومت پبلڪ ٽرانسپورٽ ۽ گڊز ٽرانسپورٽ جي شعبي کي به سبسڊي ڏني آهي ته جيئن ٽرانسپورٽ خرچن ۾ گهٽتائي آڻي سگهجي ۽ عوام تي اضافي بار نه پوي،هن وڌيڪ چيو ته وڏي وزير سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيل تازو ڪابينا اجلاس ۾ ماھيگيرن لاءِ هڪ اهم رليف پيڪيج جي به منظوري ڏني وئي آهي۔ ڊيزل جي وڌندڙ قيمتن سبب ماھيگيرن جو ڪاروبار سخت متاثر ٿي رهيو هو، تنهن ڪري ٻيڙين جي سائيز مطابق ماھيگيرن کي هڪ لک رپين تائين مالي مدد ڏني ويندي هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت هميشه سماج جي هر طبقي کي رليف ڏيڻ جي ڪوشش ڪندي رهي آهي