سڄاڻ عورتن جي رستا روڪ، شيما ڪرماني ۽ ٻيون عورتون گرفتار

ڪراچي(رپورٽر) ماءُ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ڪراچي پريس ڪلب آڏو مشهور سماجي ڪارڪن ۽ آرٽسٽ شيمه ڪرماني طرفان رٿيل پريس ڪانفرنس کي روڪيو ویو. پريس ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ ڪيترين ئي عورتن کي پريس ڪلب پهچڻ کان اڳ ئي حراست ۾ ورتو ويو، جڏهن ته ڪجهه کي اتي اچڻ کان روڪيو ويو. اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته پوليس پاران علائقي ۾ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي هئي ۽ عورتن جي اچ وڃ تي نظر رکي پئي وئي. اطلاعن مطابق، شيما ڪرماني کي به پريس ڪلب تائين پهچڻ کان روڪيو ويو، جنهن سبب پريس ڪانفرنس منعقد نه ٿي سگهي. سماجي ڪارڪنن هن عمل جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پرامن گڏجاڻين ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي لڳائڻ ڳڻتي جوڳو عمل آهي. واضح رهي ته ماءُ جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان عورتن جي حقن، تحفظ ۽ سماجي مسئلن بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ هي پريس ڪانفرنس رٿيل هئي.ٻئي پاسي، لاڳاپيل اختيارين طرفان هن معاملي تي ڪو باضابطه بيان جاري ناهي ڪيو ويو. هوڏانهن آزادي کان پوءِ عورت مارچ جي اڳواڻ شيما ڪرماڻي،شهزادي راء، زويا ۽ ٻين عورت اڳواڻن ڪالهه شام جو پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو ته ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس لاءِ ايندڙ عورت اڳواڻن مٿان تشدد ڪندڙ ۽ کين گرفتار ڪندڙ مرد پوليس آفيسرن ۽ سپاهين کي معطل ڪري ان ڳالهه جي تحقيقات ڪرائي وڃي ته 5 مئي مائرن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ حڪومت ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي اطلاع ڏيڻ ۽ اجازت وٺڻ جي باوجود پوليس ڪنهن جي ڳجهي حڪم تي پريس ڪلب جي ناڪابندي ڪري عورتن مٿان تشدد ڪري مرد پوليس طرفان بي حرمتي ڪري عورتن کي گرفتار ڪري ٿاڻي ۾ ڪلاڪ بند رکيو، هنن چيو ته پي پي پي اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري، بي بي آصفه، سيد مراد علي شاهه، گهرو وزير ضياء الحق لنجار سميت سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل عورت ميمبرن کي ان جو هنگامي نوٽيس وٺڻ گهرجي، هنن وڌيڪ چيو ته پنهنجو پاڻ کي ترقي پسند ۽ عورت دوست سمجهندڙ پيپلزپارٽي ۽ سنڌ حڪومت جي دور ۾ ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي هلندڙ اجلاس دوران عورتن جي گرفتاري وڏا سوال اٿاري ڇڏيا آهن، عورت اڳواڻن چيو ته 5 مئي مائرن جو عالمي ڏينهن آهي، ان ڏينهن تي مائرن جي گرفتاري هڪ شرمناڪ عمل آهي ۽ هو  عورت مارچ جو ڏهاڙو آچر ڏينهن 10 هين مئي تي ملهائينديون ،جيڪو مائرن جو عالمي ڏهاڙو آهي، هنن چيو ته هنن جمع ڏهاڙي آصفه ڀٽو کي خط لکيو آهي ان ۾ اسان لکيو آهي ته ڇا پهرين عورت وزيراعظم واري حڪومت عورتن کان ڊڄي ٿي.۽ عورتن کي اسڪوٽر ڏيڻ جو ڪهڙو فائدو جڏهن عورتن کي ايتري آزادي نه هجي. اسان عورت مارچ جي حوالي سان قانون جي پوئواريءَ ڪيون ٿا اهو ڏهاڙو اسان ملهايون ٿا،عورت اڳواڻن چيو ته ڇا سنڌ حڪومت اسان سان راند ڪري پئي ڇو اسان کي 10 مئي جي عورت مارچ جي اجازت نه پئي ڏني وڃي ۽ مسلسل ٽاريو پيو وڃي، هنن چيو ته اها عورت جي مرضي آهي ته اسان عورتن ۽ مائرن جي حقن تي آواز  اٿاريو ته اسان کي ڪيترا ٻار پيدا ڪرڻا آهن يا ناهن ڪرڻا ۽ اسان جو جسم اسان جو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ضياء الحسن لنجار کي جيئن ئي گرفتارين جي خبر پئي ته هن فوري حڪم جاري ڪيو ته گرفتار ٿيل عورتن کي آزاد ڪيو آخر ڇو ائين ٿيو ته سنڌ حڪومت کي خبر ئي نه هئي ته عورتن کي گرفتار ڪيو ويندو،  هي ڪهڙي حڪومت آهي ته جنهن کي خبر ئي ناهي ته ان جي پوليس عورت مارچ جي اڳواڻ عورتن کي گرفتار ڪيو آهي، هنن چيو ته حڪمران  نه ٿا چاهين ته عورتن کي طاقت ملي ۽ عورتون اڳتي وڌن ان جي ڪري ڊپ ويهارڻ لاء اهڙو عمل ڪيو ويو ۽ جيڪڏهن انهن اسان کي اين او سي نه ڏني ته سمجهنداسين ته هي عورتن کي اڳتي وڌندي نه ٿا ڏسڻ چاهڻ، ٻي طرف شيما ڪرماني ۽ ٻين عورتن کي ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ پوليس جي وڏن اٽالن هنن جي رستا روڪ ڪري هنن مٿان تشدد ڪري شيما ڪرماني ۽ هڪ ٻي عورت اڳواڻ سميت کين گرفتار ڪيو ويو، جن کي گهرو وزير ۽ سنڌ اسيمبليءَ ۾ هلندڙ اجلاس جي نوٽيس تي آزاد ڪيو ويو، بعد ۾ عورت مارچ جي اڳواڻ شيما ڪرماني پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪئي

شهرين کي پنهنجن راءِ جو اظهار ڪرڻ کان روڪيو ويو آهي: ايڇ آر سي پي

ڪراچي(پ ر) انساني حقن جي تنظيم ڪراچي ۾ ناليواري رقاصا شيما ڪرماڻي جي گرفتارين جي مذمت ڪئي آهي. ايڇ آر سي پي ڪراچي پريس ڪلب جي ٻاهران عورت مارچ جي ڪيترن ئي منتظمين ۽ رضاڪارن جي گرفتاري جي سخت مذمت ڪري ٿو، جتي انهن کي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪرڻو هو. هي واقعو  پريشان ڪندڙ ڳالهه آهي ته شهرين کي پنهنجن حقن جو اظهار ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ عوامي جڳهه کان منظم انڪار ڪيو ويو آهي. بيان ۾ چيو ويو ته پرامن گڏجاڻي ۽ اظهار جي آزادي جي حقن جي آئيني طور تي ضمانت ڏني وئي آهي. شهرين، خاص طور تي عورتن ۽ پٺتي پيل گروهن کي پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان روڪڻ گورننس جي وڌندڙ جبر واري طريقي کي ظاهر ڪري ٿو، جتي اختلاف کي جمهوري ضرورت جي بدران خطري طور سمجهيو ويندو آهي.

قوم پرست اڳواڻن پاران شيما ڪرماني ۽ ٻين عورت اڳواڻن جي گرفتاري جي   مذمت

عورت اڳواڻن جي گرفتاري جي   مذمت جي نشي ۾ ھوش وڃائي ويٺي آهي. سنڌ ۾ جمھوريت جي نالي ۾ بدترين آمريت قائم ڪئي وئي آهي. سنڌ ۾ بادشاھت وارو قانون آهي. سنڌ ۾ دھشت ۽ طاقت جو ماحول پيدا ڪيو ويو آھي. اڳواڻن چيو ته پوليس سنڌ حڪومت جي ڪمدار بڻيل آھي. عورت غلام ھجي، سنڌ ۾ عورتن سان غلامن جھڙو سلوڪ ڪيو وڃي ٿو. عورتن جي زندگيءَ جھنم بنائي وئي آهي. سنڌ جي عورتن جمھوريت، انساني حقن، ڪارو ڪاري، قانون ۽ آئين جي بالادستي ضياءَ، مشرف جي ڪاري دور جو مقابلو ڪيو آهي. عوامي جمهوري پارٽي به شيما ڪرماڻي ۽ ٻين جي گرفتارين جي مذمت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.