ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو جي ليز خلاف درخواست رد

اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ون ڪانسٽيٽيشن ايونيو ڪيس جو لکت وارو فيصلو جاري ڪندي ڪمپني جي ليز منسوخي خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي آهي۔محمد سرفراز ڊوگر لکت وارو فيصلو جاري ڪيو۔عدالت سي ڊي اي طرفان 8 مارچ 2023ع تي جاري ڪيل ليز منسوخي واري حڪم کي قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔فيصلي موجب درخواستگذار سپريم ڪورٽ طرفان مقرر ڪيل مالي شرطون پوريون نه ڪيون، جڏهن ته سي ڊي اي پاران ليز جي منسوخي سپريم ڪورٽ طرفان ڏنل اختيار مطابق هئي۔ عدالت چيو ته درخواستگذار سپريم ڪورٽ طرفان ڏنل آخري موقعي مان فائدو نه ورتو۔فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سيڙپڪار پنهنجن حقن لاءِ لاڳاپيل فورم سان رابطو ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته درخواستگذار طرفان جمع ڪرايل 50 ڪروڙ رپين جو چيڪ پڻ ناڪافي قرار ڏنو ويو۔عدالت موجب درخواستگذار ڪمپني 2022ع جي قسط طور 2.916 ارب رپيا جمع ڪرائڻ ۾ ناڪام رهي۔ عدالت درخواستگذار طرفان 30 ڏينهن واري نوٽيس جي فني غلطي بابت اعتراض کي به رد ڪري ڇڏيو۔فيصلي مطابق سپريم ڪورٽ آف پاڪستان 9 جنوري 2019ع تي ليز بحال ڪندي 8 سالن اندر 17.5 ارب رپين جي ادائيگي جو حڪم ڏنو هو۔ ڪمپني 2021ع جي قسط ته جمع ڪرائي، پر 2022ع جي قسط جي ادائيگي ۾ ناڪام رهي۔ ان کانپوءِ سي ڊي اي ياد ڏيارڻ باوجود 7 فيبروري 2023ع تي نوٽيس جاري ڪيو ۽ پوءِ 8 مارچ تي ليز منسوخي جو حڪم جاري ڪيو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.