يو اي اي تي حملو: عالمي مارڪيٽ ۾ تيل مهانگو

نيويارڪ(عوامي آواز نيوز) متحده عرب امارات ۾ حملي جي اطلاعن کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ به واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي ۽ خام تيل جي قيمت وڌي 115 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي۔سومر ڏينهن خام تيل جي قيمتن ۾ لاٿ چڙهه جو سلسلو جاري رهيو، جڏهن ته شام جو فجيره بندرگاهه جي اهم تنصيب تي حملي جي اطلاع کانپوءِ تيل جي قيمت ۾ پنج سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿيو۔فجيره، آبناءِ هرمز کان اڳتي متحده عرب امارات جي اوڀرندي سامونڊي ڪناري تي واقع آهي۔ابوظهبي جي آئل فيلڊز مان هڪ پائيپ لائين فجيره تائين وڃي ٿي، جنهن ذريعي آبنائي هرمز بند ٿيڻ جي صورت ۾ به محدود مقدار ۾ خام تيل ٽينڪرن تي لوڊ ڪري عالمي مارڪيٽن ڏانهن موڪلي سگهجي ٿو۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.