تهران/ابوظهبي(ع آ نيوز+م ڊ) وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ وري تيز ٿي وئي آهي. عرب ميڊيا موجب، گڏيل عرب امارات جي رياست فجيره جي ميڊيا آفيس چيو آهي ته ايران جي ڊرون حملي کان پوءِ فجيره ۾ هڪ پيٽروليم صنعتي سهولت ۾ باهه لڳي وئي. بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو واقعو اهڙي وقت ۾ پيش آيو جڏهن يو اي اي جي وزارت دفاع تازو اعلان ڪيو هو ته ايران طرفان ميزائل فائر ڪيا ويا آهن ۽ انهن کي هوا ۾ تباهه ڪيو ويو آهي. اماراتي وزارت دفاع چيو آهي ته ان جي هوائي دفاع ايران کان ايندڙ ٽن ميزائلن کي فضا ۾ تباهه ڪري ڇڏيو آهي. بچاءُ واري وزارت جي بيان موجب، چار ميزائل هنيا ويا، جن مان ٽي ڪاميابي سان تباهه ٿي ويا، جڏهن ته هڪ ميزائل سمنڊ ۾ ڪري پيو.آمريڪي فوج چيو آهي ته ان جا گائيڊڊ ميزائل ڊسٽريئر آبناءِ هرمز پار ڪري خليج ۾ داخل ٿي ويا آهن، جتي اهي هن اهم آبي رستي ۾ سامونڊي ٽرئفڪ کي بحال ڪرڻ جي هڪ نئين مشن جو حصو آهن. آمريڪي فوج جي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جنگي جهاز هن وقت ‘پروجيڪٽ فريڊم’ تحت آبناءِ هرمز پار ڪرڻ کان پوءِ عرب خليج ۾ آپريشن ڪري رهيا آهن.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته آمريڪي فوجون ڪمرشل شپنگ بحال ڪرڻ جي ڪوششن جي فعال طور تي حمايت ڪري رهيون آهن.سينٽ ڪام جي مطابق، ٻه آمريڪي جھنڊي وارا واپاري جهاز ڪاميابي سان آبناءِ هرمز مان گذري چڪا آهن ۽ هن عمل جي حصي طور محفوظ طور تي هلي رهيا آهن. ايراني انقلابي گارڊز چيو آهي ته گذريل ڪجهه ڪلاڪن ۾ ڪو به ڪمرشل جهاز يا آئل ٽينڪر آ هرمز مان نه گذريو آهي ۽ آمريڪي عملدارن پاران ان حوالي سان ڪيل دعوائون بي بنياد ۽ غلط آهن. پاسداران انقلاب جي پبلڪ رليشنز ڊپارٽمينٽ هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آبناءِ هرمز ۾ ڪا به سامونڊي ٽرئفڪ ان جي اعلان ڪيل ضابطن جي مطابق هوندي. بيان ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته انهن ضابطن جي خلاف ورزي ڪندڙ جهازن کي سنگين خطرن کي منهن ڏيڻو پوندو ۽ انهن جي خلاف ورزي ڪندڙ جهازن کي زبردستي روڪيو ويندو.