حڪومت، ميڊيا جا مسئلا اوليتي بنياد تي حل ڪري

رپورٽن موجب پاڪستان جي ميڊيا جي نمائندگي ڪندڙ تنظيمن تي ٻڌل گڏيل ايڪشن ڪميٽيءَ پريس جي عالمي آزادي جي ڏينهن  جي موقعي تي اظهار جي آزادي، صحافين جي حفاظت ۽ مالي بدحالي جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.  گڏيل بيان موجب گذريل سال صحافت لاءِ انتهائي ڏکيو ۽  چئلنجنگ ثابت ٿيو. عالمي هجن يا ڏيهي حڪومتي قدمن سبب ميڊيا جا ادارا سخت دٻاءُ ۽ غير يقيني صورتحال جو شڪار آهن. ٻئي پاسي ايڇ يو جي پاران  حيدرآباد سميت ڊويزن جي ننڍن وڏن شهرن ۾ ريليون، سيمينار، پيڪا ايڪٽ سميت ٻين ڪارن قانونن ميڊيا تي پابندين، صحافين خلاف  ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۽ ويج بورڊ تي عمل نه ٿيڻ خلاف تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي صحافي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته صحافت تي اعلانيل ۽ اڻ اعلانيل پابنديون مڙهي زبانن جي تالابندي ڪئي وئي آهي. پاڪستان صحافت جي حوالي سان اڄ به خطرناڪ ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي. جڏهن ته صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي  تي صدر آصف زرداري ۽ وزيراعظم نواز شريف  پنهنجن پيغامن ۾ چيو آهي ته غير مستند خبرن جي ڦهلاءُ کي روڪڻ هر صحافي جي ذميواري آهي. سوشل ميڊيا پيلٽ فارمن جو غير ذميواراڻو استعمال ڳڻتي جوڳو آهي. جعلي خبرون ۽ منظم گمراهه ڪندڙ مهمون قومي هم آهنگي ۽ عالمي ساک لاءِ حقيقي خطرو بڻيل آهن. هنن چيو ته آزاد ميڊيا جمهوري سماج جو بنياد هوندي آهي.

اسان سمجهون ٿا ته حڪومت توڙي صحافتي ادارن سميت سڀني کي  پنهنجي پنهنجي حصي جون ذميواريون ادا ڪرڻ گهرجن. ان حساب سان پهرئين ذميواري حڪومت جي آهي ته اها مجموعي طور تي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا مسئلا نه رڳو  ٻڌي ۽ سمجهي پر ان کي حل به ڪري ۽ سڌ سماءُ جي وزارتن پوءِ اهي وفاقي هجن يا صوبائي انهن جي ڪارڪردگي تي نظر رکن ۽ پڇاڻو ڪن. هونئن ته سڌ سماءُ جا وزير مختلف موقعن تي صحافتي تنظيمن سان ملندا رهندا آهن ۽ هاڻي به 3 مئي تي ملهايل صحافت جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي تنظيمن جيڪي پنهنجا مسئلا ٻڌايا آهن خاص  مالي مسئلا تن کي اتنهائي سنجيدگي سان ٻڌڻ ۽ انهن مسئلن جي حل تي سوچڻ حڪومت جو ڪم آهي جيڪو جيئن ته درست رخ ۾ نٿو ٿئي تنهن ڪري پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا سان تعلق رکندڙ صحافين جا مالي مسئلا حل نٿا ٿين. ٻيو ته ڇڏيو کين وقت سر پگهارون به نه ٿيون جڏهن ته ميڊيا جي مالڪن  جو موقف هوندو آهي ته اسان کي اشتهارن جا پيسا جيئن ته وقت سر نٿا ملن تنهن ڪري ملازمن کي پگهارن جي ادائيگي ۾ دير ٿئي ٿي. انهيءَ معاملي ۾ حڪومت کي واقعي به پنهنجي ڪارڪردگي  ڏسڻ گهرجي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ جيڪي اشتهار شايع ٿين ٿا  جيڪا جاءِ والارين ٿا تنهن جي اها ترت قيمت ادا ڪري خريد ڪري مثال طور عام ماڻهو جيڪڏهن بازار يا مارڪيٽ مان ڪا شئي خريد ڪندو آهي ته  ڇا اهو دڪاندار کي پيسا ناهي ڏيندو. سو جيڪڏهن عام ماڻهو لاءِ اهو ممڪن ناهي ته اهو بنا پيسن جي بازار مان ڪا شئي خريد ڪري ته حڪومت پاڻ وٽ اها سهولت ڇو رکي آهي ته اخبارن ۽ ميڊيا وٽان ڪمرشل جاءِ به وٺي پر ان جي ترت ادائيگي نه ڪري. اهو تصور ختم ڪرڻ گهرجي ۽ ان لاءِ حڪومت کي پنهنجي پاليسين جو جائزو وٺڻ گهرجي

پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي تنظيمن صحافت جي عالمي ڏينهن تي اهو به آواز اٿاريو ته حڪومتون اظهار جي آزادي جي ڳالهه ته ڪنديون آهن پر عملي طور ماحول کي تنگ رکيو ويو آهي ۽ مختلف طريقن سان صحافين تي دٻاءُ وڌو ويندو آهي ان لاءِ صحافين تي ڪوڙا ڪيس مڙهي کين گرفتار به ڪيو ويندو آهي. عام طور تي اهو تاثر هوندو آهي ته غير جمهوري حڪومتن ۾ پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا تي سخت دٻاءُ هوندو آهي پر  هاڻي ته وڏي عرصي کان چونڊيل حڪومتن جو نظام هلي رهيو آهي پر انهن جمهوري حڪومتن جو ثمر جيئن عام ماڻهن کي واضح ۽ نمايان طور نه ملي سگهيو آهي تيئن ئي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا کي به جمهوريتن جو ثمر سڌو سنئون نه ملي سگهيو آهي. اڄ صحافين جي مجموعي طور تي جيڪا حالت آهي، اظهار جي آزادي تي جيڪا سختي ۽ پابندي آهي سا آمريتي حڪومتن کان ڪنهن ريت به مختلف ناهي. جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي ۽ ڪنهن به جمهوري حڪومت لاءِ اهو سٺو سنوڻ ناهي ته ان جي دور ۾ اهو تاثر قائم هجي ته چونڊيل سرڪار ۽ اڻ چونڊيل حڪومتن جي جمهوري قدرن ۾ ڪو فرق ناهي.

اها به سٺي شئي ناهي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جا صحافي طوفان هجن يا هڙتالون، گرميون هجن يا سرديون هر وقت ڊيوٽي لاءِ موجود هجڻ باوجود کين حڪومت بنيادي سهولتون نه ڏياري سگهي. ٿيڻ ته ايئن گهرجي ته پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا ۾ ڪم ڪندڙ صحافين لاءِ حڪومت ڪو خاص فنڊ  به مخصوص ڪري پر هتي ميڊيا جي صحافين لاءِ حڪومت طرفان ڪڏهن به ڪو رليف فنڊ مقرر ڪرڻ جو تصور ناهي رهيو ٻيو ته ڇڏيو پر حڪومت پنهنجن ڏنل اشتهارن جي به وقت سر ادائيگي ناهي ڪري سگهندي جنهن سبب سڀ ميڊيا جا ادارا ۽ صحافي انتهائي ڪسمپرسي جي حالت ۾ هلي رهيا آهن جيڪا ساڻن هڪ وڏي زيادتي آهي.

باقي جيستائين فيڪ نيوز ۽ ميڊيا جي صحافين جي خبر  ذميوارين جو تعلق آهي ته ان بابت ميڊيا ئي ادارن وٽ پنهنجو اداراتي سسٽم موجود آهي جنهن ۾ غلط خبرن، ڪردار ڪشي، بليڪ ميلنگ ڪندڙ صحافين يا رپورٽرن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي آهي جنهن تحت ملوث صحافين خلاف ڪارروايون ڪيون وينديون آهن. ٻيو ته غلط خبرن ۽ بليڪ ملينگ جي ڪري خود ان ميڊيا ئي ادارن جي ساک متاثر ٿيندي آهي جنهن ڪري اهڙي غير ذميوار صحافت کي ناقابل برداشت سمجهيو ويندو آهي. ايئن حڪومتن کي به پنهنجي ساک جو خيال ڪندي ميڊيا جي مسئلن کي اوليتي بنيادن تي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.