سنڌ سرڪار جي نوادرات ۽ قديم آثارن واري کاتي پنھنجي پڌرائيءَ رستي سنڌ واسين سان اها خوشخبري ونڊِي ته سنڌ جا ٽي ماڳَ، جيڪي ٽئي ڪوٽَ آهن (ڪوٽڏيجي قلعو، عمرڪوٽ قلعو ۽ نئون ڪوٽ قلعو) باقاعده طور تي ”گڏيل قومن جي تعليمي، سائنسي ۽ ثقافتي اداري“ (يونيسڪو) جي عالمي ورثي واري ”عارضي فھرست“ (Tentative List) ۾ شامل ڪيا ويا آهن. هيءَ اھم ۽ معتبر شموليت سنڌ جي مالا مال ثقافتي، تاريخي ۽ تعميراتي ورثي کي ظاھر ڪري ٿي. ”يونيسڪو“ جي ان عارضي فھرست ۾ شامل ٿيڻ سنڌ سرڪار جي پنھنجي ثقافتي ورثي جي ماڳن کي بچائڻ، تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انهن جي واڌاري لاءِ جاري ڪوششن کي ظاھر ڪري ٿي. گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان سنڌ جا پنج ماڳَ ”يونيسڪو“ جي عارضي فھرست تي هئا، پر هنن 3 قلعن کانپوءِ هاڻي اسانجا 8 ماڳَ ان فھرست ۾ شامل ٿي چڪا آهن. ان کان اڳ سنڌ جي جيڪي ماڳ هن فھرست ۾ شامل آهن، انھن ۾ ڪارُونجهر جا جبلَ (2016ع کان)، رني ڪوٽ (1993ع کان)، ڀنڀور (2004ع کان)، شاھجھاني مسجد ٺٽو (1993ع کان) ۽ ڪراچيءَ ويجهو چؤکنڊي قبرستان (1993ع کان) شامل آهن. هنن ٽنھِي قلعن جو ان فھرست ۾ شامل ٿيڻ سنڌو ماٿر تھذيب، اتھاس ۽ ان جي بچاءَ جي عزم جو عالمي اعتراف آهي.
سنڌ 1981ع کان وٺي ”يونيسڪو“ جي ٻن عالمي ورثي وارن ماڳن جو گهر رهي آهي. مھين جي دڙي کي 1980ع ۾ ”عالمي ورثي وارو ماڳ“ قرار ڏنو ويو، جڏھن ته ٺٽي ويجهو موجود مڪليءَ جو قبرستان 1981ع ۾ عالمي ورثي واريءَ فھرست ۾ شامل ٿيو. گذريل سال سنڌ حڪومت پاران قديم بندرگاهه ”ڀنڀورَ“ جي عالمي ورثي طور نامزدگيءَ وارو دستاويز (Dossier) ”يونيسڪو“ کي موڪليو ويو هو، جنھن جي موٽ ۾ ”يونيسڪو ورلڊ هيريٽيج سينٽر“ پاران باقاعده آگاهه ڪيو ويو آهي ته اهو دستاويز تڪنيڪي طور مڪمل آهي. 2026ع جي آخر ڌاري ”يادگارن ۽ ماڳن جي بين الاقوامي ڪائونسل“ (انٽرنيشنل ڪائونسل آن مانيُومينٽس اينڊ سائيٽس) يعني ”آئيڪوموس (ICOMOS) “”يونيسڪو“ جي سفارش تي پنھنجو جائزو وٺندڙ مِشَن پاڪستان موڪليندو. عالمي ورثي واري اها ڪميٽي ان نامزد ٿيل ماڳ (ڀنڀور) جو طبعي طور جائزو وٺندِي ۽ 2027ع ۾ پنھنجي 49هين اجلاس دؤران ان کي ”ورلڊ هيريٽيج سائيٽ“ (عالمي ورثي وارن ماڳن) جي فھرست ۾ شامل ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت حتمي فيصلو ڪندي. جيڪڏهن ڀنڀور ان لسٽ ۾ شامل ٿي ويو ته اهو پاڪستان جو ستون ۽ سنڌ جو ٽيون عالمي ورثي طور اعلانيل ماڳ بڻجي ويندو.
5000 سال پراڻي ڪوٽڏيجي تھذيب کان وٺي، امرڪوٽ ۾ مغلِ اعظم ــ اڪبر بادشاهه جي جنم ڀوميءَ ۽ نئين ڪوٽ ۾ ٿر جي شاندار لنگَهه تائين، اهي ماڳَ سنڌ جي تاريخ جي گَھِرائي ۽ گوناگونيت کي ظاهر ڪن ٿا. سنڌ جي انهن ٽن قلعن جي ”يونيسڪو“ جي عارضي فھرست ۾ شموليت، مڪمل عالمي ورثي طور تسليم ٿيڻ طرف پھريون قدم آهي، جيڪو انهن ماڳن جي عالمي اهميت کي تسليم ڪري ٿو ۽ انهن کي عالمي ورثي جي نقشي تي آڻي ٿو. اهي ٽي قلعا سنڌ جي تاريخ جي قديم تھذيب کان وٺي وچين ۽ جديد دؤر تائين جِي نمائندگي ڪن ٿا. ”يونيسڪو“ پاران اهو اعتراف هن خطي جي تاريخ کي دنيا لاءِ بچائڻ جو واعدو آهي.
يونيسڪو (UNESCO) جي تازن انگن اکرن موجب، هن وقت سڄيءَ دنيا ۾ مجموعي طور تي هڪ هزار 223 عالمي ورثي وارا ماڳ مڪان (World Heritage Sites) آهن، جن مان پاڪستان ۾ ڪل 6 (سنڌ ۾ 2)، جڏھن ته هندوستان ۾ 43 سائيٽس موجود آهن. پاڪستان ۾ عالمي ورثو قرار ڏنل انهن 6 ماڳن ۾ اسانجو عظيم مھين جو دڙو، مڪلي، قديم گنڌارا تھذيب جو ماڳ ’ٽيڪسيلا‘ (تڪشالا)، مردان ۾ ٻُڌمت جي قديم خانقاهه ۽ سري بَھلول جا آثار ’تخت ڀائي‘، لاهور وارو شاهي قلعو ۽ شالامار باغ (مغل دؤر جُون نشانيون) ۽ جھلم ۾ شير شاهه سوريءَ جو اڏايل ’رُوھتاس قلعو‘ شامل آهن. انهن 6 ماڳن کان علاوه، پاڪستان جا اٽڪل 26 وڌيڪ ماڳَ يونيسڪو جِي ”عارضي فھرست“ (Tentative List) ۾ شامل آهن، جن کي مستقبل ۾ ورثو قرار ڏيڻ لاءِ نامزد ڪري سگهجي ٿو. جن ۾ هاڻي اسانجا اهي 3 قلعا به شامل ٿي ويا. ڀارت (انڊيا) ۾ هن وقت موجود ”يونيسڪو“ جي 43 عالمي ورثو قرار ڏنل سائيٽس مان 35 ثقافتي، 7 قدرتي (فطري)، جڏھن ته هڪ مليل جليل نوعيت جِي سائيٽ آهي.
ذڪر ڪريون پنھنجن انھن ٽن قلعن جو، جن کي عارضي طور ان عالمي فھرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي ته، سنڌ جا اهي ٽئي قلعا پنھنجي تاريخَ، اڏاوت توڙي جاگرافيائي اهميت جي حوالي سان سنڌ جي ورثي جا انمول هيرا آهن. ڪوٽڏيجي قلعو خيرپور ضلعي ۾ واقع آهي، جيڪو خيرپور شھر ويجهو ”ڏيجيءَ جي ٽڪريءَ“ تي روهڙي جبلن جي قطار تي واقع آهي. لڳ ڀڳ 230 ورهه پراڻو هِي قلعو مير سھراب خان ٽالپر 1785ع کان 1795ع جي وچ واري عرصي ۾ جنگي مقصدن لاءِ اڏايو. هن قلعي جي انفراديت اها آهي ته اهو مِيرن جي فوجي حڪمت عمليءَ جو اعليٰ نمونو آهي. ان جي تعمير ۾ جبل جي اوچائيءَ کي اهڙيءَ طرح استعمال ڪيو ويو آهي، جو ان دؤر ۾ حملي آورن لاءِ ان تي مٿي چڙهڻ ناممڪن هو. هن قلعي کي ”احمد آباد“ به چيو ويندو هو. جنھنجو سبب ڪجهه تاريخدان اهو ٿا ٻڌائن ته هي نالو خاندان جي مير احمد خان ٽالپر نالي هڪ معزز شخصيت جي نالي سان منسوب ڪري رکيو ويو هو ته جيئن قلعي کي هڪ اسلامي يا خانداني سڃاڻپ ڏني وڃي. ٻين مُوَرخن جو اهو خيال آهي ته ”احمد“ جو نالو حضور اڪرم ﷺ جي نسبت سان، برڪت خاطر قلعي تي رکيو ويو. سو هن قلعي جو سرڪاري نالو ”احمد آباد“ رکيو ويو. ميرن جي دؤر ۾ خيرپور رياست جي سرڪاري لکپڙھه توڙي دستاويزن ۾ هن قلعي جو نالو گهڻو ڪري ”احمد آباد“ ئي لکيو ويندو هو. جڏهن ته ڪوٽڏيجي ان جو جاگرافيائي ۽ مقامي نالو آهي، جيڪو اڄ به ان جي سڃاڻپ بڻيل آهي. قلعي جي سامھُون ئي قومي شاھراھه جي ٻئي پاسي ”ڪوٽڏيجيءَ جا آثارَ“ موجود آهن، جيڪي سنڌو تھذيب کان به قديم آهن.
اَمرڪوٽ يا عُمر ڪوٽ قلعي جو ذڪر ڪريون ته اهو بئراجي علائقي ۽ ٿر جي ريگزار جي ڪَسَ ۽ لنگهه تي، عمرڪوٽ شهر جي وچ ۾ واقع آهي. جنھنجي قدامت بابت چيو وڃي ٿو ته هي قلعو 11هين صدي عيسويءَ ۾ (لڳ ڀڳ 1050ع ڌاري) سومرا خاندان جي حڪمران راڻا امر سنگهه اڏايو. جنھنڪري ان ڪوٽ توڙي شھر جو نالو ’اَمرڪوٽ‘ پيو. پر موجوده شڪل ۾ ان جي بحالي ڪلهوڙن ۽ ميرن جي دؤر ۾ ٿي. ان ڏس ۾ تاريخ نويسن جو هڪ ٻيو گروھه ان قلعي جي اڏاوت جو سھرو سومرا دؤر جي عمر سومري نالي بادشاهه ڏانھن منسوب ڪري ٿو، سومرا دؤر ۾ به عُمر سُومري نالي 3 حاڪمَ ملن ٿا. اهو ڪوٽ انهن ٽنھي منجهان ڪھڙي عمر سُومري اَڏايو، ان بابت به تاريخ ۾ کوڙ اختلاف آهن. هي قلعو ڏند ڪٿائن تحت سنڌ جي تاريخي داستان ”عمر مارئيءَ“ سان به منسوب ڪيو ويندو آهي، جنھنجو ڪو تاريخي دليل موجود ناهي. هن قلعي جي سڀ کان وڏي تاريخي سڃاڻپ اها آهي ته مغل بادشاهه همايون دهليءَ مان شڪست کائي، هتي اچي لِڪو ۽ ان جي اتي روپوش هجڻ دؤران ئي سندس ونيءَ، حميده بانوءَ کي جلال الدين اڪبر ڄائو، جنھنکي حفاظت جي خيال کان ويم لاءِ شھر جي نواح ۾ ئي هڪ مقام تي موڪليو ويو، جتي هُو پيدا ٿيو هو. جتي سندس ڄمڻ جو يادگار اَڏيو ويو آهي. نئين ڪوٽ جي قلعي جو ذڪر ڪريون ته هي ڪوٽ به ميداني علائقي ۽ ٿر جي ريگستان جي سرحد تي واقع آهي. قلعي جي اُونچي ڀت تي بيھي هڪ طرف نھاربو ته ميداني علائقو ڏسڻ ۾ ايندو ۽ ٻئي پاسي واريءَ جُون ڀِٽُون ڏسبيون. نئون ڪوٽ ميرپورخاص ۽ مٺيءَ جي وچ واري علائقي ۾، ٿر جي رڻ جي ڪناري تي واقع آهي. هي قلعو هنن ٻنهي قلعن جي نسبت نئون آهي ۽ 212 سال کن پراڻو آهي، جنھن کي مير مراد علي خان ٽالپر 1814ع (1229 هجريءَ) ۾ پڪين سِرُن سان تعمير ڪرايو هو. نئين ڪوٽ جو مُک دروازو تمام مضبوط ۽ خوبصورت آهي. هي قلعو ٽالپرن پاران ٿر جي سرحدن جي حفاظت لاءِ هڪ ”چوڪيءَ“ طور استعمال ٿيندو هو. روايت آهي ته هن قلعي ۾ ميرن پنھنجو خزانو به محفوظ ڪيو هو. اڄ به هي قلعو پنھنجي مخصوص اڏاوت سبب سيّاحن جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. اهي ٽئي قلعا سنڌ جي دفاعي طاقت ۽ عظيم تاريخ جا خاموش گواهه آهن.
هاڻي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انھن ٽنھي قلعن کان واقع هجڻ واري جاءِ، اڏاوت، مقصد توڙي سُونھن جي حوالي سان منفرد قلعي ”رني ڪوٽ“ کي (جنھنجي ”ديوارِ چيِن“ سان هڪجھڙائيءَ سبب ان کي ”ديوارِ سنڌ“ به چيو ويندو آهي) جيڪو ان ”عارضي فھرست“ (Tentative List) ۾ اڳواٽ ئي موجود آهي، ڪارُونجهر جي ٽڪرين ۽ ڀنڀور سميت ”يونيسڪو“ جي ”عالمي ورثي“ طور جلد پڌرو ڪيو وڃي، ته جيئن سنڌ جي انهن اهم ماڳن جي مالڪي ٿي سگهي. ڏسجي ته انهن ٻنھي ماڳن جي عالمي ورثي ۾ شموليت جي سلسلي ۾ سنڌ سرڪار جي نوادرات ۽ قديم آثارن واري کاتي جي محنت ڪڏھن ٿي رنگ لائي.