لنڊن (م ڊ) برطانوي رسالي جي رپورٽن موجب عمران خان جي اڳوڻي گهرواري جمائما گولڊ اسمٿ، 12 مهينن جي ڊيٽنگ کان پوءِ ڪروڙ پتي سيڙپڪار ڪيمرون او ريلي سان مڱڻو ڪري ورتو آهي يا مڱڻو ڪرڻ بابت خبر سامهون آئي آهي، برطانوي رسالي ڊيلي ميل موجب 52 ورهين جي ايوارڊ يافته اسڪرين رائٽر جمائما ۽ 62 ورهين جي ڪيمرون او ريلي ۾ گذريل هڪ سال کان ويجها لاڳاپا هئا ۽ هاڻي ٻئي گڏ زندگيءَ جو نئون باب شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهن، رپورٽ موجب ڪيمرون او ريلي آئرلينڊ جو ڪروڙ پتي سيڙپڪار آهي ۽ مشهور ميڊيا شخصيت ۽ مرحوم سر انتھوني او ريلي جو پٽ آهي، هو ماضي ۾ ميڊيا ۽ سيڙپڪاري جي شعبي ۾ اهم عهدا سنڀالي چڪو آهي، ذريعن موجب جوڙو سوئٽزرلينڊ ۽ اولهه لنڊن ۾ پنهنجي گهرن ۾ گڏ وقت گذاري ٿو ۽ سندن تعلق خوشگوار آهي، دوستن جو چوڻ آهي ته ٻئي پهريان ڪم جي سلسلي ۾ مليا هئا، پوءِ دوستي وڌي ۽ بعد ۾ رومانوي تعلق ۾ تبديل ٿي ويا، جمائما جي خاندان جي ڪجهه ميمبرن به ڪيمرون او ريلي سان ملاقات ڪئي آهي ۽ سندن وچ ۾ سٺا تعلقات ٻڌايا پيا وڃن، جمائما اڳوڻي ڪرڪيٽر ۽ پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم عمران خان سان 2004 ۾ طلاق ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هوءَ فلم ۽ دستاويزي پروڊڪشن جي دنيا ۾ سرگرم رهي آهي، هوءَ ڪيترين عالمي دستاويزي فلمن ۽ اسڪرپٽس سان به جڙيل رهي آهي، جن ۾ مشهور پروجيڪٽس شامل آهن.