ڪراچي واسي نوجوان نوري آباد ۾ دوستن هٿان قتل

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ مبينا طور تي غيرت جي نالي تي دوستن هٿان دوست جي قتل جو واقعو پيش آيو، جنهن ۾ پوليس  هڪ جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس موجب قائدآباد پوليس قتل ۾ ملوث هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو آهي، جنهن عثمان آفريدي کي اغوا ڪرڻ بعد نوري آباد ۾ قتل ڪيو، پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار قتل کان پوءِ مقتول تي تيزاب به هاريو، جڏهن ته گرفتار  جوابدار اعتراف ڪيو آهي ته مقتول جي گاڏي وڪرو ڪري حاصل ٿيل رقم پاڻ ۾ ورهائي وئي، واقعي بابت پوليس ٻڌايو ته اهو مبينا طور تي غيرت جي نالي تي پيش آيو، پوليس موجب جوابدار نور عالم کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته واقعي ۾ ملوث وڌيڪ 3 جوابدارن جي ڳولا جاري آهي، ڪيس داخل ڪري جاچ ۽ ڇاپا هڻڻ جو سلسلو به جاري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.