ڪراچي (پ ر) ڪائونسل آف پاڪستان نيوز پيپر ايڊيٽرز (سي پي اين اي) جي سالياني اجلاس ۾ ممتاز صحافي ڪاظم خان بنا مقابلي ٻيهر صدر چونڊجي ويو، اجلاس بابت جاري پڌرائي موجب اياز خان کي سينيئر نائب صدر، غلام نبي چانڊيو کي سيڪريٽري جنرل ۽ تنوير شوڪت کي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل چونڊيو ويو، ان کان سواءِ عارف بلوچ کي ناڻي بابت سيڪريٽري ۽ منزا سهام کي انفارميشن سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو، صوبائي سطح تي به عهديدارن جو اعلان ڪيو ويو، جنهن تحت قاضي اسد عابد کي سنڌ، شڪيل ترابي کي راولپنڊي/اسلام آباد، ميان احمد حسن کي پنجاب، طاهر فاروق کي خيبرپختونخوا ۽ انور ساجدي کي بلوچستان جو نائب صدر چونڊيو ويو، اجلاس ۾ جوائنٽ سيڪريٽريز ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبرن جا نالا پڻ جاري ڪيا ويا، جن ۾ ملڪ جي مختلف خطن مان صحافتي نمائندا شامل آهن، اليڪشن ڪميٽي جي چيئرمين علي رضا لاهڙي نئين چونڊيل عهديدارن جو اعلان ڪيو ۽ کين مبارڪباد پيش ڪئي، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ٻين چونڊيل ميمبرن ۾ حامد حسين عابدي، سردار محمد سراج، شير محمد کهاوڙ، عبدالرحمان مڱريو، ضيا تنولي، مدثر اقبال، شهزاد امين، عرفان اطهر، ذوالفقار احمد راحت، عبدالسلام ڀاٽ، ممتاز احمد صادق، فقير منٺار مڱريو، اياز علي ميمڻ، ناصر خٽڪ، تيمور عامر، اڪمل چوهاڻ، ڊاڪٽر زبير محمود مسعود خان، فضل حق، علي احمد ڍهلون، عبدالخالق علي، سيد انتظار حسين زنجاني، ميان اسلم، حمزه علي افغان ۽ محمود عالم خالد شامل آهن، نئين چونڊيل صدر ڪاظم خان پنهنجي خطاب ۾ چيو ته 2026 کي ”آزادي صحافت جي تحفظ ۽ مزاحمت جو سال“ طور ملهايو ويندو، هن چيو ته فيڪ نيوز، پروپيگنڊا ۽ سياسي اثر هيٺ هلندڙ بيانيي خلاف سخت مزاحمت ڪئي ويندي،. هن وڌيڪ چيو ته صحافت جي نالي تي هر شخص صحافي ناهي هوندو ۽ حقيقي صحافت جي عزت ۽ وقار جو تحفظ ضروري آهي، هن ڌمڪين ۽ دٻاءُ جي سياست جي به مذمت ڪئي، اجلاس ۾ ان ڳالهه تي زور ڏنو ويو ته جيتوڻيڪ ڊجيٽل ميڊيا تيزي سان وڌي رهي آهي، پر پرنٽ ميڊيا اڃا به مستند ۽ دستاويزي ذريعي طور پنهنجي اهميت برقرار رکندي، شرڪت ڪندڙن سرڪاري اشتهارن جي گهٽتائي، خاص طور تي علائقائي اخبارن جي مالي ڏکيائين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ حڪومت کان منصفاڻي ورهاست، ڪوٽا سسٽم جي بحالي ۽ ميڊيا لاءِ واضح پاليسي جو مطالبو ڪيو، اجلاس جي آخر ۾ مرحوم اڳواڻ عامر محمود کي خراج عقيدت پيش ڪيو ويو، جن جي صحافتي خدمتن کي ساراهيو ويو.