ايران اڃا ڳري قيمت ادا ناهي ڪئي، ٻيهر حملي جا امڪان موجود آهن: ٽرمپ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايران تي ٻيهر حملي جا امڪان موجود آهن، ايران جيڪو ڪجهه ڪيو آهي ان جي بدلي ۾ ڳري قيمت ادا ناهي ڪئي.
ٽرٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران سان اسان جي ڳالهين جي صلاحيت لامحدود آهي، آبناءِ هرمز جي ناڪابندي انتهائي دوستاڻي آهي.
هن چيو ته مون کي ايران جون تازيون تجويزون پيش ڪيون ويون آهن، جلد جائزو وٺندس، اهو نٿو سوچي سگهان ته ايران جون تجويزون قبولڻ جوڳيون هونديون.
سندس چوڻ هو ته ايران جي موجوده قيادت مونجهاري جو شڪار آهي ۽ انهن جو پاڻ ۾ اتحاد ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.