بي آرٽي رٿا ۾ ٻن ٽن مهينن ۾ بهتري محسوس ٿيندي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ريڊ لائن بي آر ٽي صرف هڪ منصوبو نه پر ڪراچي جي مستقبل جي شهه رڳ آهي، جيڪا شهر جي ٽرانسپورٽ نظام ۾ انقلابي تبديلي آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي۔هن چيو ته منصوبي تي ڪم ٻيهر شروع ٿيڻ کان پوءِ ايندڙ  ٻن کان ٽن مهينن اندر شهرين کي واضح بهتري محسوس ٿيندي ۽ ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته زيرِ تعمير حصن کي مرحليوار بحال ڪري ٽريفڪ لاءِ کوليو وڃي۔هن چيو ته ميگا منصوبن جي تڪميل دوران عوام کي عارضي تڪليف کي منهن ضرور ڏيڻو پوي ٿو، پر سنڌ حڪومت کي ان صورتحال جو مڪمل احساس آهي ۽ انهيءَ تناظر ۾ ٽريفڪ جي رواني بهتر بڻائڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.