اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان ۾ اپريل مهيني دوران مهانگائي جي شرح 10.9 سيڪڙو تائين وڌي وئي، جيڪا گذريل 20 مهينن جي بلند ترين سطح آهي۔پاڪستان جي شماريات کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب مهانگائي ۾ سڀ کان وڏو اضافو ٽرانسپورٽ خرچن ۾ واڌ سبب ٿيو آهي۔وچ اوڀر ۾ جنگ ۽ آبنائي هرمز جي بندش سبب عالمي سطح تي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ به پيٽرول ۽ ڊيزل مهانگا ٿيا، ۽ ايندھن، ٽرانسپورٽ ۽ توانائي خرچن ۾ نمايان واڌ آئي۔انگن اکرن موجب ڪنزيومر پرائس انڊيڪس (سي پي آءِ) اپريل ۾ سالياني بنياد تي 10.9 سيڪڙو تائين پهچي ويو، جيڪو مارچ ۾ 7.3 سيڪڙو هو۔ اها شرح جولاءِ 2024 کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ آهي۔ اسٽيٽ بئنڪ موجب اها شرح مرڪزي بئنڪ جي 5 کان 7 سيڪڙو واري حدف کان به وڌي وئي آهي۔هي اضافو مرڪزي بئنڪ پاران پاليسي ريٽ ۾ 100 بيسز پوائنٽس واڌ کان صرف چار ڏينهن پوءِ سامهون آيو، جنهن بعد وياج جي شرح 11.5 سيڪڙو ٿي وئي هئي۔مهانگائي ۾ مجموعي واڌ جو وڏو سبب ٽرانسپورٽ خرچ رهيا، جيڪي سالياني بنياد تي 12.5 سيڪڙو مان وڌي 29.9 سيڪڙو ٿي ويا۔ رهائش ۽ يوٽيلٽي خرچ 11.5 سيڪڙو مان وڌي 16.8 سيڪڙو تائين پهتا، جڏهن ته خوراڪ ۽ غير الڪوحلي مشروبات جي قيمتن ۾ واڌ 3.6 سيڪڙو مان وڌي 7.6 سيڪڙو ٿي وئي۔ماهوار بنياد تي اپريل ۾ صارفين جي قيمتن ۾ 2.5 سيڪڙو اضافو ٿيو، جيڪا گذريل نون مهينن جي تيز ترين رفتار آهي، جڏهن ته مارچ ۾ اها شرح 1.2 سيڪڙو هئي۔
ڪراچي(عوامي آواز نيوز)ڪراچي سميت ملڪ جي مختلف شهرن جي اوپن مارڪيٽن ۾ مهانگائي جو راڄ برقرار آهي۔ مارڪيٽ ذريعن موجب گيهه، ڪوڪنگ آئل، چانهه جي پتي، سرف، دالين ۽ کنڊ جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ سبب شهرين جون پريشانيون وڌيڪ وڌي ويون آهن،پهرين درجي جو گيهه ۽ ڪوڪنگ آئل 590 کان 595 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي، جڏهن ته ٻئي درجي جو گيهه ۽ آئل 540 رپيا في ڪلو تائين پهچي ويو آهي۔اهڙي طرح ٽئين درجي جو گيهه ۽ آئل به وڌي 470 رپيا في ڪلو جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو آهي۔ وڌيڪ اهو ته مختلف قسمن جو چانور به مهانگو ٿي ويو آهي، جيڪو هن وقت 320 کان 640 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي۔شهرين جو چوڻ آهي ته وڌندڙ مهانگائي سبب گهريلو بجيٽ سخت متاثر ٿي رهيو آهي ۽ سفيد پوش طبقو به شديد مالي دٻاءَ جو شڪار آهي۔ هوڏانهن لاهور ۾ ڪڪڙ ۽ آنن جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ سبب سستو پروٽين به شهرين جي پهچ کان پري ٿي ويو آهي۔ سرڪاري سطح تي برائلر ڪڪڙ جي گوشت جي قيمت 519 رپيا في ڪلو مقرر آهي، پر اوپن مارڪيٽ ۾ اهو 540 کان 550 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن سبب سرڪاري اگهن تي عملدرآمد سوال هيٺ اچي ويو آهي۔فارمي آنن جي سرڪاري قيمت 245 رپيا في درجن مقرر آهي، پر بازار ۾ اهي 255 رپيا في درجن تائين وڪرو ٿي رهيا آهن۔