موجوده حالتن جي باري ۾ ڳالهه ڪجي ته ڏينھون ڏينھن ڪجهه نه ڪجهه ضرور ڏسڻ ۾ اچي ٿو، ته ڪجهه درندن ڪنھن معصوم نينگري سان زيادتي ڪري ڪنھن ڪچري جي ڍير تي اڇلائي ھلي ويا، ڪنھن ڀاءُ ڪنھن پيءُ پنھنجي نياڻيءَ کي پسند جو همسفر چونڊڻ ۽ ان سان نڪاح ڪرڻ تي گوليون ھڻي قبر جي حوالي ڪري ڇڏيو، ڪنھن گھر جو غيرت مند مرد پنھنجي ماءُ، ڌيءَ، ڀيڻ کي ڪاري ڪري درياھ ۾ لوڙھي ڇڏيو، ڪنھن استاد، پروفيسر پنھنجي شاگردن کي جيڪي انھن جا روحاني والدين ھوندا آھن، انھن کي ايترو ته هراسان ڪيو جو ھوءَ خودڪشي جو رستو وٺي ھميشه ھن دنيا کي الوداع ڪري ھلي وئي ته وري ڪنهن بيروزگاري وڌڻ جي ڪري پنھنجي سڀني گھر ڀاتين سان زھر کائي زندگي جو انت آڻي ڇڏيون. ھي دؤر اھڙو لڳو آھي، جنھن ۾ نه پيءُ، ڀاءُ، ڀيڻ، ماءُ ھڪٻئي جا آھن، افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته پيءَ ڌي جو قتل ڪري رھيو آھي، پٽ پيءُ جو قتل ڪري رھيو آھي ۽ جڏھن انھن کان پڇا ڪيو پيو وڃي ته توھان جي اھڙي ڪھڙي مجبوري رھي آھي جو توھان پنھنجي ئي رت جي رشتن کي قتل ڪري ڇڏيو ٿا ته انھن جون ڳالهيون ۽ مسئلا ٻڌي ڏندين آڱريون اچي وينديون آهن.
ڪنھن پٽ پيءُ کي قتل ڪري ٿو، ڇو جو ان کي جائيداد ۾ حصو نه ٿو ملي يا گھٽ ملندو آهي ۽ ان ڪري ھو ان جي ئي وجود کي ئي ختم ڪري ٿو، جنھن پنھنجيءَ سڄي جوانيءَ وڃائي انھن ٻارڙن جي زندگيءَ ٺاھڻ لاءِ ڏينھن رات محنت ڪئي ڇو ته منھنجا ٻار سڪون جي زندگيءَ گذارين، ان اس ۾ پنھنجو جسم پنھنجي رت ڪاري ڪري ڇڏي ۽ پنھنجي ٻارن لاءِ ڇو ته ٻارن کي ڪڏھن ڪنھن شيءِ جي ڪمي نه ٿئي ۽ اھي ان ڳالهه کي سوچڻ کان ايترا محروم ٿي وڃن ٿا جو پيءُ جھڙي ھستيءَ کي مٽائي ڇڏين ٿا.
ماءُ جيڪا ھڪ عورت آھي، ڪوئي به انسان ائين نٿو چئي ته ھوءَ ڪنھن جي ڀيڻ، ماءُ ۽ ڌيءَ آھي، ھوءَ ٿي سگھي ٿي پر ھر وقت ان کي مرد سان جوڙڻ ۽ ان جي پنھنجي شناخت کي لڪائڻ گناهه آھي. ھوءَ ھڪ عورت آھي، جيڪا گھر جي زينت آھي، ماءُ کان بنا ھڪ گھر ھڪ مرد ۽ ھڪ معاشرو ائين آھي جئين ھڪ جسم بنا روح ان کي اھو انسان ڪارو ڪري ماري ڇڏي ٿو، جنھن کي ھوءَ پنھنجيءَ جسم چيري ڪري جنم ڏئي ٿي، دنيا ۾ پھريون باھ ۾ زنده سڙڻ ڏکيو آهي ۽ ٻيو ٻار کي پيدا ڪرڻ. ھوءَ دنيا جون ٻيون خطرناڪ ڪم ڪري ان کي جنم ڏئي ٿي پوءِ پنھنجي جسم مان ھن کي کير پياري ٿي، ان لاءِ ڏينھن رات پنھنجو ننڊ فٽائي ٿي، ان کان بعد وڃي ھوءَ وڏو ٿئي ٿو. جڏھن ھوءَ پھريون لفظ ڳالهائي ٿو ته ان جي ماءُ ان وقت ئي چوي ٿي ته ھي وڏو ٿي ڪري منھنجو سھارو ٿيندو ٻانھن ٻيلي ٿيندو ۽ وڏو ٿي ڪري ھوءَ پنھنجي جنت جو قتل ڪري ٿو، ھي آھي اڄ جي ماءُ ۽ ان جي حسرتن جو قتل جيڪا ناقابل برداشت آهي. ھڪ ڀيڻ جنھن کي پنھنجو محافظ ڀاءُ، پيءُ غيرت جي نالي تي قتل ڪري ۽ لوڙھي ڇڏين ٿا.. ڇا ھو سمجھن نه ٿا اھا انھن جي ڪاميابي آھي، ڀائرون ته ڀينرين جا محافظ ھوندا آھن، ڀائر ته ڀينرين جا ڪلھا ۽ ٻانھن ٻيلي ٿيندا آهن، جنھن جي دامن ۾ ڀينرون راڄ ڪنديون آهن ۽ اھا ان محافظ ھٿان غيرت جي نالي تي قتل ٿئي ٿي. جڏھن ھڪ ڀيڻ کي خبر پوندي آهي ته ان جو ڀاءُ ڪنھن سان پيار ڪري ٿو ته ھوءَ مسڪرائي چپ ڪري ويندي آهي ۽ اھو ڀاءُ مسڪرائڻ جي بدران ان کي ئي قتل ڪري ٿو. ڇا غيرت وٽ انسانيت ناھي؟ قرآن مجيد ۾ لکيل آهي ته ھڪ انسان جو ناحق قتل ڪرڻ پوري انسانيت جو قتل آھي، ھي انسان جو نه پر پوري انسانيت جو قتل ٿي رھيو آھي. ھڪ معصوم ٻار جنھن کي اڃا دنيا جي ئي ڪا خبر ئي ناھي ته ھو مسجد وڃي ٿو وڃي تنهن کي به مسجد ۾ مولوي زيادتي جو شڪار بڻائين ٿا. چوندا آهن ته استاد روحاني والدين ھوندا آھن، جنھن جي ھر لفظ مان ٻار ڪجهه نه ڪجهه سکندو آهي، اسڪولن، يونيورسٽي ۾ روحاني والدين نياڻين کي هراسان ڪن ٿا، ان ھن سان اسڪول جھڙي تعليم مرڪز ۾ زيادتي ڪري پوءِ ان کي گھٽو ڏئي ڪنھن ڪنڊ م اڇلائي ڇڏن ٿا، يا ته زيادتي جو موقعو نه ٿو ملي پوءِ ته ان کي حراسان ايترو ڪن ٿا ته ان کي خودڪشي ڪرڻي ٿي پئي.
جيڪڏهن مھنگائي اچي به اٿي ته اھو صرف ۽ صرف عام غريبن لا۽ جيڪڏهن حياتيون وڃن ٿيون به نه غريبن جون جيڪڏهن نا انصافي آھي به غريبن لا۽ ڪڏھن ٻڌو آھي ته سياستدانن جي ٻارن ملڪ پاڪستان ۾ تعليم حاصل ڪئي نه! يا اھي غربت جي وڌڻ جي ڪري خودڪشي ڪئي ھجي .يا انھن جي ٻارن کي ڪنھن قتل ڪيو ھجي ۽ انھن سان ناانصافي ٿي ھجي نه! ھر شيءِ غلط ٿئي ٿي صرف غريبن مزدورن سان اميرن ۽ پئسي وارن سان ڇو نه؟ ٻيو ته موجوده دؤر ۾ ظلم وڌندو پيو وڃي ۽ مظلوم لوڙي رهيو آهي، ڪٿي قانون جي ھٿان، ڪٿي غُربت جي ھٿان،ڪٿي پئسي جي ھٿان، ڪٿي طاقت جي ھٿان، ڪٿي ظالم چونڊيل نمائندن جي ھٿان ته ڪٿي وري بيروزگاري جي ھٿان. آخر انھن سڀني مسئلن جي جڙ ڪير آهي؟
1 صرف ۽ صرف سياستدان ۽ انھن جو ٺھيل نظام، اسان کان آزاديءَ جي نالي جانيون، عزتون ۽ گھر ڇو ورتا ويا جو، اسان الڳ ملڪ ڊيموڪريسي واري نظام ۾ رھي ڪري به اميرن ۽ ڪجهه پئسي وارن جي ھٿان ذليل ٿيون، پوءِ آزاديءَ جو ڇا فائدو؟؟ ائين انگريز به پئسي وارا ھئا، طاقتور به ھئا ۽ اسان تي ائين ئي حڪومت ھلائن پيا پوءِ ھڪ نئين انداز ۾ اھو ئي نظام ڇو ؟؟
2 ۽ ٻيو مذھب جنھن کي ھميشه صرف ۽ صرف استعمال ڪيو پيو وڃي اسان کي اها به خبر ڪونه آھي ته انھن جون بنيادي ضرورتون ڪھڙيون آھن ۽ انھن حالتن باوجود اسان اھا اميد ڪري ويٺا آهيون ته ھڪ نه ھڪ ڏينھن انقلاب ضرور ايندو