اڄ 3مئي تي سڄي دنيا سان گڏ اسان جي پياري پاڪستان ۾ به صحافت جو عالمي ڏينھن ملھائجي رھيو آھي جيڪو سال 1991ع کان نيمبيا کان ملھائيڻ شروع ٿيو جڏھن ته 93ع کان اقوام متحده پاران ان ڏينھن کي آزاد صحافت طور ملھايو وڃي ٿو ان ڏينھن تي پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ اسان صحافي برادري ان ڳالھه جو عھد ڪندا آھيون ته ڪنھن به دٻاءُ تشدد ڪوڙن ڪيسن يا حڪومتي دٻاءُ کان ڊڄڻ بجاءِ آزاد صحافت جو ڪنڌ اوچو رکڻ لاءِ ھر قرباني ڏئي ايمانداري سان صحافتي فرض ادا ڪندي حق سچ لکنداسين اڄوڪي ڏينھن تي صحافت جي آزادي کي يقيني بنائيڻ ميڊيا کي درپيش مسئلن مشڪلاتن خطرن بابت دنيا کي آگاه ڪرڻ بچاءِ لاءِ حڪمت عملي جوڙڻ صحافتي فرض نڀائيندي قتل زخمي ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاٿل صحافين سان يڪجههتي جو اظھار ڪرڻ آھي
صحافت جي تاريخ قديم آھي صحافت جي شروعات صحيفن کان شروع ٿي جڏھن حاڪم بادشاھ پنھجن عملدارن ڏانھن تازن تڪڙن حڪمن پھچائڻ لاءِ انھن کي استعمال ڪيو ھر صحيفو نئين خبر ھوندي ھئي ۽ جيڪي نوان حڪم ۽ شريعتون اڳين نبين ڏانھن موڪليون ويون اھي به صحيفا سڏجن ٿيون انھن ۾ به نئين ڄاڻ ھوندي آھي صحافت ڪنھن به معاملي جي باري ۾ تحقيق بعد آواز تصوير تحرير جي شڪل ۾ ماڻھن وٽ پھچائڻ جي عمل جو نالو آھي چون ٿا پھرين اخبار 1605ع ۾ شايع ٿي صحافت حڪومت ۽ عوام جي وچ ۾ پل وارو ڪردار ادا ڪري ٿي سنڌي صحافت جي تاريخ به پراڻي آھي سنڌي اخبارون 1900ع کان به اڳ شايع ٿيڻ شروع ٿيڻ ٻڌايو وڃي ٿو تاريخ تي نظر وجھبي ته ملڪ جي آزادي واري تحريڪ ۾ به سنڌي اخبارن جو وڏو ڪردار رھيو گھڻيون سنڌي اخبارون سنڌي ھندن شايع ڪيون آزادي بعد سنڌي ھندو صحافين جي لڏ پلاڻ بعد سنڌي صحافت لاءِ ڏاڍا ڏکيا ڏينھن آيا پر 1951ع بعد سنڌي صحافت جي اوسر ٿي ماضي ۾ ھٿ جي ڪمپوزنگ ٿيندي ھئي 80ع کان پوءِ ڪمپيوٽر جي ڪري سنڌي صحافت وڌيڪ ترقي ڪئي اڳ خبرون آرٽيڪل پوسٽ ريل گاڏي ذريعي يا ھٿو ھٿ اڳتي ھلي خبرون فون تي موڪليون وينديون ھيون ان بعد فيڪس آئي ۽ ھاڻ انٽر نيٽ جي سھوليت سان صحافت وڌيڪ آسان ٿي وئي آھي اخبارن رسالن بعد ماشاالله وڏي تعداد ۾ ٽي وي چينل ايف ايم ريڊيو به کان پوء سوشل ميڊيا جي ترقي بعد ماشاالله ويب ٽي وي ۽ پي ڊي ايف اخبارن جو جھڙوڪ سيلاب آيل آھي ويب ٽي وي ۽ پي ڊي ايف اخبارن جو وڏو تعداد رجسٽرڊ ئي نه آھي -جڏھن ته فيس بوڪ تان لائيو پروگرام مختلف تقريبات ھلايون وڃن ٿيون
اڄ جي دور ۾ ته جنھن وٽ ٽچ موبائيل آھي اھوبه پاڻ کي صحافي سمجھي ٿو جڏھن ته سوشل ميڊيا جي تيز ھئڻ ڪري صحافت وڌيڪ آسان ٿي آھي صحافين جو وڏو تعداد مختلف واقعن جا وڊيو تصويرون خبرون سوشل ميڊيا تان کڻن ٿا سوشل ميڊيا جي ڪري اخبارن جي کپت ۾ رڪارڊ ٽوڙ گھٽتائي آئي آھي نجي ٽي وي ڏسندڙن ۾ پڻ گھٽتائي آئي آھي ھن دور ۾ جتي ڪاغذ ڇپائي خرچ ڀاڙن ۾ رڪارڊ ٽوڙ اضافو اچڻ ڪري اخبارون ھاڻ سڪڙبيون وڃن ساڳيو حال ننڍن ٽي وي چينلن ايف ايم ريڊيو جو آھي اڄ جي دور ۾ ميڊيا ادارن جا حال رحم جوڳا آھن ماضي ۾ اخبارن لاءِ حڪومت پاران ڪاغذ جي ڪوٽا ھوندي ھئي جيڪا ڪافي وقت کان بند آھي. ھن دور ۾ ننڍين اخبارن کي اشتھار ڪھڙن شرطن تي ملن ٿا ڪنھن کان ڳجھو نه آھي ـ اھڙو عمل يقينن پرنٽ ميڊيا جي رستا روڪ آھي ماضي ۾ اخبارن کي اشتھار ميرٽ تي ملندا ھئا جن جون بقائون تڪڙيون ملنديون ھيون ھاڻ ته اشتھارن ملڻ جا طريقا عجيب آھن
پاڪستان صحافين جي حوالي سان دنيا جي انھن خطرناڪ ملڪن ۾ شامل آھي جتي صحافين کي ڪڏھن فوجي آمر ڪڏھن جمھوري اڳواڻن ڪڏھن دھشت گردن -لينڊ مافيا ڪڏھن انتھا پسند مذھبي تنظيمن پاران خطرو رھندو آيو آھي سڌي يا اڻ سڌي طرح انھن ڌرين ھٿان صحافي ماريا تشدد جو شڪار ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايا وڃن ٿا. اھڙي صورت حال ۾ صحافي سيلف سنسر شپ لڳائڻ تي مجبور آھن – ھاڻ وري پاڻ کي جمھوريت پسند حڪمرانن پيڪا قانون لاڳو ڪري اظھار جي آزادي جو گلو گھٽيو ويو آھي ـ خلق خدا کي اظھار جي آزادي کسي وئي آھي. ھن ملڪ کي 79سال گذرڻ جي باوجود ظاھري طور طئي نه ٿي سگھيو آھي ته رياست ۽ ميڊيا جي وچ ۾ تعلقات ڪھڙا ھئڻ گھرجن نه وري اھو طئي ٿي سگھيو آھي ته آزاد صحافت رياست لاءِ فائديمند آھي ـ صحافين جي لاءِ اسان جي ملڪ ۾ سڀ کان وڌيڪ خطرناڪ سنڌآھي -جتي سچ لکڻ جي ڏوھ ۾ صحافين جو قتل تشدد ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتاريون گھٽجڻ بجاءِ وڌي رھيا آھن جنھن جو مک سبب قتل ۽ مختلف زيادتين جو شڪار ٿيندڙ صحافين جا مجرم ۽ انھن کان اھڙو ڪرائيندڙ مهرا سزائون کان بچي وڃن ٿا- سنڌ ۾ سدائين سچ لکندڙ صحافين کي لٺ يا چٺ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي لٺ جي پرواه نه ڪندي چٽ کي ٺڪرائي صحافتي فرض نڀائيندڙ صحافين کي قتل ڪيو وڃي ٿو خوني حملا ڪرايا ۽ ڪيا وڃن ٿا ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي انھن کي گرفتار ڪري ٿاڻن تي ڪپڙن کان آجو ڪري ڪنھن ڏوھاري وانگر تشدد ڪيو وڃي ٿو جتان جيل ۾ موڪلي جيل پوليس کان به تشدد ۽ طرح طرح جون جٺيون ڪرايون وڃن ٿيون صحافين جي مٽ مائٽن کي انتقامي ڪارواين جو شڪار بڻايو وڃي ٿو ڪيترن ئي صحافين مٿان مختلف ٿاڻن تي دھشت گردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي
اسان وٽ ھر دور جو حڪمران آزاد صحافت جو راڳ الاپيندو رھيو آھي صحافت جي آزادي ۽ صحافين جي تحفظ کي يقيني بنائڻ جون دعوائون اعلان واعده به ڪندا رھيا آھن جيڪي وقت گذرڻ سان ھوا ۾ اڏاميو وڃن ٿا. اھڙي صورت حال ۾ سنڌ اندر صحافت ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو ٿي ويو آھي آزاد صحافت جي ڳالهه ڪندڙ ھر دور جي حڪمرانن پاران پروفيشنل صحافت ڪندڙ اخبارن نجي ٽي وي چينلن جي معاشي رستا روڪ ڪندي سرڪاري اشتھار بند ڪري اشتھارن جون بقائون روڪي مالي مشڪلاتن جو شڪار ڪندا رھيا آھن اھڙن چينلن جي نشريات روڪي وڃي ٿي -ھن ملڪ جي صحافين جون ھر غير جمھوري دور ۾ جمھوريت جي بحالي لاءِ صحافتي جدوجھد رھي آھي جنرل ضياءَ جي آمراڻي دور ۾ سنڌ جي صحافين جو نه صرف صحافت جي آزادي لاءِ پر جمھوريت جي بحالي لاءِ ڊگھي جدوجھد ۽ قربانيون رھيون آھن اھڙي جدوجھد ڪرڻ جي پاداش ۾ ڪيترن ئي صحافين کي جيل واڙيو ويو ان جدوجھد ۾ مشھور صحافي مھناج برنا جو تاريخي ڪردار رھيو جنھن ڪري ان زماني ۾ سڄي ملڪ جي صحافين جي اڪثريت تيري ساٿ جينا تيري سات مرنا مھناج برنا جا نعره گونجندا ھئا مھناج برنا صحافين جي دل جي ڌڙڪن بنيل ھو- جنرل ضياءَ جھڙي ڪاري دور ۾ به سسنر شپ ھئڻ جي باوجود ادارا ٽيڪنيڪل انداز ۾ سڇ حقيقتن کان عوام کي آگاهه ڪندا ھئا. آزاد صحافت تي وار جنرل ضياء جي وقت کان وڌيڪ ھر جمھوري دور ۾ ٿيو آھي
اسان کي اميد ھئي ته جمھوري دور حڪومت صحافت جي آزادي کي يقيني بڻائينديون صحافين کي تحفظ ڏيڻ کان وٺي بنيادي سھولتون ڏنيون وينديون پر ٻين پارٽين کي ته ڇڏيو پر جمھوريت جي چئمپن سڏائيندڙ پ پ جي ھر دور ۾ به صحافت جي آزادي صحافين کي تحفظ ۽ صحافين جا بنيادي مسئلا حل ڪرڻ جي حوالي سان حمڪرانن مايوس ڪيو آھي – سنڌ حڪومت جون مھربانيون جون جرنلسٽ پروٽيڪشن بل سنڌ اسيمبلي مان منظور ڪرايو پر ان بل تي جيڪو عمل ٿي رھيو آھي اھو ڪنھن کان لڪل نه آھي اڄ به صحافي عدم تحفظ جو شڪار آھي سچ لکڻ ڪري ظلم زيادتين جو شڪار ٿيندڙ صحافين کي انصاف نٿو ملي- ملڪ جي صحافين کي تحريڪ انصاف جي حڪومت ۾ وڏيون اميدون ھيون ته صحافين جا جيڪي مسئلا ماضي جون حڪومتون نه ڪري سگھيون آھي اھي حل ٿيندا پر عمران خان جي حڪومت جي پھرين ترجيح اھا رھي ته ھن ميڊيا ادارن جا اشتھار بند ڪيا بقايائون روڪي معاشي رستا روڪ ڪئي – نواز ليگ جي ھر دور جيان شھباز شريف جي دور ۾ به صحافي مايوس آھن-ھاڻ ته اھو ٽرينڊ شروع ٿي ويو آھي ته وڏي سياسي پارٽي پنھجا چينل ۽ اخبارون شروع ڪري رھيا جيڪي پنھجي پارٽين جا ترجمان بڻيل آھن
اڄ ماشاالله سنڌ ۾ صحافين جو مختلف نالن سان لاتعداد صحافي تنظيمون آھن ھر ڪو پنھجي تنظيم لاءِ دعوا ڪري ٿو ته صحافين جي نمائيده تنظيم آھي پر معذرت سان جيتريون صحافين جون تنظيمون وڌيون آھن ايترا صحافين جا مسئلا وڌيا آھن. صحافين جي تنظيمن جي وڏڻ بعد صحافي الڳ گروپن ۾ ورھائجي ويا آھن سنڌ جي اترين علائقن ۾ ته ڪجهه صحافي تنظيمون ڏنڊي جي زور تي ميمبر بڻائڻ جي ڪوشش ڪندي ميمبر نه ٿيندڙ صحافين تي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرايا وڃن ٿا صحافين تي تشدد ڪرايو وڃي ٿو۽ اھڙو سلسلو جاري آھي افسوس جو سنڌ صحافي سنگت سميت سڀئي صحافي تنظيمون صحافين جي مسئلن لاءِ عملي جدوجھد نه ڪري سگھيون آھن
صحافت جي عالمي ڏينھن تي سنڌ جي سڀن صحافين کي گذارش آھي ته صحافتي مفادن لاءِ انا پرستي ختم ڪري ھڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيو -سنڌ جي سڀني صحافي تنظيمن جي روح روان دوستن کي ھٿ ٻڌي عرض ڪندس ته اچو صحافين جي سڀني تنظيمن جو ڱڏيل مظبوط ڪوآرڊينيشن جوڙيون ھر شھر ۾ ھڪ کان وڌيڪ پريس ڪلبون ختم ڪرايون ھر شھر ۾ ھڪ ئي پريس ڪلب لاءِ عملي ڪوشش ڪيون پريس ڪلبن جا ورڪنگ صحافين لاءِ به بند پيل دروازا کولرائيڻ صحافين جا بنيادي مسئلا حل ڪرائيڻ تحفظ ڏيارڻ لاءِ عملي جدوجھد ڪريون- سنڌ ۾ سچ لکڻ ڪري جتي به صحافي شھيد ٿئي ٿو ڪنھن صحافي تي حملو ڪوڙو ڪيس داخل ٿئي تو صحافتي فرض نڀائيڻ کان روڪڻ لاءِ ڌمڪائي هيراسان ڪرڻ وارن عملن خلاف اسان سڀن کي ھڪ ٿي گڏيل جدوجھد ڪرڻ گھرجي. اسان جي صحافي تنظيمن جا رستا الڳ سھي منزل ته ھڪ آھي ان ڪري اسان سڀن کي انا پرستي ڇڏي ھڪ ٿي پنھجي مسئلن جي حل حقن جي حاصلات لاءِ سنڌ اسيمبلي مان پاس ڪيل جرنلسٽ پروٽيڪشن بل تي عمل ڪرائين. شھيد صحافين جي پونئرن لاءِ حڪومت پاران مالي مدد وظيفا مقرر ڪرائيڻ ننڍن شھرن جي پريس ڪلبن کي حڪومت پاران فند ڏيارڻ پنجاھ سالن کان مٿي عمر وارن غريب ورڪنگ صحافين کي اطلاعات کاتي پاران ماھوار وظيفو ڏيارڻ ھر ورڪنگ صحافي جي گروپ انشورنس ڪرائڻ ھيلٿ ڪارڊ ڏيارڻ جن شھرن ۾ پريس ڪلب جون پنھجون بلڊنگون به آھن جن شھرن ۾ صحافي ڪالونيون نه آھن اتي اھي ڏيارڻ، غريب بيمار صحافين جو سرڪاري طور سٺين اسپتالن مان علاج ڪرائڻ ۽ مسئلن جي لاءِ گڏيل طور عملي جدوجھد ڪريون. اسان صحافت جي عالمي ڏينھن تي صحافت جي آزادي لاءِ صحافتي فرض ادا ڪندي شھيد ٿيندڙ زيادتين جو شڪار ٿيندڙ صحافين ۽ سچي صحافت ڪندڙن کي سلام پيش ڪريون ٿا