ڪراچي ۾ عورت پوليس آفيسر جي پُٽ جي اهلڪارن کي مارڪٽ، گرفتار

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي ۾ اسنيپ چيڪنگ دوران گاڏي روڪڻ تي عورت پوليس آفيسر نسيم آرا جو پٽ خبيب ڪاوڙ ۾ اچي پوليس اهلڪارن سان بدتميزي ڪرڻ لڳو، وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، جوابدار پوليس آفيسر جو ڪالر پڪڙي گاريون به ڏنيون، جڏهن ته گاڏي تي مبينا پوليس لائٽس ۽ جعلي نمبر پليٽ لڳل هئي، واقعي  جو نوٽس وٺندي ڊي آءِ جي ڏکڻ ايس ايس پي  ڏکڻ کي فوري ۽ جامع جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، پوليس موجب ڊفينس فيز 7 ايڪسٽينشن ۾ چيڪنگ دوران عورت ايس پي جي پٽ  اهلڪارن سان تڪرار ڪيو ۽ سب انسپيڪٽر سان به هٿ چراند ڪئي، گاڏي ۾ ٻه پرائيويٽ گارڊ به موجود هئا، وڊيو ۾ نوجوان کي پوليس سان جهيڙو ڪندي ڏسي سگهجي ٿو، وائرل وڊيو بعد ڊي آءِ جي سائوٿ سيد اسد رضا واقعي جو نوٽس وٺي ڇڏيو، ڪراچي پوليس ڪارروائي ڪندي عورت آفيسر جي پٽ کي گرفتار ڪري گاڏي قبضي ۾ وٺي ڇڏي، ٻئي طرف واقعي جو ٻيو رخ به سامهون آيو، نئين وڊيو نوجوان خبيب جي والد طرفان جاري ڪئي وئي، رپورٽن موجب قيوم آباد چوڪي جي انچارج شازان شڪيل نوجوان کي روڪيو جنهن بعد ٻنهي وچ ۾ جملن جي ڏي وٺ ٿي، وڊيو ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ سخت جملا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا، ڪجهه لمحن ۾ ماحول بهتر ڪرڻ جي ڪوشش به نظر اچي ٿي، اطلاع آهي ته پوليس آفيسر گاڏي جو دروازو ڇڪي کولڻ ۽ چاٻي ڪڍڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي.

اهلڪارن ڊرامو ڪيو، پٽ شراب ته ڇا سگريٽ ئي نه پيتو هوندو:والد

ڪراچي: ايس پي نسيم آراءَ جي مڙس ۽ پوليس آفيسر سان بدتميزي جي الزام ۾ گرفتار جوابدار جي والد ميڊيا کي ٻڌايو ته اهلڪارن ڊرامو ڪيو، منهنجي پٽ شراب ته ڇا ڪڏهن سگريٽ ئي نه پيتو هوندو، مان چئلينج ٿو ڪيان ته منهنجي پٽ جو چيڪ اپ ڪرايو وڃي، هنن سمورو ڊرامو رچايو آهي، اسان سان انصاف ڪيو وڃي، اسان ڀلا ڪيڏانهن وڃون، نمبر پليٽ وارو مسئلو ڪجهه ناهي، ايس پي به ته پوليس جي آهي نه، چور ته نه آهي، اسان کي سڀاڻي ڪير تحفظ ڏيندو، روز پيا پوليس وارا مرن، سال اڳ گاڏي وئي اها هٿ نه آئي، ڇا ٿيندو اسان جو، اسان کي ٿريٽس ڏنا ويا، اسان جو ڪجهه نه ٿيو، ظلم آهي نه، اسان جي به ڳالهه ٻڌي وڃي، ٿاڻي تي هلو منهنجي  پٽ جي حالت ڪيئن ڪئي اٿن، پڙهيل لکيل نوجوان، لنڊن جرمني، ڪٿان ڪٿان ٿي آيو آهي 23 سالن ۾، پر اسان وري به موقف نه ڏنو، خاموش رهياسين ته ٺيڪ آهي هليا وياسين ڪجهه ڪو نه ٿيندو، پر هي حالت آهي، منهنجي پٽ سان بدتميزي ڪئي وئي ان کان پوءِ هن وڊيو رڪارڊ ڪئي ان تي پٽ سان بدتميزي ڪئي وئي.

نمبر پليٽ جعلي نه هئي، مون تي تشدد ڪيو ويو: ايس پي جو پٽ

ڪراچي: پوليس آفيسر سان گار گند ڪندڙ ۽ ڳچي پڪڙيندڙ ايس پي نسيم آرا جي پٽ خبيب جو چوڻ هو ته نمبر پليٽ جعلي نه هئي، ايس پي جي پٽ اهلڪارن تي تشدد جو الزام هڻندي خبيب چيو ته ايندي ئي اهلڪارن چماٽون هنيون، مون کي ڊيڄاريو ويو، مون ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي، مون کي چماٽون هنيون ويون، منهنجا ڪپڙا ڦاڙيا ويا، هاڻ جعلي نمبر پليٽ ٺاهي ڊرامو ڪيو ويو آهي، منهنجي گاڏي جي نمبر پليٽ هنن لاهي ڇڏي آهي، انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.