مئي ڏهاڙو: عالمي امن جي ضمانت

گل محمد منگي

عظيم انارڪسٽ، ايٽ آور ليگ جي صدر ۽ يوم مئي تحريڪ (اٺ ڪلاڪ مزدوري ڪرڻ واري تحريڪ) جي باني البرٽ پارسنز "ھي مارڪيٽ سانحي” واري ھنڌ 4- مئي 1886ع  تي پورو ھڪ ڪلاڪ ڪيل پنھنجي آخري تقرير ۾ چيو ھو ته جيستائين مزدورن، ڏتڙيل ۽ پيڙھيل انسانن کي سندن گھربل جائز حق نه ملندا تيستائين امن جي ضمانت نه ٿي ڏئي سگھجي ـ ان تاريخ کان صرف ھڪ سال اڳ 1885ع تي جڏھن ايٽ آور ليگ جي عھديدارن جي چونڊ ٿي رھي هئي ۽ اسٽيج تان اعلان ٿيو ته صدارت لاءِ ڪير اميدوار آھي ته ان وقت سڄي اجتماع ۾ سانت ڇانئجي وئي هئي ڇو ته  امريڪا جي تڏھوڪي صدر گريور ڪليوارڊ واضع ۽ کليل لفظن ۾ چئي ڇڏيو ھو جيڪو به ايٽ آور ليگ (Eight Hour League) جو سربراھ  ٿيندو ھو ان جا "ٻچا ٻير تي ٽنگرائي ڇڏيندو”ـ اھڙين انتھائي ڪٺن حالتن ۾ سڄي مجموعي مان صرف ھڪڙي ھٿ مٿي ڪيو ۽ اھو ھٿ البرٽ پارسنز جو ھو ـ ايٽ آور ليگ جي صدر جي عھدي جي لاءِ تائيد ڪندڙ به سندس وني "لوسي پارسنز” بڻي هئي ـ جنھن پنھنجي مڙس البرٽ پارسنز جي ڦاسي کان  پوءِ امريڪا ۾ مزدور تحريڪ کي ھٿي ڏيارڻ واسطي اھو تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو جو اڄ کيس پورھيت طبقي جي "ڏاڏي ماءُ” طور ياد رکيو وڃي ٿوـ ايٽ آور ليگ جو بنياد 1865ع ۾ پيو ۽ 1867ع ۾ اٺ ڪلاڪ پورھيو ڪرڻ جو مطالبو مڃرايئڻ واسطي جيڪا ملڪ گير ھڙتال ۽ احتجاج ٿيو ھو ان ۾ صرف شڪاگو ۾ يارنھن پورھيت پوليس جي فائرنگ ۾ مارجي ويا هئا  جڏھن ته 48 مزدور ۽ 90 پوليس اھلڪار ڦٽجي پيا هئا  ۽ پوليس 2150 پورھيتن کي گرفتار ڪيو ھوـ ان واقع بعد رياست الينوس مزدورن کان اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي وٺڻ جو قانون ته  منظور ڪيو ھو پر ان تي عمل نه پئي  ڪيو ويو ۽ صنعتن جا مالڪ ان قانون کي مڃڻ لاءِ پڻ تيار نه ھئاـ جنھن تي عمل ڪرائڻ واسطي ايٽ آور ليگ پنھنجون سرگرميون شروع ڪري ڏنيون ھيون ۽ پورھيت ان قانون تي عملدرآمد ڪرائڻ لاءِ ميدان تي نڪري آياـ

پھرين مئي 1886ع تي اٽڪل چاليهھ ھزار صنعتي مزدور پنھنجن مطالبن کي مڃرائڻ لاءِ ھڙتال تي ھليا وياـ 3-مئي 1886ع تي مزدورن پاران اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي جو مطالبو مڃرائڻ لاءِ نڪتل جلوس تي پوليس جي فائرنگ ۾ ٻه مزدور مارجي ويا ته شڪاگو سميت پوري آمريڪا ۾ مزدورن ۾ تاءُ پکڙجي ويو ۽ ايٽ آور ليگ سميت متحده ٽريڊ يونين پاران 4- مئي 1886ع  تي "ھي مارڪيٽ واري ھنڌ تي گڏ ٿي احتجاج ڪرڻ جو سڏ ڏنو ويوـ ان جلسي ۾ لڳ ڀڳ 40 ھزار مزدورن شرڪت ڪئي ـ جڏھن اھو جلسو ختم ٿيڻ وارو ھو ته جنھن ھنڌ پوليس بيٺل هئي اتي ڪنھن شخص شرارت ڪري بم اڇلايو جنھن ۾ 7- پوليس اھلڪار ۽ چار مزدور مارجي وياـ جنھن کان  پوءِ سرڪار جا ھوش حواس ختم ٿي ويا ۽ پوليس پاران فيڪٽرين، مزدورن جي دفترن، گڏ ٿيڻ وارن ھنڌن، گھرن ۽ سندن حامي اخبارن جي آفيسن تي ڪاھون ڪيون ويون ۽ ڇاپا ھنيا ويا، ھڪ سو کان وڌيڪ مزدورن ۽ سندن حمايتين کي گرفتار ڪيو ويو جن ۾ ايما گولڊمان به شامل هئي ـ ان واقع جو الزام انارڪسٽن تي ھنيو ويوـ

ممتاز تاريخ دان پال ايورچ لکي ٿو ته "4- مئي 1886ع  تي جيڪو احتجاج ڪيو ويو ھو اھو رڳو مزدورن کي اٺ ڪلاڪ ڊيوٽي جي حق لاءِ ھلندڙ جدوجھد بابت آگاھي ڏيڻ واسطي ٿيو ھوـ عام راءِ اھا آھي ته پوليس تي اڇلايل بم واري واقعي ۾ سرمائيدارن پاران پنھنجي حفاظت لاءِ جوڙيل نجي "پنڪرٽن سڪيورٽي ايجنسي” ملوث ھ ئي ـ

ان واقعي بعد سمورا اھم ۽ سرگرم انارڪسٽ ڪارڪن گرفتار ٿي ويا پر البرٽ پارسنز ھٿ نه اچي سگھيو جيڪو واقع بعد فرار ٿي جنيوا ھليو ويو ھو  پر  پوءِ جڏھن کيس سمورن ساٿين جي گرفتاري جي خبر پئي  ته ھو پاڻ واپس آيو ۽ گرفتاري ڏني ـ

ان دور ۾ آمريڪا ۾ قانون ھو ته اڌ جج مدعي ڌر ۽ اڌو اڌ جج ملزم ڌر مقرر ڪندي هئي پر ھن ڪيس ۾ قانون جا سمورا بکيا اڊيڙيندي سرڪاري بيلف کي ججن جي مقرري جو اختيار ڏنو ويو جنھن چونڊي چونڊي پورھيت دشمن ججن کي مقرر ڪيوـ 11- ڄڻن تي ٻڌل جيوري جو سربراھ بدنام زمانه پورھيت دشمن جوزف گري کي مقرر ڪيو ويو جنھن مان صاف ظاھر ھو ته آمريڪي صدر ھر صورت ۾ ايٽ آور ليگ کي ڪچلڻ چاھي پيو جنھن جو اعلان ھو اڳواٽ ڪري چڪو ھوـ ان ھڪ طرفي ڪورٽ ۾ سرڪاري ڌر جا سمورا 118 شاھد پيش ٿيا جڏھن ته ملزمن جي ڌر جي ڪنھن ھڪ شاھد کي به گواھي ڏيڻ جي اجازت نه ڏني ويئي ـ ويتر سرڪاري وڪيلن توڙي ججن گرفتار پورھيتن کي کلم کلا ڌمڪيون به ڏنيون ـ سرڪار پاران سمورين اخبارن ذريعي ڪيس ۾ نامزد پورھيتن ۽ ايٽ آور ليگ خلاف حد کان وڌيڪ منفي پروپرگنڊا ڪئي ويئي هئي  جنھن جو مقصد انصاف بجاءِ انتقام وارو ماحول تيار ڪرڻ ھو ـ جڏھن ته پنھنجي ساٿين کي بچايئڻ لاءِ سڄي دنيا جي پورھيتن پھريون ڀيرو چندو گڏ ڪري شڪاگو جي ايٽ آور ليگ کي اماڻيو ھوـ

ان ھڪ طرفي جوڙيل عدالت گرفتار ڪيل سمورن اٺن مان ستن پورھيت اڳواڻن البرٽ پارسنز، آگسٽ اسپايئيز، جارج اينگلس، سيمويئيل فيلڊن، اڊولف فشر، ليويئس لنگ ۽ آسڪر نيبي کي ڦاسي جي سزا ٻڌايئي ڇڏي ۽ مائيڪل شواب کي 15 سال قيد بامشقت جي سزا ٻڌائي ۽ اپيل جو حق به نه ڏنوـ ان جي خلاف مشھور دانشور ۽ ليکڪ آسڪر وايئيلڊ، ناول نگار وليم ڊين ھوولس، قانون دان ڪلارنس دارو، جارج برنارڊ شا، وليم مورس ۽ ٻين ان فيصلي تي ڇتي تنقيد ڪئي ۽ ان کي ناانصافي وارو فيصلو قرار ڏنوـ

11 نومبر 1887ع  تي شڪاگو جي ڪڪ ڪايئونٽي جيل ۾ چيئن پورھيتن جارج اينگلس، اڊولف فشر، البرٽ پارسنز ۽ آگسٽ اسپايئيز کي ان وقت جي آمريڪي قانون مطابق سرعام ڦاسي ڏني وئي ھئي  ـ ان موقعي تي البرٽ پارسنز جي گھر واري لوسي پارسنز جيل ۾ پھتي جنھن پنھنجي مڙس کي الوداع ڪرڻ پئي چاھيو پر کيس جيل جي مکيه دروازي وٽ روڪيو ويو ھوـ ڦاسي ڏيڻ وقت انھن باھمت پورھيتن تقريرون به ڪيون ـ آگسٽ اسپايئيز چيو ته "نيٺ اھو وقت ضرور ايندو جو اسانجو دٻايل آواز اوھان جي انتقامي لٻاڙ کان وڌيڪ سگھارو ٿي گونجندو” ۽ اڄ اھا ڳالھه سچ بڻجي اسان جي سامھون اچي چڪي آھي ـ البرٽ پارسنز "ھري انارڪزم” جو نعرو ھڻي تقرير شروع ڪئي ته جلاد ڦاسي جو تختو ڪڍي ڇڏيو ۽ چار يئي مزدور رھنما ڦاسي گھاٽ تي جھولجي ويا ۽ پنھنجو ساه ڏيئي پورھيتن جي عالمي تحريڪ کي ھميشه لاءِ زنده جاويد ڪري ان ۾ ويساھ ڀري ڇڏيوـ جڏھن ته رياست جي گورنر شديد تنقيد سبب ٻن پورھيتن سيمويئيل فيلڊن ۽ مايئيڪل شواب جي موت جي سزا ختم ڪري ڇڏي ـ

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته جيستائين دنيا اندر ننڍ وڏائي ۽ طبقا موجود آھن ان وقت تائين ان استحصالي نظام جي خلاف جدوجھد به جاري رھندي جنھن جو بنياد شاه عنايت شھيد جھوڪ شريف ۽ ٺٽي ۾ رکيو جنھن کي اڄ دنيا جو پھرين سوشلسٽ به قرار ڏئي رھي آھي ـ جنھن پھريون ڀيرو "جيڪو کيڙي سو کائي” جو نعرو ڏنوـ ساڳي طرح روس ۾ عظيم ليکڪ ۽ ڏاھي ليو ٽالسٽاءِ پڻ پنھنجي ذاتي جاگيرن کي ھارين ۾ ورھايئي لايئيف اينڊ ليبر ڪميون قائم ڪيو ـ اڄ مئي ڏهاڙي جي شھيدن جي بدولت سڄي دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ مزدورن کي 8- ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جو حق حاصل آھي جڏھن ته اٺ ڪلاڪ آرام ۽ اٺ ڪلاڪ گھرڀاتين لاءِ وقف ڪرڻ جو قانوني طور تي حق مليل آھي ـ پورھيتن کي اڃان به وڌرڪ حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد ڪرڻ جي ضرورت آھي ـ ھن وقت به پاڪستان سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ مزدورن کي سندن تسليم ٿيل حق نه ملي سگھيا آھن ـ ان پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته مئي ڏهاڙو نه صرف مزدورن جي ايڪي جو ڏينھن آھي بلڪه عالمي امن جي ضمانت آھي ـ جيڪو کيڙي سو کائي جي نعري ھيٺ مزدور ھڪ ڏينھن سڄي دنيا ۾ پنھنجي ايڪتا سان ان خواب کي ساڀيان ڪنداـ

حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته جيستائين دنيا اندر ننڍ وڏائي ۽ طبقا موجود آھن ان وقت تائين ان استحصالي نظام جي خلاف جدوجھد به جاري رھندي جنھن جو بنياد شاه عنايت شھيد جھوڪ شريف ۽ ٺٽي ۾ رکيو جنھن کي اڄ دنيا پھرين سوشلسٽ به قرار ڏيئي رھي آھي ـ جنھن پھريون ڀيرو "جيڪو کيڙي سو کائي” جو آفاقي نعرو ڏنوـ ساڳي طرح روس ۾ عظيم ليکڪ ۽ ڏاھي ليو ٽالسٽاءِ پڻ پنھنجي ذاتي جاگيرن کي ھارين ۾ ورھائي لائيف اينڊ ليبر ڪميون قائم ڪيو جنھن کي ان وقت جي حڪومت 1926ع  ۾ تباه ڪري ڇڏيوـ

اڄ مئي ڏهاڙو جي شھيدن جي بدولت سڄي دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ مزدورن کي 8- ڪلاڪ ڪم ڪرڻ جو حق حاصل آھي جڏھن ته اٺ ڪلاڪ آرام ۽ اٺ ڪلاڪ گھرڀاتين لاءِ وقف ڪرڻ جو قانوني طور تي حق مليل آھي ـ پورھيتن کي اڃان به وڌيڪ حق حاصل ڪرڻ لاءِ جدوجھد جاري آھي ـ ھن وقت به پاڪستان سميت دنيا جي اڪثر ملڪن ۾ مزدورن کي سندن تسليم ٿيل حق نه ملي سگھيا آھن ـ ان پسمنظر ۾ ڏٺو وڃي ته مئي ڏهاڙو نه صرف مزدورن جي ايڪي جو ڏينھن آھي پر عالمي امن جي ضمانت پڻ آھي ـ جيڪو کيڙي سو کائي جي نعري ھيٺ مزدور ھڪ ڏينھن سڄي دنيا ۾ پنھنجي ايڪتا سان ان خواب کي ساڀيان ڪندا جيڪو انساني معراج ۽ عالمي امن جي ضمانت فراھم ڪري ٿوـ

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.