ٽنڊو الهيار واسي پورهيت نوجوان ڪراچي ۾ قتل

ٽنڊوالهيار (رپورٽ : حسرت لغاري) ڪراچي پورهئي سانگي ويل نوجوان قتل، ٻوري بند ٿيل لاش ھٿ آيو، ڳوٺ لونگ بالادي سان تعلق رکندڙ 20 ورھين جي نوجوان افضل بالادي جو لاش ڪراچي جي علائقي ايوب ڳوٺ وٽان ٻوري ۾ بند حالت ۾ هٿ آيو، پوليس موجب لاش کي پوسٽ مارٽم  بعد وارثن حوالي ڪيو ويو ۽ واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي، نوجوان جو لاش گهر پهچڻ تي ڳوٺ ۾ ڏک جي لهر پکڙجي وئي ۽ گھر ۾ ڪهرام مچي ويو، قتل ٿيل نوجوان جي ڀاءُ جاويد بالادي جو چوڻ هو ته افضل چار ڏينهن اڳ گهران دڪان تي وڃڻ جو چئي نڪتو هو، ٻي پاسي  ذريعن کان اها به ڄاڻ ملي آھي ته افضل بالادي ڪجھه عرصو اڳ پيار جو پرڻو پڻ ڪيو ھو ۽ سندس وارث موت کي مشڪوڪ قرار ڏيندي قتل جو به شڪ ظاھر ڪري رھيا آھن، افضل روزگار جي ڳولا ۾ ڪراچي ويو هو، جتي هن سان ھي دردناڪ واقعو پيش آيو، وارثن ۽ علائقي واسين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته قاتلن کي جلد گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن متاثر خاندان کي انصاف ملي سگهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.