ڪراچي(ارباب چانڊيو)پ پ جي اهم اڳواڻ ايم پي اي فريال ٽالپر جي صدارت ۾ سنڌ ۾ منشيات جي وڌندڙ ڪاروبار ۽ نوجوانن ۾ ان جي استعمال وڌڻ واري معاملي تي اهم اجلاس ٿيو جنهن ۾ صوبائي وزيرن،اسيمبلي ميمبرن،آءِ جي سنڌ سميت پوليس جي اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي،ان اجلاس جي دلچسپ ڳالهه اها آهي ته ان ۾ هڪ اهڙو ايم پي اي به شريڪ هو جيڪو نه صرف پاڻ هر قسم جي منشيات واپرائيندو آهي بلڪه پنهنجي علائقي ۾ ان ڪاروبار جي سرپرستي به ڪندو آهي،اها ڳالهه هن جا دوست به ٻڌائن ٿا،ذريعن موجب اهو ايم پي اي پنهنجي امڙ سان گڏ عمري تي ويو،ڪعبي شريف ۾ سندس امڙ کيس چيو ته منهنجي مٿي تي هٿ رکي قسم کڻ ته اڄ کانپوءِ نه تون منشيات استعمال ڪندين نه ڪنهن کي ڪرڻ ڏيندي نه ئي پنهنجي تڪ ۾ منشيات جي سرپرستي ڪندين،ايم پي اي قسم کڻي ورتو،ملڪ واپسي کانپوءِ اهو ايم پي اي منشيات کان پري ٿي ويو آهي،اجلاس ۾ شريڪ ان ايم پي اي سوال اٿاريو ته اسان جي پوليس ريڙهي واري،رڪشا واري کي روڪي پئسا وٺي ڇڏي ڏئي ٿي پر جيڪي لينڊڪروزر ۽ ٻين وڏين گاڏين ۾ ماڻهو هلن ٿا انهن کي پوليس ڇو نٿي روڪي؟انهن گاڏين جي تلاشي ڇو نٿي ورتي وڃي،هن چيو ته ڇا منشيات رڳو بسن ۽ ٽرڪن جي خانن،ٽائرن ۽ بانٽن ۾ لڪيل هوندي آهي؟ڇا اهي وڏيون گاڏيون منشيات جي اسمگلنگ نٿيون ڪري سگهن؟اجلاس ۾ ڪنهن ٻڌايو ته سموري منشيات ته سرحدن تان اچي رهي آهي،پوليس جون گاڏيون منشيات جي سرحد پار منتقلي ۾ استعمال ٿي رهيون آهن،جڏهن ته پ پ قيادت کي شڪ ٿي پيو آهي ته سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ پارٽي ايم پي ايز،ايم اين ايز ۽ پارٽي اڳواڻ يا منشيات استعمال ڪن ٿا يا گٽڪي،ماوا،آئس،چرس جي سرپرستي ڪن ٿا،فريال ٽالپر سنڌ جي سامونڊي پٽي ۾ منشيات جي اسمگلنگ جو سخت نوٽيس ورتو آهي،آءِ جي سنڌ کي چيو ويو آهي ته آپريشن ۾ ڪنهن سان به رعايت نه ڪئي وڃي جڏهن ته ٻه ٽي ڏينهن اڳ سانگهڙ ۾ به وڏي ڪارروائي ٿي آهي جتي پوليس جو ضلعي سربراهه منشيات جي سرپرستي الزام ۾ هٽايو ويو آهي ٻه ٽي ڪلارڪ ،اسٽينو ۽ اڪائونٽنٽ فرار ٿيل آهن،
منشيات جي سرپرستي ڪندڙ بااثر سياسي ماڻهن خلاف ڪارروائي ٿيندي:آءِ جي سنڌ
حيدرآباد( رپورٽر) سنڌ پوليس جي آءِ جي جاويد عالم اوڍو چيو آھي ته منشيات ۾ بااثر سياسي ماڻھو ملوث نڪتا ته انھن خلاف به ڪارروائي ٿيندي، سنڌ اندر ڏوھن ۾ گھٽتائي آئي آھي ، سياسي يا حڪومتي اثر رسوخ رکندڙ پوليس آفيسر ڀلي ڪيترا به بااثر ھجن ڪم نه ڪندا ٿاڻن تي نه رھندا، پوليس ماڻھن کان منشيات جو سئو سيڪڙو واھپو نٿي ڇڏائي سگھي، منشيات جي سپلائي سائيڊ تي ڪنٽرول ڪري ورتو آھي. دھشتگردن ۽ ڏوھارين لاءِ ڌرتي تنگ ڪري ڇڏي آھي. صوبي ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين امن امان ڪنٽرول ھيٺ آھي. اھڙو اظھار ھن ڪالھ حيدرآباد پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالھائيندي ڪيو. ھن ھڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته جيڪڏھن ايس ايڇ اوز امن امان قائم ڪرڻ سميت عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ جي ڪارڪردگي نه ڏيکاريندا ته اھي ٿاڻن تي به نه رھندا. ھن چيو ته تازو صوبائي گھرو کاتي جي قائم ڪميٽي جي اجلاس ۾ اھو طئي ڪيو ويو ته منشيات ۾ ڪير ڪيڏو به بااثر سياسي ماڻھو ملوث ڇو نه ھجي ان خلاف به بنا ڪنھن فرق جي ڪارروائي ڪئي ويندي. سنڌ پوليس ۾ ڏنڊا بردار فورس جو پراڻو روايتي طريقو تبديل ڪري ڇڏيو آھي. سنڌ پوليس ۾ جاچ جو شعبو ڪمزور آھي، ان لاءِ سنڌ حڪومت تازو 2 ھزار جاچ پوليس آفيسر ڀرتي ڪيا آھن. جن جي اچڻ سان جاچ واري شعبي جي بھتري ايندي. ھن چيو ته سڄي سنڌ ۾ منشيات خلاف سخت آپريشن جاري آھي. اسان کي نوجوان نسل کي بچائڻو آھي. ھن چيو ته گھوٽڪي، سکر، شڪارپور جي ڪچي وارن علائقن ٻيلن مان 35 خطرناڪ ڌاڙيلن جو خاتمو ۽ 160 کان وڌيڪ مقابلن ۾ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا آھن. آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو پريس ڪلب جي صدر جنيد خانزاده جي تجويز تي صحافين جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڊي آئي جي حيدرآباد طارق رزاق ڌاريجو کي فوڪل پرسن مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪندي کيس ٽيم جوڙي صحافين جا جائز مسئلا حل ڪرڻ جي ھدايت ڪئي.