اسلام آباد(ويب ڊيسڪ)ايراني پاسدارن انقلاب هڪ ٻئي پاڪستاني جهاز کي آبناءَ هُرمز مان گذرڻ جي خصوصي اجازت ڏئي ڇڏي آهي.
پي اين ايس سي ذريعن موجب، 8 ڪروڙ ليٽر ڊيزل کڻي جهاز ”خيرپور“ هُرمز پٽيءَ ۾ داخل ٿي ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڪويت جي بندرگاهه تان ڊيزل کڻي ايندڙ جهاز ڪراچي پورٽ تي لنگر انداز ٿيندو.