عالمي مارڪيٽ ۾ تيل سستو ٿي ويو

اسلام آباد/واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران خلاف وڌيڪ جنگي ڪارروائين تي غور، ناڪابندي ۽ آبناءِ هرمز جي مسلسل بندش سبب اڄ تيل جون قيمتون 4 سالن جي بلند ترين سطح تي پهچي ويون هيون، پر هاڻي عالمي مارڪيٽ ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ تيل جي اگهن لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
رپورٽ موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ برينٽ ڪچو تيل 124 ڊالرن مان گهٽجي 114 ڊالر في بيرل تي اچي ويو آهي، جڏهن ته ڊبليو ٽي آءِ 110 ڊالرن مان گهٽجي 104 ڊالر في بيرل تي اچي ويو آهي.
واضح رهي ته عالمي منڊين ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ واڌ سبب آمريڪا پڻ متاثر ٿيو آهي، جتي پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون 2022ع کانپوءِ بلند ترين سطح تي پهچي ويون آهن.
آمريڪا ۾ پيٽرول جي سراسري قيمت 8 سينٽ جي واڌ کانپوءِ 4 ڊالر 30 سينٽ في گيلن ٿي وئي، جڏهن ته ڊيزل جي سراسري قيمت 5 ڊالر 50 سينٽ في گيلن رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آمريڪي رسالي موجب، ايران جنگ کانپوءِ ڊيزل جي اگهن ۾ 46 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته آمريڪي ڊرائيورن جا خرچ پڻ 44 سيڪڙو وڌي ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.