جنگ ٻن سالن جي ڪوششن کي لوڙهي ڇڏيو، سڀاڻي تيل جا نوان اگهه مقرر ڪبا: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ جاري جنگ پاڪستاني معيشت تي ڳنڀير اثر ڇڏي رهي آهي، جنهن ڪري ملڪ جي تيل جو درآمدي بل رڪارڊ سطح تي پهچي ويو آهي. وزيراعظم شهباز شريف انڪشاف ڪيو آهي ته هن علائقائي تڪرار سبب پاڪستان جو تيل جو هفتيوار بل 167 سيڪڙو واڌ سان 30 ڪروڙ ڊالرن مان وڌي هاڻي 80 ڪروڙ ڊالرن تائين پهچي چڪو آهي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جون قيمتون  هڪ ڀيرو ٻيهر آسمان سان ڳالهائي رهيون آهن، جيڪا هڪ انتهائي ڏکي صورتحال آهي ۽ اسان کي همت سان ان جو مقابلو ڪرڻو پوندو. هن ٻڌايو ته پاڪستان جنگ جي خاتمي ۽ امن جي بحالي لاءِ وڏيون ڪوششون ڪري رهيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ ئي جنگ بندي ۾ واڌ ممڪن ٿي آهي. وزيراعظم وڌيڪ انڪشاف ڪيو ته پاڪستان پاران امن لاءِ ايران کي نيون تجويزون موڪليون ويون آهن، جنهن تي ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي مشاورت کانپوءِ جواب ڏيڻ جو چيو آهي. تيل جي قيمتن بابت ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته ايندڙ جمعي تي عالمي مارڪيٽ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي مقامي قيمتن جو اعلان ڪيو ويندو. هن پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ جي ٽيم کي ساراهيندي چيو ته سندن محنت سبب ٻين ملڪن جي ابتڙ پاڪستان ۾ تيل لاءِ قطارون يا ڪا افراتفري پيدا نه ٿي. وزيراعظم عوام کي تيل جي بچت جي اپيل پڻ ڪئي. ٻئي طرف، نجڪاري بابت ڳالهائيندي وزيراعظم اطمينان جو اظهار ڪيو ته پي آءِ اي جي نجڪاري واري عمل سان قومي خزاني تي ڪو به واڌو بار نه پوندو. هن صوبائي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته هو زراعت سان گڏوگڏ عوامي ٽرانسپورٽ ۽ ٻين اهم شعبن ۾ عوام کي سبسڊي ڏيڻ لاءِ مشاورت شروع ڪن ته جيئن عام ماڻهو کي مهانگائي جي اثرن کان بچائي سگهجي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته وچ اوڀر ۾ جاري جنگ پاڪستان جي ٻن سالن جي گڏيل معاشي ڪوششن کي سخت نقصان پهچايو آهي. هن چيو ته تيل جي وڌندڙ قيمتن معاشي استحڪام جي ڪوششن تي ناڪاري اثر وڌا آهن. پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام لاءِ سچي دل سان ڪوششون ڪيون آهن. ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين جو سلسلو 21 ڪلاڪن تائين جاري رهيو، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ جنگ بندي برقرار آهي. هن ٻڌايو ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي عمان ۽ روس جا دورا پڻ ڪيا آهن ۽ هن وقت هو پنهنجي قيادت سان مشاورت کانپوءِ حتمي جواب ڏيندو.  اجلاس دوران شهباز شريف ٻڌايو ته پاڪستان ساڍا ٽي ارب ڊالر جا پرڏيهي قرض واپس ڪري ڇڏيا آهن. هن معاشي چيلنجز دوران تعاون ڪرڻ تي سعودي قيادت جو شڪريو ادا ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.