ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ جي جسٽس اقبال ڪلهوڙي تي ٻڌل ٻه رڪني بئنچ ۾ ٺٽي ۾ اسڪول ۾ استادن ۽ ٻين سهولتن جي کوٽ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، عدالت ڊپٽي ڪمشنر ٺٽي کي اسڪول جو معائنو ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت چيو ته ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو اسسٽنٽ ڪمشنرکان سائيٽ وزٽ ڪرائي، اسسٽنٽ ڪمشنر اتي اسڪول جي عمارت، استادن جي موجودگي ۽ ٻين سهولتن جو جائزو وٺي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت فيصلي جون ڪاپيون تعليم کاتي واري سيڪريٽري کي به موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت عملدرآمد رپورٽ عدالت جي ايم آءِ ٽي وٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو،درخواست گذار چيو ته ٻارن لاءِ عمارت به موجود ناهي، پنجين جماعت جي ٻارن کي الف ب تائين به نٿو اچي، اسڪول جي بلڊنگ ۽ استاد مقرر ڪيا وڃن.