اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) قومي احتساب بيورو جي سربراهه دعويٰ ڪئي آهي ته ريئل اسٽيٽ ٽائيڪون ملڪ رياض ۽ سندس پٽ علي رياض خلاف انٽرپول ذريعي ريڊ نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن۔نيب جي ترجمان بي بي سي اردو کي ٻڌايو ته اربع ڏينهن صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران نيب چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ نذير احمد ملڪ رياض ۽ سندس پٽ خلاف ريڊ نوٽيس جاري ٿيڻ جي ڄاڻ ڏني۔نيب چيئرمين موجب ريڊ نوٽيس ريئل اسٽيٽ شعبي ۾ مبينا ڪرپشن جي مقدمن جي بنياد تي جاري ڪيا ويا آهن۔ريڊ نوٽيس دنيا جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان اهڙي درخواست هوندي آهي، جنهن جو مقصد ڪنهن شخص کي ڳولڻ، سندس حوالگي يا قانوني ڪارروائي تائين عارضي طور گرفتار ڪرڻ هوندو آهي۔واضح رهي ته انٽرپول موجب ريڊ نوٽيس ڪنهن به قسم جو “بين الاقوامي گرفتاري وارنٽ” ناهي۔ ان حوالي سان انٽرپول جي پريس آفيس سان رابطو ڪيو ويو آهي، پر هيل تائين انٽرپول نيب چيئرمين جي دعويٰ تي ڪو تبصرو ناهي ڪيو۔ان دوران صحافين سان ڳالهائيندي نيب جي ڊي جي آپريشنز چيو ته ملڪ رياض خلاف 900 ارب رپين کان وڌيڪ مبينا ڪرپشن بابت جاچ مڪمل ڪئي وئي آهي۔بحريا ٽائون جو باني ۽ چيئرمين ملڪ رياض هن وقت متحده عرب امارات ۾ رهائش پذير آهي، جڏهن ته سندس اداري جي ويب سائيٽ موجب ڪمپني دبئي ساؤٿ ۾ رهائشي ۽ واپاري تعميراتي منصوبو شروع ڪيو آهي، ملڪ رياض ۽ سندس ڪمپني بحريا ٽائون گذريل ڪيترن ئي سالن کان قانوني مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي ۽ کيس القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ به مفرور قرار ڏنو ويو آهي۔سندس خلاف ٻين الزامَن ۾ ڪراچي، راولپنڊي ۽ نيو مري ۾ سرڪاري ۽ نجي زمينن تي قبضي جا الزام پڻ شامل آهن۔آگسٽ 2025ع ۾ بحريا ٽائون جي ملڪيتن جي نيلامي پڻ ڪئي وئي هئي، جڏهن ته ملڪ رياض ماضي ۾ پنهنجي خلاف لڳايل سمورن الزامَن جي ترديد ڪندو رهيو آهي۔گذريل سال هن پنهنجي سماجي رابطن واري اڪائونٽ تان هڪ بيان جاري ڪيو هو، جنهن مان اهو تاثر مليو ته کيس ڪنهن ڪيس ۾ شاهدي ڏيڻ لاءِ چيو پيو وڃي۔القادر ٽرسٽ ڪيس ۾ کيس اڳ ئي مفرور قرار ڏنو ويو آهي۔ نيب جو الزام آهي ته القادر يونيورسٽي جي زمين عمران خان ۽ سندس گهرواري کي ملڪ رياض طرفان عطيو طور نه ڏني وئي هئي، پر اها ملڪ رياض ۽ عمران خان جي حڪومت وچ ۾ ٿيل هڪ مبينا ڳجهي معاهدي جو نتيجو هئي۔اداري موجب برطانيا ۾ منجمد ڪيل 190 ملين پائونڊ رقم، جيڪا بعد ۾ پاڪستان حڪومت حوالي ڪئي وئي، اها بحريا ٽائون ڪراچي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلي کانپوءِ بحريا ٽائون تي واجب الادا 460 ارب رپين ۾ ايڊجسٽ ڪئي وئي هئي۔ملڪ رياض پنهنجي ڊگهي بيان جي شروعات ۾ لکيو هو ته: “منهنجو ڪالهه به اهو ئي فيصلو هو ۽ اڄ به اهو ئي فيصلو آهي ته ڀلي ڪيترو به ظلم ڪيو وڃي، ملڪ رياض شاهدي نه ڏيندو