ڪراچي(رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي جي حڪومت کان بي آر ٽي منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جي تاريخ گهري ورتي عدالت پاران دير بابت ڪميشن ٺاهڻ جي سفارش عدالت ۾ بي آر ٽي ريڊ لائن لاٽ ٻه واري ٺيڪيدار جي سائيٽ سيل ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ جواد ڏيرو ۽ ٽرانس ڪراچي جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا. ايڊووڪيٽ جنرل جواد ڏيرو پنهنجي بيان ۾ چيو ته لاٽ ٻه جو ٺيڪو اڃا تائين ڪنهن کي به نه ڏنو ويو آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته بي آر ٽي ريڊ لائن ڪڏهن مڪمل ٿيندي ان جي تاريخ ڏني وڃي، عدالت منصوبي ۾ دير تي ڪميشن ٺاهڻ جي تجويز پيش ڪري ڇڏي. ٺيڪيدار جي وڪيل بيريسٽر صلاح الدين چيو ته سائيٽ تي سامان جي انوينٽري مڪمل ڪرڻ ۾ هڪ هفتو وڌيڪ لڳندو، سائيٽ تي ڇهه 6-6 ٺيڪيدارگهمندا پيا وتن، خبر ناهي ته ڪنهن کي ٺيڪو ڏنو پيو وڃي، جسٽس سليم جيسر اردو لفظ دن دناتي ڦر رهي هين جي تشريح پڇندي سوال ڪيو تا ان جو ڇا مطلب آهي ڇا پيرين اگهاڙي گهمن پيا؟ بئريسٽر صلاح الدين پڇيو ته ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌائن ڪهڙي قانون تحت پوليس ۽ مختيارڪار سائيٽ کي سيل ڪيو آهي، ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته جتي ٺيڪيدار جي آفيس قائم آهي اها جڳهه ڪي ايم سي جي ملڪيت آهي، ٽرانس ڪراچي جي وڪيل جو چوڻ هو ته هي هڪ تمام گهڻو تڪراري معاملو آهي، ثالثي هلي رهي آهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته لاٽ 2 جي سائيٽ اڃا تائين ٺيڪيدار وٽ آهي، لاٽ 2 جي ٺيڪي جي نوٽيس جي مدت ختم ٿيڻ کان پوءِ ڪنهن ٻئي کي ٺيڪو ڏنو ويندو، في الحال، لاٽ 2 تي ڊرينيج ۽ روڊ جي بحالي جو ڪم ڏنو ويو آهي، صلاح الدين چيو ته ميڊيا ۾ ڏسو، ماڻهو اتي ڪم ڪري رهيا آهن، ميئر، وزير چئي رهيا آهن ته ٺيڪو ختم ڪيو ويو آهي، اهي ايف ڊبليو کي به کڻي آيا آهن، جسٽس نثار ڀنڀرو چيو ته يونيورسٽي روڊ شهر جو مک روڊ آهي، شهري مسئلن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جيڪڏهن هي ٺيڪو ڪٿي ٻئي هنڌ هجي ها ته ڪڏهوڪو ختم ٿي چڪو هجي ها، درخواستگذار جي وڪيل انڪشاف ڪيو ته بي آر ٽي ريڊ لائين جون 16 اسٽيشنون ٺهڻيون هوين، پر رڳو صرف هڪ اسٽيشن جي ڊيزائن 20 اپريل تي ڏني وئي، يوٽيلٽيز کي سائيٽ تان صاف ڪري ٺيڪيدار جي حوالي ڪرڻو هو، 30 مهينن کان يوٽيلٽيز اتي ئي موجود آهن، هنن کي ساڍا ٽي ارب رپيا ڏيڻا هئا جيڪي نه ڏنا ويا ۽ چون ٿا ته منصوبو رات پيٽ ۾ مڪمل ٿي وڃي، درخواستگذار جي وڪيل صلاح الدين احمد چيو ته انهن کي منصوبو ڪنهن ٻئي کي ڏيڻو آهي ۽ اهو ڏئي به ڇڏيو آهي، کين معاهدو ختم ڪرڻ لاءِ 14 ڏينهن ڏيڻا هئا،هي معاملو عوامي مفاد ۾ پڻ آهي، جيڪڏهن معاهدو وچ ۾ زبردستي ختم ڪيو وڃي ٿو، ته ٺيڪيدار ريڪوڊيڪ منصوبي وانگر اضافي پئسن جي دعويٰ ڪندو ۽ اهي اضافي پئسا سنڌ جي وڏي وزير جي کيسي بدران قومي خزاني مان ويندا. جسٽس نثار احمد ڀنڀرو، رمارڪس ڏنا ته دنيا ۾ ڪٿي به اهڙو ڪو به معاهدو ناهي ٿيندو. درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سڄي دنيا ۾ سنگاپور، چين وغيره ۾ اهڙا معاهدا ٿيندا آهن، واضح طور تي ٻڌايو وڃي ته ڪهڙي قانون تحت سائيٽ کي سيل ڪيو ويو آهي. ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته اسان کي پنهنجو جواب جمع ڪرائڻ لاءِ وقت ڏنو وڃي، ٽرانس ڪراچي جي وڪيل جو چوڻ هو ته هڪ ٺيڪيدار جي سائيٽ تي ٻيا ٺيڪيدار سيل ٿيل ملڪيت تي ڪيئن گهمي رهيا آهن ؟ وڪيل عدالت کان گهر ڪئي ته ڪم ڪرڻ دوران ناظر مقرر ڪري سائيٽ کي عدالت جي تحويل ۾ رکيو وڃي، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته هتان روزانو لکين ماڻهو گذرندا آهن، اسپتالون آهن، يونيورسٽيون آهن. جسٽس سليم جيسر چيو ته ڪم وقت تي ڇو نه ٿيو آهي ؟ اهم سوال اهو آهي، وڪيل چيو ته جڏهن سنڌ حڪومت پنهنجن هٿياربند ماڻهن سان گڏ ايندي، ته ٺيڪيدار ڪيڏانهن ويندو، ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته سي اي او ٽرانس ڪراچي مطابق ريڊ لائين منصوبو 2028 ۾ مڪمل ٿيندو، جسٽس سليم جيسر چيو ته هڪ ڪميشن ٺاهيون ٿا ته آخر دير ڇو ٿي، جسٽس نثار ڀنڀرو چيو ته ان منصوبي ۾ دير سان سڄي شهر جي زندگي متاثر ٿي رهي آهي، جسٽس سليم جيسر ٽرانس ڪراچي جي وڪيلن سان مڪالمو ڪندي چيو ته عوام متاثر ٿي رهيو آهي، اوهان کي ڇا آهي، جسٽس نثار احمد ڀنڀرو چيو ته يونيورسٽي روڊ جي چوڌاري رهندڙ ماڻهو، بلڪه سڄو شهر ان مان متاثر ٿي رهيو آهي، بئريسٽر صلاح الدين چيو ته ڪو هڪڙو اهڙو دستاويز ڏيکاريو جيڪو ثابت ڪري ته منصوبي ۾ دير اسان جي ڪري ٿي آهي، جسٽس نثار احمد ڀنڀرو چيو ته اسان چاهيون ٿا هن معاملي تي هڪ ڪميشن ٺاهي وڃي، اسان جو توهان جي معاهدي سان ڪو ڏيڻ وٺڻ ناهي، اسان کي روڊ گهرجي، جسٽس نثار احمد ڀنڀرو چيو ته ايترو وقت ٿي ويو آهي ٽرئفڪ جا مسئلا پيدا ٿي رهيا آهن، يونيورسٽي روڊ جي ڪري شاهراهه فيصل ۽ شاهراهه پاڪستان تي به ٽريفڪ متاثر ٿي رهيو آهي جسٽس نثار احمد ڀنڀرو ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي چيو ته يونيورسٽي روڊ ڪڏهن مڪمل ٿيندو، ايندڙ ٻڌڻي تي ٻڌايو وڃي، عدالت ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٽرانس ڪراچي جي وڪيل جي درخواست تي ٻڌڻي 4 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ڪي فور رٿا ٻيهر ناڪام، ٽئنڪر مافيا جو راڄ برقرار رهندو
ڪراچي(ڪامران خان)ڪراچي پاڻي جو بحران وڌيڪ شديد ٿي ويو، ڪي- فور منصوبو ٻيهر ناڪام اها ڪا نئين خبر ناهي ته اڄ به ڪراچي جا لڳ ڀڳ ٽي ڪروڙ شهري پيئڻ جي صاف پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهن. پر سڀ کان وڌيڪ ڏک واري ڳالهه اها آهي ته ايندڙ ڪيترن ئي سالن تائين به اها صورتحال جاري رهڻ جو امڪان آهي. جيڪي اميدون ۽ آسرا هئا، اهي به هاڻي ختم ٿيندي نظر اچي رهيا آهن.پاڻي جي وڏن منصوبن ۾ ڪرپشن ۽ نااهلي جون ڪهاڻيون به سامهون آنديون ويون، پر ڪو به ڌيان نه ڏنو ويو.20 سالن کان وڌيڪ وقت کان K-4 منصوبو هلندو پيو اچي، پر ڪراچي کي اڃا تائين “شهباز اسپيڊ” جي ضرورت آهي.وزيراعظم چيو هو ته ڪراچي ۾ پاڻيءَ جو مسئلو حل ٿي ويندو، ٽينڪر ختم ٿي ويندا، ۽ هر گهر ۾ نلڪن مان پاڻي ايندو. پر اڄ تائين اهو واعدو پورو نه ٿيو.2004 ۾ شروع ٿيندڙ K-4 منصوبو، جنهن جو مقصد ڪينجهر ڍنڍ مان روزانو 650 ملين گيلن پاڻي ڪراچي آڻڻ هو، اڄ تائين مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.هي منصوبو حڪومتن جي اعلانن، بدانتظامي ۽ نااهلي جي نذر ٿي ويو آهي.2016۾ ڪم شروع ٿيو، پر ناقص ڊيزائن سبب اربين رپيا ضايع ٿيا، جنهن جو اعتراف به ڪيو ويو.2020۾ وفاقي حڪومت منصوبي کي پنهنجي نگراني ۾ ورتو، ۽ 2022 ۾ ٻيهر شروع ڪيو ويو، پر حالتون اڃا به بهتر نه ٿيون.هاڻي صرف 15 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿيو آهي، جڏهن ته ڊيڊ لائين ڊسمبر 2025 هئي.ورلڊ بينڪ جي ماهرن منصوبي جي ڪم کي غير معياري ۽ ناقص قرار ڏنو آهي، ۽ ڪجهه حصن کي ٻيهر اکيڙڻ جو مطالبو ڪيو آهي.پائپ لائين جي معيار تي به سنگين سوال اٿاريا ويا آهن. ويلڊنگ ٽيسٽ مڪمل نه ٿي، ۽ صرف جزوي جاچ ڪئي وئي آهي.ماهرن موجب پائپ لائين جي ٿولهه معيار مطابق ناهي، جنهن سان زنگ لڳڻ جو خطرو آهي.ڪراچي ۾ روزاني 1200 ملين گيلن پاڻي جي ضرورت آهي، پر دستياب پاڻي ان کان تمام گهٽ آهي.شهرين کي پاڻي لاءِ ٽينڪرن تي ڀاڙڻو پوي ٿو، جتي مهانگو پاڻي خريد ڪيو وڃي ٿو.منصوبي ۾ لڳل پائپ لائين 96 ڪلوميٽر ڊگهي آهي، پر اهم حصن تي ڪم سست رفتار سان هلي رهيو آهي.روڊ بند ٿيڻ سبب ٽريفڪ به سخت متاثر ٿي آهي، ۽ علائقن ۾ تباهي جا آثار نظر اچن ٿا.ماهرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ڪم اهڙي طريقي سان جاري رهيو ته منصوبو ڪڏهن به مڪمل نه ٿيندو.
ايف ڊبليو اوجو ڪراچي ۾ اچڻ ناڪامي جي نشاني؟
اسلام آباد(عدنان حسين) ڇا صدر کي هٽائڻ جو وقت اچي ويو آهي؟ گذريل 18 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت جي احتساب جو وقت اچي ويو آهي. گهرو وزير (محسن نقوي)، جيڪو فوج جي جنرل عاصم منير جي تمام ويجهو آهي، تنهن گذريل ڏينهن ڪراچي ۾ بيهي اشارو ڏنو هو ته گذريل 18 سالن ۾ جيڪو ڪراچي جو پئسو دبئي منتقل ٿيو آهي، ان جو احتساب ٿيندو.باقاعدي طور تي محسن نقوي اشارو ڏنو هو ته رياستي ادارن وٽ پڪا ثبوت موجود آهن. واٽس اپ تي جنهن طرح پيغامن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي هئي، جن اشارن سان پيغام موڪليا ويندا هئا ته جيڪي اربين ڊالر ڪراچي ۽ سنڌ ۾ لڳڻا هئا، انهن کي دبئي منتقل ڪيو ويو آهي؛ ان جا پڪا ثبوت رياستي ادارن وٽ موجود آهن. اشارا ملڻ شروع ٿي ويا آهن ته بجيٽ کانپوءِ سنڌ جي اندر وڏي تبديلي اچي سگهي ٿي. ماضي ۾ اسان ڏٺو آهي ته باقاعدي پيپلز پارٽي کي احتساب جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر اسٽيبلشمينٽ کي بليڪ ميل ڪيو ويو،هاڻي باقاعدي فوج ڪراچي ۾ اچي وئي آهي. ايف ڊبليو اوڪراچي جي تعميرات جو ٺيڪو کڻي ورتو آهي. هي شرمندگي جو مقام آهي مرتضيٰ وهاب لاءِ جيڪو ڪراچي جو ميئر آهي، مراد علي شاهه لاءِ جيڪو 2013 کان وٺي هينئر تائين وڏو وزير آهي، ۽ سڄي سنڌ حڪومت، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف علي زرداري لاءِ ته هاڻي يونيورسٽي روڊ جو ٺيڪو ايف ڊبليو او کي ڏنو ويو آهي. کين 90 ڏينهن جي ڊيڊ لائن ڏني وئي آهي ته ايف ڊبليو او، جيڪو فوج جو تعميراتي ادارو آهي، اهو 90 ڏينهن اندر يونيورسٽي روڊ کي مڪمل ڪندو.بجيٽ کانپوءِ جيڪا تياري ڪئي پئي وڃي، سنڌ ۾ وڏي تبديلي جي، اها خبر به هلي رهي هئي ته ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي. ممڪن آهي ته بجيٽ کانپوءِ اهڙي ترميم ڪئي وڃي جو ڪراچي کي وفاق جي ماتحت ڪيو وڃي. ان کان اڳ جڏهن 27 هين ترميم ٿي هئي ته چيو پيو وڃي ته 28 هين ترميم اچڻ واري آهي، جنهن ۾ صوبن جا حق گهٽايا ويندا ۽ وفاق کي مالي طور مضبوط ڪيو ويندو.18 هين ترميم جو ڪارڊ کيڏي حڪمران ان جا مزا سنڌ ۾ وٺي رهيا آهن. سنڌ ۾ تباهي مچائي وئي بدحالي، غربت ۽ انفراسٽرڪچر تباهه لڳو پيو آهي، ان تباهي جا ذميوار ڪٿي نه ڪٿي اسٽيبلشمينٽ جا ادارا به آهن ڇو ته اهي وفاق ۾ پنهنجي سسٽم کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌ ۾ پيپلز پارٽي سان سمجهوتو ڪن ٿا اهو به تاثر عام آهي ته پنجاب ۾ نون ليگ جي ڪارڪردگي نظر اچي ٿي، پر ڪراچي ۽ سنڌ ۾ صرف 18 سالن جي ڦرلٽ ۽ ڪرپشن نظر اچي ٿي. هاڻي پ پ جو گهيرو تنگ ٿئي ٿو يا نه، اهو وقت ٻڌائيندو.
لاهور ۽ ڪراچي جو مقابلو ناهي، ڪراچي لاءِ گهڻو پيسو گهرجي: مرتضيٰ وهاب
لاهور (بيورو) ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته برسات دوران ڪراچي جا روڊ ٻن کان چئن ڪلاڪن ۾ صاف ٿي ويندا آهن، پر سياسي ڇڪتاڻ ۾ لاهور ۽ ڪراچي جي ڀيٽ ڪرڻ مناسب ناهي، هڪٻئي سان مقابلي بدران اسان کي گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي. ڪراچي کي پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ وڏي پئسي جي ضرورت آهي. ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب هڪ وفد سان گڏ لاهور ۾ واسا هيڊ آفيس جو دورو ڪيو. پنجاب جي هائوسنگ وزير بلال ياسين سان ڳالهائيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته اسان واسا لاهور سان معاهدو ڪري رهيا آهيون ۽ انهن جي اسٽريٽجي کي اپنائينداسين. سڄي دنيا ۾ شهر هڪٻئي سان انتظامي تجربا شيئر ڪندا آهن، اسان به هڪٻئي جي تجربن مان شهرين جي خدمت ڪري سگهون ٿا. مرتضيٰ وهاب چيو ته هو بلال ياسين کي ڪراچي اچڻ جي دعوت ڏئي ٿو، لاهور زنده دل ماڻهن جو سائو شهر آهي پر زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکندي لاهور ۽ ڪراچي جي ڀيٽ نٿي ڪري سگهجي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو ۽ ن ليگ مريم نواز جي ويزن تي ڪم ڪري رهي آهي، اسان پاڻي کي صنعتي استعمال ۾ آڻڻ ۽ مٺي پاڻي کي محفوظ ڪرڻ جي منصوبن تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن اهو به واضح ڪيو ته واسا لاهور ٽيرف وڌايو آهي پر اسان ناهي وڌايو. ان موقعي تي صوبائي وزير بلال ياسين چيو ته اسان ميئر ڪراچي سان پنهنجا تجربا شيئر ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، برسات هجي يا ڪو ٻيو مسئلو، واسا لاهور ڪراچي سان ڀرپور سهڪار ڪندي. هن چيو ته اسان سيف سٽي ڪنٽرول روم ذريعي هڪ ڪمري ۾ ويهي سڄي پنجاب جي مانيٽرنگ ڪري سگهون ٿا.
لنڊن ۽ دبئي ۾ محل رکندڙن کي ڪراچي جي مسئلن سان ڪهڙي دلچسپي؟ شاهد خاقان
ڪراچي(رپورٽر)اڳوڻي وزيراعظم ۽ عوام پاڪستان پارٽي جي سربراهه شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته ڪراچي ۾ پاڻي موجود آهي، پر اهو رڳو ٽينڪر ذريعي ملي ٿو، جڏهن ته پاڻي جو خرچ هاڻي کاڌي ۽ اسڪول جي خرچ برابر ٿي ويو آهي۔ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي جي کوٽ ناهي، پر فراهمي جي کوٽ آهي۔ڪراچي ۾ پاڻي، روڊن ۽ ٽرانسپورٽ جي نظام جون خرابيون وڌي ويون آهن۔ جيڪڏهن ڪراچي ترقي ڪندو ته پوءِ ئي پاڪستان به ترقي ڪندو،هيترا سال ٿي ويا آهن سنڌ حڪومت کان هڪ يونيورسٽي مڪمل نٿو ٿئي،مفتاح اسماعيل چيو ته هن سال به سنڌ حڪومت جو بجيٽ 3600 ارب رپيا آهي، يعني روزانو لڳ ڀڳ 10 ارب رپيا خرچ ٿين ٿا، جڏهن ته پنجاب جو بجيٽ 5540 ارب رپيا آهي، حالانڪه پنجاب جي آبادي سنڌ کان ٻيڻي کان به وڌيڪ آهي۔ جڏهن سنڌ حڪومت چوي ٿي ته اسان کي پئسا نٿا ملن ته اها حقيقتن جي ابتڙ ڳالهه آهي۔هن چيو ته وفاق پنهنجا 62 سيڪڙو وسيلا صوبن کي آبادي جي تناسب سان ڏئي ٿو، تنهنڪري سنڌ کي به پنهنجو حصو ملي ٿو۔ ان کانسواءِ گيس ۽ تيل جي رائلٽي به ملي ٿي۔ جڏهن شاهد خاقان عباسي وزيراعظم هو، تڏهن گرين لائن منصوبي لاءِ به وفاق پئسا ڏنا هئا، ڪي فور منصوبي لاءِ به اڌ پئسا وفاق ڏنا هئا ۽ اڌ سنڌ حڪومت ڏنا هئا۔ مفتاح اسماعيل چيو ته سنڌ حڪومت جي ڪوشش هوندي آهي ته وفاق کين پئسا ڏئي، پر سڀني کي خبر آهي ته اهي پئسا ڪٿي وڃن ٿا، ڇو ته اهي ڪراچي تي خرچ نٿا ٿين۔ هن چيو ته ڇا حڪومت کي اهو احساس ناهي ته هڪ روڊ نه ٺهڻ سبب اربين رپين جو ڪاروبار متاثر ٿي رهيو آهي؟ حڪمران ٻڌائين ته هو عوام جي مسئلن جي حل طرف ڌيان ڇو نٿا ڏين؟ آخر ڪهڙيون رڪاوٽون آهن؟هن چيو ته جيڪڏهن اسان سنڌ جي اسڪولن، تعليم ۽ صحت جي نظام بابت ڳالهه ڪريون ته ڇا اهي بهتر ٿيا آهن؟ حڪمران صرف ڪجهه منصوبا ڏيکاري چون ٿا ته ڏسو اسان ڇا ڪيو، پر سنڌ جي 95 سيڪڙو آبادي جا حال بهتر ناهن ٿيا۔
شاهد خاقان عباسي ڪراچي جي ڳڻتي نه ڪري:ترجمان سنڌ سرڪار
ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد شاهد خاقان عباسي ۽ مفتاح اسماعيل جي پريس ڪانفرنس تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته شاهد خاقان عباسي ڪراچي جي ڳڻتي ڪرڻ ڇڏي ڏي،پنهنجي حڪومت جي ناڪام معاشي پاليسين جو حساب ڏئي،هن چيو ته عوام پاڪستان پارٽي کي عوامي مسئلن جي ڄاڻ ئي ناهي،ڪراچي جي روڊن تي پ پ جو ڪم ڳالهائي رهيو آهي،تنقيد ڪندڙن کي پنهنجي عينڪ تبديل ڪرڻ گهرجي،