اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جڊيشل ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 3 ججن جي بدلي جي منظوري ڏئي ڇڏي، ٽنهي ججن جي بدلي جا فيصلا اڪثريتي راءِ سان ڪيا ويا. چيف جسٽس آف پاڪستان جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو. ذريعن موجب فيصلو اڪثريتي راءِ سان ٿيو، جڊيشل ڪميشن جي 9 ميمبرن جسٽس محسن اختر ڪياني جي بدلي جي حق ۾ ووٽ ڏنو. جڊيشل ڪميشن اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني کي لاهور هاءِ ڪورٽ بدلي ڪرڻ جي منظوري ڏني. جڊيشل ڪميشن جسٽس بابر ستار کي پشاور هاءِ ڪورٽ بدلي ڪري ڇڏيو، سندس بدلي جو فيصلو به اڪثريتي راءِ سان ڪيو ويو. جڊيشل ڪميشن جسٽس ثمن رفعت امتياز جي سنڌ هاءِ ڪورٽ بدلي جي منظوري به ڏني. ذريعن موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس، جسٽس ارباب محمد طاهر ۽ جسٽس خادم سومري جي بدلي جي سفارش واپس وٺي ڇڏي.
ججن جون بدليون عدليه تي حملو آهي:بئريسٽر گوهر
اسلام آباد(بيورو)پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو آهي ته ججن جو موقف ٻڌڻ کانسواءِ پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي بدليون عدليه تي حملو آهن، ته ججن جو موقف ٻڌڻ کانسواءِ سندن تبادلا ڪرڻ عدليه تي حملو ڪرڻ جي برابر آهي،اسلام آباد ۾ سپريم ڪورٽ ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته جوڊيشل ڪميشن جي اجلاس ۾ ججن جون بدليون اڪثريت سان منظور ڪيون ويون،هن چيو ته ججن جون بدليون آزاد عدليه جي تصور جي ابتڙ آهي، ۽ جڏهن سڀني هاءِ ڪورٽن ۾ ججن جي انگ مڪمل آهي ته اهڙو قدم عدليه کي ورهائڻ جي برابر آهي۔بيرسٽر گوهر وڌيڪ چيو ته ججن جي تبديلي کان اڳ واضح قاعدا ٺاهڻ گهرجن ها، ۽ 26هين آئيني ترميم کانپوءِ پهرين ئي جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ اهڙو فيصلو ڪيو ويو هو۔پي ٽي آءِ سينيٽر علي ظفر چيو ته ججن جي بدنيتي سان بدلي آئين جي خلاف آهي 5 ججن عدالت عظميٰ کي خط لکيو هو۔
عدليه جي تباهي ۾ اسان سڀ شريڪ آهيون:سينيٽر ڪامران مرتضيٰ
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) جي يو آءِ سينيٽر ڪامران مرتضيٰ چيو آهي ته ماضي جي عدليه به ڪمپرومائزڊ هئي هينئر به ايئن ئي آهي،ماضي ۾ ان قسم جا سوال اٿندا هئا،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته مسلم ليگ ن هجي يا پي ٽي آءِ ٻنهي کي سمجهڻو پوندو ته جيڪڏهن عدليه ماضي ۾ غلط ڪيو ته ان جو مطلب اهو ناهي ته توهان اڄ جي عدليه کي تباهه ڪري ڇڏيو،اڄ واري عدليه جي بربادي ۾ اسان سڀ شريڪ آهيون،ان کان اڳ واري عدليه ۾ ڪو ٻيو شريڪ هو،اسان سڀني گڏجي هن عدليه کي تباهه ڪيو آهي،ان جو نتيجو الله نه ڪري ملڪ جي خرابي جي صورت ۾ نڪرندو،هن چيو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ٽن ججن کي ان ڪري بدلي ڪيو ويو ته اهي تنگ اچي استعيفيٰ ڏين،ن ليگ اڳواڻ سينيٽر افنان الله خان چيو ته اسان جيڪي حالتون ڇڏي وينداسين گهٽ ۾ گهٽ 2018 کان بهتر هونديون،جسٽس ثاقب نثار جڊيشل مافيا بڻائي رکي هئي،هم خيال بئنچ بڻائي مرضي وارا فيصلا ڪيا ويندا هئا