اسلام آباد (بيورو رپورٽ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي اي ٽربيونل جي فنانس ميمبر جي عدم مقرري جي ڪيس ۾ وزيراعظم کي حڪم ڏنو آهي ته 18 مئي تائين ميمبر جي مقرري نه ٿي ته وزيراعظم کي ذاتي حيثيت ۾ پيش ٿيڻو پوندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن 18 مئي تائين پي ٽي اي ٽربيونل ميمبر جي مقرري نه ٿي ته وزيراعظم ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ پيش ٿئي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني ٽيلي ڪميونيڪيشن اپيليٽ ٽربيونل جي فنانس ميمبر جي مقرري نه ٿيڻ خلاف ڪيس جي ٻڌڻي کان پوءِ هڪ تحريري حڪم جاري ڪيو. حڪم ۾ چيو ويو آهي ته اسسٽنٽ اٽارني جنرل جي مطابق حڪومت اعتراضن سان مقرري جي سمري واپس موڪلي ڇڏي آهي. گذريل چئن ٻڌڻين کان وٺي، وفاقي حڪومت فنانس ميمبر جي مقرري لاءِ وقت گهري رهي آهي، تنهن ڪري وفاقي حڪومت کي فنانس ميمبر جي مقرري لاءِ هڪ ٻيو موقعو ڏنو وڃي ٿو. عدالت چيو ته جيڪڏهن فنانس ميمبر مقرر نه ڪيو ويو ته وزيراعظم، ڪابينا سيڪريٽري ۽ قانون سيڪريٽري سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿين ۽ ميمبرن جي مقرري ۾ رڪاوٽن جي وضاحت ڪن. ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته هڪ رٽائرجج مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن تي جسٽس محسن اختر ڪياني ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏنا ته رٽائر ججن وڌيڪ ٻيڙي ٻوڙي ڇڏي آهي، جن کي ٽربيونلز ۾ وڃڻ جو وڌيڪ شوق آهي. رات جو جڏهن اهي پنهنجن ججن کي ياد ڪندا آهن ته انهن کي سمهڻ نه ڏيندا آهن. جيڪڏهن ڪنهن جي دل چاهي ٿو ته اين آءِ آر سي ۾ شامل ٿي ويندو آهي، جڏهن ته ڪو ٻيو ڪنهن ٻئي ٽربيونل ۾ شامل ٿي ويندو آهي.