بااختيار مڪاني نظام جو مطلب ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ ناهي:قيصر بنگالي

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)معاشي ماهر ڊاڪٽر قيصر بنگالي چيو آهي ته جڏهن پاڪستان وجود ۾ آيو سنڌ ۾ ڪراچي کي الڳ ڪرڻ جو هڪ بحث هليو هو،47 ع کان اڳ ڪراچي ۾ رهندڙ ماڻهو ڪراچي کي سنڌ کان الڳ ڪرڻ خلاف جدوجهد ڪندا رهيا آهن،هن چيو ته اسان ڪراچي جي ڳالهه نٿا ڪريون،اسان چئون ٿا ته مڪاني نظام  بااختيار هئڻ گهرجي پر اسان جا ”بااختيار مڪاني حڪومت“ وارا لفظ انهن جي ڪنن ۾ ترجمو ٿي ”ڪراچي الڳ هئڻ گهرجي“ ٻڌڻ ۾ اچن ٿا،هن چيو ته گذريل ٻن ڏينهن کان مان سنڌي قوم پرستن جا فون ٻڌي رهيو آهيان،اهي چون ٿا ته اسان مڪاني نظام خلاف مظاهرو ڪنداسين،مون انهن کي چيو ته لوڪل گورنمينٽ خلاف مظاهرو ڇو ٿا ڪريو؟ڇا لاڙڪاڻي جون حالتون ڪراچي کان  بهتر ٿي ويون آهن؟هن چيو ته لاڙڪاڻي جي حالت ته شرم ڏيارڻ واري آهي،لاڙڪاڻي ۾ 5 هزار سال اڳ پاڻي،سيوريج جي حل جي خبر هئي اڄ هر ٻي گهٽي ۾ سيوريج جوپاڻي بيٺو آهي

8u

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.