حيدرآباد (رپورٽر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو چيو آهي ته سڄي دنيا ۾ پکڙيل سنڌي ماڻھو سنڌ ۾ ويٺل نوجوانن کي اعليٰ تعليم ۽ روزگار جا موقعا فراھم ڪرڻ ۾ مدد ڪن، سنڌ قدرتي وسيلن سان مالامال ڌرتي جا نوجوان خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھن، بک، بدحالي ۽ بيروزگاري جو راڪاس زندگيون ڳڙڪائي رھيو آھي، سنڌين کي پنهنجي وطن ۾ اقليت ۾ تبديل ٿيڻ جو خطرو آھي، سنڌين کي طاقت بڻجڻ، عورتن ۽ مردن جي برابري کپي، سنڌ ۾ عورتون غير محفوظ آھن، لنڊن ۾ سنڌي ڊاڪٽرز ايسوسئيشن آف يوڪي جي آجياڻي واري تقريب کي خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي چيو ته اوھان پرڏيھه ۾ رھندڙ انھن ماڻھن کان بھتر آھيو، جيڪي پاڻ ڪنھن نه ڪنھن طريقي سان چڱي شعبي يا بھتر ملڪ ۾ پھچي، پوءِ پنھنجي ڪروڙين محروم ۽ مظلوم وطن واسين کان لاتعلق ٿي، ذاتي ترقيءَ، فيملي اسٽيٽس ۽ مزن جي ڊوڙ ۾ مصروف ٿي وڃن ٿا، سنڌ جي نوجوانن کي سياسي سجاڳي، تعليمي ميدان ۾ اڳتي اچڻ، صحت جي سهولتن کي بهتر ڪرڻ ۽ ماحولياتي تحفظ لاءِ سنجيده قدم کڻڻ گهرجن، سنڌ جي ترقي صرف سياست، تعليم ۽ انصاف سان ممڪن آهي ۽ هر فرد کي پنهنجي وطن جي بھتري لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.