صحافت ڇڏي سياست ۾ داخل ٿيندڙ اقرار الحسن جي ايف آءِ اي اهلڪار سان بدتميزي

لاهور(عوامي آواز نيوز)سوشل ميڊيا تي تازو صحافت ڇڏي عوام راڄ تحريڪ  پارٽي ٺاهيندڙ اينڪر اقرار الحسن جي لاهور ايئرپورٽ تي هڪ ايف آءِ اي اهلڪار سان بدتميزي جي وڊيو وائرل آهي،اقرار الحسن تيز آواز ۾ ايف آءِ اي اهلڪار تي دٻاءُ وجهي معافي جو مطالبو ڪري رهيو آهي جڏهن ته اهلڪار شائستگي  ۽ تحمل سان کيس جواب ڏئي رهيو آهي،اقرار الحسن جي دعويٰ آهي ته مون کي ساٿي جنيد شاهه ٻڌايو ته ايف آءِ اي اهلڪار چيو ته اقرار الحسن جو حشر به گلوڪار ۽ سياستدان جواد احمد(چيئرمين برابري پارٽي) جهڙو ٿيندو،مليحيه هاشمي ايڪس(ٽوئيٽر) تي لکيو ته هي آهي اقرار الحسن جي مڪمل وڊيو، جنهن ۾ هن ايف آءِ اي جي آفيسر سان انتهائي بدتميزي ڪندي کيس هراسان ڪيو۔اقرار الحسن جو چوڻ آهي ته ايف آءِ اي آفيسر پنهنجي ساٿي کي چيو ته ‘هي به جواد احمد وانگر ذليل ٿيندو’۔تنهنڪري هن ان ڳالهه کي رياست کي گاري ڏيڻ سان تعبير ڪيو۔اقرار الحسن ڪڏهن کان رياست بڻجي ويو آهي؟”وسيم عباسي لکيو ته هاڻي سمجه آئي اصل راند ڇا آهي؟ايئرپورٽن تي عوام کي ڇو ذليل ڪيو پيو وڃي؟.فياض شاهه لکيو ته اقرار الحسن جي بيانن ۾ هتي تضاد نظر اچي ٿو.هڪ ڏينهن هو ٽوئيٽ ڪري چوي ٿو ته ايف آءِ اي اهلڪار کيس گار ڏني آهي ۽ هن وٽ ثبوت به موجود آهي، پر پوءِ وڊيو ۾ اهڙو ڪو به واضح ثبوت نظر نٿو اچي. هاڻي هو پاڻ ئي چئي رهيو آهي ته “مون وٽ ڪو به ثبوت ناهي ته مان ثابت ڪري سگهان ته گار ڏني وئي هئي،اينڪر ثمينه پاشا لکيو ته اقرار الحسن کي غير ضروري ردعمل ڏيڻ جي ضرورت نه هئي. اهلڪار اقرار الحسن کي ڪا به گار نه ڏني هئي ۽ نه ئي کيس سڌو سنئون مخاطب ڪيو هو. جيڪڏهن اهلڪار اهو چيو ته “هن جو حال جواد احمد کان به خراب ٿيندو” ته ان تي اعتراض جواد احمد کي ٿيڻ گهرجي.پ پ اڳواڻ نديم افضل چن لکيو ته جڏهن توهان سياست ۾ ايندا آهيو ته سڀ ڪجهه ٻڌڻو پوندو آهي. همت رکو ڀاءُ.صحافي اسدالله خان لکيو ته اهو لڳي ٿو ته اقرار ڀاءُ پاڻ کي جواد احمد چوڻ کي ئي گار سمجهي ورتو آهي.هرميت سنگهه لکيو ته هي بدتميزي ڪندڙ شخص جيڪو هڪ سرڪاري آفيسر تي رڙيون ڪري پنهنجي اخلاقيات ڏيکاري رهيو آهي، پاڻ کي نام نهاد ليڊر ظاهر ڪري ٿو.ايف آءِ اي جو اهلڪار واقعي تمام سٺي شخصيت جا مالڪ آهي سبي ڪاظمي لکيو ته حالت اهڙي ٿي چڪي آهي جو عوام وٽ هاڻي صرف اهو ئي معيار بچيو آهي ته جيڪو به هن نظام ۽ ان کي آڻيندڙ ماڻهن يا انهن جي حمايت ڪندڙن جي مخالفت ڪندو، عوام ان کي ئي هيرو بڻائي ڇڏيندي. ثاقب کرل لکيو ته جيڪڏهن ساڳيو ئي ايف آءِ اي اهلڪار اقرار کي چوي ها ته “توهان تمام سٺو ڪم ڪري رهيا آهيو” ۽ ساڻس سيلفي وٺي ها، ۽ اها سيلفي ٽوئٽر يا فيس بڪ تي اچي ها، ته اهو نوجوان تمام سٺو ٿي وڃي هاعائشه افق لکيو ته منهنجي خيال ۾ هاڻي اهو ايف آي اي آفيسر پاڪستان ۾ اقرار الحسن کان به وڌيڪ مشهور ٿي ويو آهي،آصف خان احمداني لکيو ته ايف آءِ اي واري اڳڪٿي ڪئي ته هي جواد احمد جهڙو بڻجي ويندو،اقرار الحسن اتي ئي هن جي اڳڪٿي سچ ڪري ڏيکاري،اهو هوندو آهي ويزن،پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گل لکيو ته هن عام اهلڪار جي جاءِ تي ڪو ميجر يا ڪرنل هجي ها ته توهان جو آواز نه نڪري ها ۽ خاموشي سان لنگهي هليا وڃو ها،اينڪر اطهر ڪاظمي چيو ته اقرار الحسن هڪ شخص کي جيڪو وردي ۾ آهي ان تي تنقيد ڪري رهيو آهي،پر جتي تنقيد ڪرڻ گهرجي اتي تنقيد نه پيو ڪري،موجوده نظام توهان کي جمهوري نظر اچي رهيو آهي؟بلاول ڀٽو ۾ توهان کي ڪهڙو جمهوري شخص نظر اچي ٿو؟سڀ گڏجي عمران خان تي چڙهائي ڪري رهيا آهن،نوازشريف فورس پاران لکيو ويو ته ڇا ان يوٿئي کي اڃا معطل ڪيو ويو آهي يا نه؟طارق متين چيو ته اقرار الحسن ايف آءِ اي اهلڪار تي جيڪو الزام هنيو ان جو هڪ به ثبوت نه ڏئي سگهيو،سيد ذيشان اقرار الحسن کي جواب ۾ لکيو ته جيڪڏهن ايف آءِ اي اهلڪار ڪجهه ڳالهايو ته غلط ڪيو پر توهان هڪ لائن تي ڇو شارٽ ٽيمپرڊ ٿي ويا سرڪار؟رهي ڳالهه وردي ۾ سياست جي ته قسم کڻو ته توهان کي خبر ناهي ته وردي ۾ سياست ڪير ڪري رهيو آهي؟ايئن رڙيون ڪري انهن جو به نالو کڻو،جڏهن ته ٽي وي پروگرام ۾ اينڪر عمر دراز گوندل اقرار الحسن کان سوال ڪيو ته توهان ڪيئن فرض ڪري ورتو ته هو پي ٽي آءِ جو سپورٽر آهي؟توهان هڪ اعتراض جوڳو لفظ به ڳالهايو هو،هن چيو ته جيڪڏهن اهو شخص چئي ها ته توهان جو حال عمران خان،نوازشريف يا زرداري جهڙو ٿيندو ته پوءِ توهان کي اعتراض نه ٿئي ها؟ڊگهي خاموشي کانپوءِ اقرار الحسن چيو ته ڳالهه رڳو جملي جي حد تائين ناهي ان جملي ۾ ڪيتري تذليل آهي،فيملي آڏو تذليل وارو جملو چيو ويو،هن چيو ته جواد احمد عمران خان کان هزار ڀيرا بهتر آهي،صحافي امتياز چانڊيو لکيو ته اقرار الحسن سياست ۾ آيو آهي ته هر ڳالهه تي هاڻي مخالفن کي جذباتي يا ڪئميرا ڏيکاري ڊيڄارڻ جي ڪوشش بدران پنهنجي شائستگي سان قائل ڪري ته بهتر،ايئرپورٽ وڊيو ثابت ڪري رهي آهي ته هن ۾ برداشت ناهي،اينڪر منيب فاروق لکيو ته هڪ نئين سياسي پارٽي جي چيئرمين کي ايئرپورٽ اهلڪار مذاق ۾ يا شايد سنجيدگي ۾ ٽوڪ جو نشانو بڻايو،نسيم کيرا لکيو ته اسان هميشه قوم کي ايف آءِ اي کان ناراض ئي ڏٺو آهي پهريون ڀيرو ڏسي رهيا آهيون ته قوم ايف آءِ اي اهلڪار سان بيٺي آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.