بيمار صحافي عبداش پنهور جي علاج جو سوال

رپورٽون آهن ته سنڌ جو سينئر صحافي، اڳوڻو شاگرد اڳواڻ عبداش پنهور ڳلي جي بيماري سبب دوڙ ويجهو پنهنجي اباڻي ڳوٺ دولو ۾ گهر اندر بستري تي پيل آهي. عبداش پنهور جي خاندان وارن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن سنڌ حڪومت مدد ڪري ته اسان سندس ڪراچي ۾ علاج ڪرائڻ چاهيون ٿا. تنهن ڪري  حڪومت کي گهرجي ته سرڪاري خرچ تي ڪراچي جي ڪنهن بهتر اسپتال مان علاج ڪرائي. عبداش پنهور سان رپورٽن موجب ڪجهه صحافتي تنظيمن، سندس صحافي ۽  سياسي دوستن رابطو ڪيو آهي ۽ سندس وارثن کي خاطري ڪرائي آهي ته عبداش پنهور جو ڪراچي مان علاج ڪرائڻ لاءِ  ڪوششون وٺي رهيا آهيون پر جيڪڏهن عبداش پنهور سان ڪنهن رابطو ناهي ڪيو ته اها سنڌ حڪومت آهي.

اسان جو خيال آهي ته سنڌ حڪومت کي سينئر، نظرياتي ۽ ڪميٽڊ صحافي عبداش پنهور جي علاج لاءِ فوري طور تي ساڻس رابطو ڪرائڻ گهرجي. جيڪڏهن علاج ۽ دوائون سستيون هجن ته جيڪر حڪومتن کي گذارش ڪرڻ جي ضرورت ئي محسوس نه ٿئي پر حڪومتون ئي ان مهانگي علاج ۽ مهانگين ٽيسٽن ۽ دوائن جون ذميوار آهن. اها به حقيقت آهي ته عوام جي  علاج جي آخري ذميواري به حڪومتن مٿان هوندي آهي. ان معيار تي به اهو حڪومت جو ئي ڪم  آهي ته اها ماڻهن جي علاج  کي يقيني بڻائڻ جو انتظام ڪري. ٻئي حوالي سان ڏسجي ته اڄ جي دور ۾ صرف علاج، دوائون ۽ ٽيسٽون ئي مهانگيون ناهن پر مجموعي  طور تي مهانگائي به چوٽ چڙهيل آهي. ٻيو ته ڇڏيو پر اسپتالن ڏانهن اچڻ وڃڻ به مهانگو سفر ٿي ويو  آهي. ان صورت حال ۾ جڏهن  هڪ سينئر صحافي جيڪو علاج نه ڪرائي سگهڻ سبب هڪ ڳوٺ ۾ گهر جي کٽ تي پيل آهي تنهن جي مالڪي صحافتي ۽ سياسي تنظيمن جي ٿئي ٿي ته اهي سندس علاج لاءِ اڳڀرائي ڪن ۽ حڪومت کي مجبور ڪن ته اها پنهنجي سرڪاري خرچ تي  صحافي جو علاج ڪرائي.

هن وقت تائين جيڪي رپورٽون مليون آهن تنهن ۾ سٺي اڳڀرائي اها نظر آئي آهي ته ڪجهه صحافتي تنظيمن، صحافين توڙي سياسي دوستن عبداش پنهور سان رابطو ڪيو آهي ۽ سندس علاج لاءِ ڪوششون ورتيون آهن جنهن بابت  اميد آهي ته  اهي ڪامياب ٿينديون. اهڙين ڪوششن ۾ عوامي آواز ميڊيا گروپ جو هي ايڊيٽوريل به شامل آهي. هن ايڊيٽوريل ذريعي عوامي آواز ميڊيا گروپ به سينئر، نظرياتي ۽ ترقي پسند صحافي جي علاج جو مطالبو ڪري ٿو. اسان هن ايڊيٽوريل ذريعي عبداش پنهور سان مخاطب ٿي نه صرف سندس  عيادت ڪريون ٿا پر کيس  اها به دلجاءِ ڏيون ٿا ته اسان سڀ ساڻس گڏ آهيون، ان ڪري عبداش پنهور کي ڪنهن به پل پاڻ کي اڪيلو  نه سمجهڻ گهرجي.

سو اچو ته اسين سڀ عبداش پنهور جي مالڪي ڪريون. اسان سڀ مان مراد سڀ صحافتي تنظيمون، ميڊيا جا ادارا ۽ سنڌ حڪومت شامل آهي. سڀني کي عبداش پنهور جي علاج لاءِ پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، جنهن جي يقينن شروعات سٺي ٿي آهي. باقي انفرادي طور تي اسان پنهنجن صحافين ۽ اديبن کي به اپيل ڪنداسين ته اهي پنهنجي حصي جي به ذميواري ادا ڪن ۽ ڪوشش ڪن ته پنهنجي صحت جو خاص خيال ڪن ۽ بيمارين جو فوري طور تي علاج ڪرائڻ جو سوچين ته جيئن دير نه ٿي وڃي. ٻيو ته خود حڪومتن کي به گهرجي ته اهي اهڙو انتظامي نظام جوڙين جو ملڪ جي وڏن اديبن، صحافين، فنڪارن، ڳائڻن ڳائڻين، اداڪارن، اداڪارائن، موسيقارن وغيره جي مالڪي جو احساس ٿئي. اسان هميشه سنڌ حڪومت کي تجويزون ڏيندا رهيا آهيون ته فنون لطيفه سان تعلق رکندڙ اثاثن جي علاج لاءِ هڪ  يا ٻه وڏيون اسپتالون سنڌ ۾ ٺاهڻ گهرجن جن ۾ صرف انهن ليکڪن ۽ فني شخصيتن جو ائين علاج ٿئي جيئن وڏا ادارا پنهنجن ملازمن کي ”ميڊيڪل پينل“ جي سهولت ڏيندا آهن پر اسان جي صحافين کي اهڙي سهولت ميڊيا جي ادارن طرفان به ناهي مليل. ٿيڻ ايئن گهرجي ته ميڊيا جا ادارا ميڊيڪل پينل جي سهولت ڏيڻ جو انتظام ڪن، اهڙو  انتظام  اهي ادارا سنڌ حڪومت سان گڏجي به ڪري سگهن ٿا. پر هتي عام طور تي ٿيندو ائين آهي ته حڪومت يا ثقافت کاتو علاج جا خيرات نما پيسا ڏئي ڇڏيندا آهن جيڪو عمل درست ناهي. ويجهڙ م  پنجاب حڪومت ملڪ جي نامياري صحافي امتياز عالم کي علاج لاءِ ڪجهه لک موڪليا ته هن اهي وٺڻ کان انڪار ڪيا ۽ چيو ته مون کي مالي مدد جي نه پر علاج جي ضرورت آهي. سو حڪومت کي منهنجو علاج ڪرائڻ گهرجي.

اسان سمجهون ٿا ته اها گهرج هر خود دار  اديب، صحافي ۽ فنڪار جي هئڻ گهرجي ۽ ٻئي پاسي حڪومت جي به ان نوعيت جي پاليسي هئڻ گهرجي ته اها اهڙو صحت جو انتظام ڪري جيئن مهانگو علاج نه ڪرائي سگهندڙ صحافي،ا ديب، فنڪار ۽ اداڪار وغيره جو حڪومت ئي علاج ڪرائي سگهي. اهڙو مطالبو حڪومتن کان هر دور ۾ ٿيندو رهيو آهي پر حيرت آهي ته حڪومتن ان حوالي ۾ ڪو درست رخ ۾ انتظام نه ڪري سگهي آهي. علاج لاءِ پيسا ڏيڻ سان وري اهو فرق به ظاهر ٿيندو آهي ۽ شڪايت  پيدا ٿيندي آهي ته ڦلاڻي ٻوليءَ يا صوبي سان تعلق رکندڙ صحافي ۽ اديب کي گهڻا پيسا ڏنا ويا جڏهن ته ڦلاڻي صوبي ۽ ٻولي سان تعلق رکندڙ صحافي، اديب يا فنڪار کي نظر انداز ڪيو ويو. اهڙين شڪايتن کي روڪڻ جو به اهو ئي طريقو آهي ته حڪومت پيسا ڏيڻ بدران پاڻ علاج جو ذمو کڻي.

سو اهي سڀ  تجويزون پنهنجي جاءِ  تي پر في الحال فوري طور تي ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عبداش پنهور جو سنڌ حڪومت پاڻ علاج ڪرائڻ توڙي سندس سفري خرچ جا پيسا به پاڻ مهيا ڪري ته جيئن سندس وارث کيس ڪراچي آڻي سگهن ۽  سندس علاج ڪرائي سگهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.