تهران/ماسڪو(ع آ نيوز) ايراني پرڏيهي وزير دعويءڪئي آهي ته آمريڪا وڌيڪ ڳالهين جي درخواست ڪئي آهي، جنهن تي تهران غور ڪري رهيو آهي. سينٽ پيٽرزبرگ ۾ صحافين سان ڳالهائيندي، عراقچي چيو ته ايران "دنيا جي سڀ کان وڏي سپر پاور آمريڪا جي خلاف مضبوطيءَ سان بيٺو آهي.هن وڌيڪ چيو ته واشنگٽن پنهنجو هڪ به مقصد حاصل نه ڪيو آهي. اهو ئي سبب آهي ته هن وڌيڪ ڳالهين جي درخواست ڪئي آهي ۽ اسان ان تي غور ڪري رهيا آهيون، واشنگٽن طرفان فوري طور تي ڪو به تبصرو نه ڪيو ويو آهي. ايراني پرڏيهي وزير ڪريملن جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته جنگ ڏيکاريو آهي ته ايران جا "روس وانگر عظيم دوست ۽ اتحادي” آهن.ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي سينٽ پيٽرزبرگ ۾ روسي صدر ولاديمير پيوٽن سان ملاقات ڪئي.روسي ميڊيا موجب پيوٽن چيو ته کيس ايران جي سپريم ليڊر جو پيغام مليو آهي، سندس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيان ٿو. هن چيو اميد ته ايراني عوام هن ڏکئي دور مان گذري ويندو ۽ امن قائم ٿيندو، ايران ۽ خطي جي ملڪن جي مفادن ۾ جيڪو ممڪن ٿيو ڪنداسين. سندس چوڻ هو ته روس ايران سان اسٽريٽجڪ لاڳاپن کي جاري رکڻ جو ارادو رکي ٿو. ملاقات ۾ ايراني پرڏيهي وزير چيو ته روس – ايران لاڳاپا اسٽريٽجڪ ڀائيواري تي ٻڌل آهي، جيڪي وڌيڪ مضبوط ٿيندا رهندا.
واشنگٽن(ع آنيوز) ايران، آمريڪا وچ ۾ جنگ بندي جي مهلت اڄ ختم ٿي رهي آهي. ٽرمپ اڄ ايراني جنگ بندي جي تجويزن جو جائزو وٺڻ جو امڪان آهي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڄ صورتحال جي اجلاس ۾ ايراني جنگ بندي جي تجويزن جو جائزو وٺڻ جو امڪان آهي.ايراني تجويزون پاڪستاني ذريعن ذريعي آمريڪا تائين پهتيون آهن. ايران ايٽمي هٿيارن تي ڳالهيون ملتوي ڪندي آبناءِ هرمز کي کولڻ جي آڇ ڪئي آهي. ٽرمپ جي صدارت هيٺ اجلاس وائيٽ هائوس جي ويسٽ ونگ ۾ انٽيليجنس ڪمپليڪس جي گرائونڊ فلور تي منعقد ٿيندو. اجلاس ۾ قومي سلامتي ۽ پرڏيهي پاليسي ٽيمون شرڪت ڪنديون.اخبار موجب، آمريڪا اڃا تائين ايراني تجويزن تي آخري فيصلو نه ڪيو آهي. جڏهن اخبار سان رابطو ڪيو ويو ته وائيٽ هائوس جواب ڏنو ته اهي اهم ۽ حساس سفارتي معاملا آهن، آمريڪا ميڊيا ذريعي ڳالهيون نه ڪندو.