واشنگٽن (ع آ نيوز) وائيٽ هائوس جي صحافين جي ايسوسيئيشن جي سالياني ڊنر تقريب دوران اوچتو فائرنگ جو واقعو پيش آيو، جنهن کانپوءِ صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ خاتون اول کي فوري طور محفوظ هنڌ منتقل ڪيو ويو. پرڏيهي ميڊيا موجب تقريب واشنگٽن هلز ۾ جاري هئي ته اوچتو زوردار آواز ٻڌا ويا، جنهن تي اتي موجود ماڻهو خوف وچان ميزن هيٺان لڪي ويا، جڏهن ته سيڪيورٽي اهلڪار فوري طور صدر ٽرمپ کي گهيرو ڪري ٻاهر وٺي ويا. واقعي کانپوءِ اعليٰ اختيارين کي به فوري طور ٻاهر ڪڍيو ويو، جن ۾ آمريڪي خاتون اول، نائب صدر جي ڊي وينس، ڪابينا ميمبر ۽ ٻيا موجود هئا. سيڪيورٽي اهلڪارن شڪي حملي آور کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته 31 ورهين جو حملي آور ڪيليفورنيا رياست جو رهواسي آهي. واشنگٽن ۾ سالياني وائيٽ هائوس ڪرسپنڊنٽس ڊي تقريب دوران فائرنگ ڪندڙ شڪي شخص جي سڃاڻپ ٿي وئي آهي. آمريڪي نشرياتي اداري ‘سي اين اين’ جي رپورٽ موجب، واقعي ۾ ملوث 31 سالن جي شخص جو نالو ڪول ٿامس ايلن آهي، جيڪو آمريڪي رياست ڪيليفورنيا جو رهواسي آهي. هن کي سومر تي عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جنهن کان پوءِ هن تي ڏوهه جو الزام لڳايو ويندو. سي اين اين جي مطابق فائرنگ دوران واشنگٽن هيلٽن هوٽل جي بال روم ڏانهن ڊوڙندي کيس حراست ۾ ورتو ويو، پر اتي موجود سيڪيورٽي آفيسرن بروقت ڪارروائي ڪندي کيس روڪيو. برطانوي نيوز ايجنسي ‘رائٽرز’ جي مطابق، ڪول ٿامس ايلن ڪو عادي ڏوهاري نه پر هڪ اعليٰ تعليم يافته انجنيئر ۽ استاد آهي. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي مطابق، ڊسٽرڪٽ آف ڪولمبيا پوليس چيف انڪشاف ڪيو آهي ته شروعاتي جاچ مان ظاهر ٿئي ٿو ته شڪي شخص واشنگٽن هيلٽن هوٽل ۾ مهمان طور رهي رهيو هو جتي سالياني تقريب منعقد ٿي رهي هئي، پر حملي جا اصل مقصد يا سبب اڃا تائين طئي نه ٿيا آهن. آفيسرن موجب، شڪي شخص تي فائرنگ، غير قانوني هٿيار رکڻ ۽ ٻين سنگين ڏوهن جا الزام لڳايا ويندا. ٻئي طرف، صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي شڪي شخص جي تصوير ۽ سيڪيورٽي ڪئميرا فوٽيج جاري ڪئي آهي جنهن ۾ شفافيت برقرار رکڻ لاءِ فائرنگ جي شروعات ڏيکاري وئي آهي. صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته هو هي معلومات عوام تائين پهچائي رهيو آهي ته جيئن هن معاملي ۾ ڪو به شڪ نه رهي. جاچ ايجنسيون هاڻي جاچ ڪري رهيون آهن ته شڪي شخص جي ڪارروائي جا ڪهڙا مقصد هئا ۽ ڇا هو ڪنهن تنظيم سان لاڳاپيل هو يا اهو هڪ انفرادي ڪارروائي هئي. شڪي شخص هن وقت پوليس جي حراست ۾ آهي ۽ اسپتال مان فارغ ٿيندي ئي کيس جيل منتقل ڪيو ويندو.