اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) پاڪستان ايران کي واپار ۾ سهولت ڏيڻ لاءِ وڏو فيصلو ڪندي، پاڪستان جي ذريعي ڪنهن ٽئين ملڪ ڏانهن ايران کي واپار جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي۔واپار واري وزارت پاڪستان جي ذريعي سامان جي ٽرانزٽ آرڊر 2026 جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي۔نوٽيفڪيشن موجب وفاقي حڪومت امپورٽ، ايڪسپورٽ ڪنٽرول ايڪٽ 1950 ۾ ترميمون ڪري ڇڏيون آهن، ۽ اهو حڪم فوري طور لاڳو ٿيندو۔نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته هي حڪم انهن ٽرانزٽ شين جي آمدورفت تي لاڳو ٿيندو جيڪي ڪنهن ٽئين ملڪ مان روانيون ٿينديون، ۽ اهي شيون پاڪستان جي ذريعي ايران جي ڪنهن هنڌ تائين پهچايون وينديون۔پاڪستان طرفان سامان جي آمدورفت لاءِ رستن جو به تعين ڪيو ويو آهي، جن ۾ گوادر، پورٽ قاسم، لياري، اورماڙا، پسني ۽ گبد شامل آهن۔نوٽيفڪيشن موجب ڪراچي پورٽ قاسم، خضدار، دالبندين، تفتان، گوادر ۽ تربت جا رستا به هن حڪم جو حصو آهن، جڏهن ته هوشاب، پنجگور، ناگ، بيسيمه، خضدار، ڪوئٽه/لڪ پاس ۽ نوڪنڊي جا رستا به شامل ڪيا ويا آهن۔نوٽيفڪيشن مطابق سامان جي آمدورفت ڪسٽمز ايڪٽ 1969 تحت ٺاهيل قاعدن ۽ ايف بي آر پاران مقرر ڪيل طريقيڪار موجب ٿيندي۔