سنڌ ۾ ڪمزور حڪمراني،ڪرپشن،اقرباپروري خلاف جدوجهد ڪرڻي پوندي:اياز پليجو

حيدرآباد /لنڊن(پ ر) قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجو  لنڊن ۾ سنڌي ڊائسپورا ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو اوھان صرف ٻاهرين ملڪ رهندڙ ماڻهو ناهيو، پر ملڪ ۽ قوم جي سڃاڻپ، تهذيب ۽ جدوجهد جا نمائندا آهيو اوھان محنت سان دنيا ۾ مقام حاصل ڪيو آهي، پر پنهنجي ڌرتيءَ سان محبت ڪڏهن به نه ڇڏي آهي. سنڌ صرف هڪ صوبو ناهي، پر هڪ تاريخ، هڪ تهذيب ۽ هڪ زنده احساس آهي.هن چيو ته اسان کي اها حقيقت نه  وسارڻ گهرجي ته اڄ جي سنڌ مختلف مسئلن، ناانصافين ۽ استحصال کي منهن ڏئي  رهي آهي اسان جي وسيلن ۽ پاڻي تي قبضو آهي ۽ نوجوان بيروزگار آهن تعليم ۽ صحت جون اڻپوريون سهولتون ۽ گورننس جون ڪمزوريون هر هنڌ عام آهن اسان مسئلن کي صرف شڪايت طور نه ڏسون، پر انهن جي حل لاءِ منظم جدوجهد ڪريون،هن چيو ته  سنڌ جي عوام کي پنهنجي حقن لاءِ جمهوري ۽ آئيني دائري ۾ رهندي آواز بلند ڪرڻي پوندي اهڙي سياسي نظام جي ضرورت آهي، جيڪو شفاف هجي، جوابده هجي ۽ عوامي مفاد کي ترجيح ڏئي ڪرپشن، اقربا پروري ۽ اختيارن جي ناجائز استعمال خلاف مضبوط جدوجهد ڪرڻي پوندي،هن چيو ته سنڌ ۾ عورتن لاءِ ڌرتي عذاب بڻائي وئي آهي،  سنڌ ۾ غيرت جي نالي تي عورتن کي قتل ڪيو وڃي ٿو سنڌ جي سردارن، وڏيرن، ڀوتارن ۽وڏيرن، يا مائٽن کي اهو اختيار ڪنهن ڏنو آهي ته عورتن کي ڪارو ڪاري جي نالي ۾ قتل ڪيو هن چيو ته  جيڪڏهن پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت کان پري ٿي وياسين ته  اسان جي سڃاڻپ ڪمزور ٿي ويندي سڀ گڏجي سنڌ ۽ پاڪستان ۾ برابري، انصاف ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.